بلوچستان: ٽن مهينن کان پوءِ ريل سروس جزوي طور بحال، مسافر مڇ کان پشاور روانا

فائيل فوٽو

ٽن مهينن کان پوءِ بلوچستان ۾ ريلوي سروس بحال ڪئي وئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪوئٽه کان پشاور واري جعفر ايڪسپريس آچر ڏينهن مڇ کان رواني ٿي. ريلوي سروس بلوچستان جي گاديءَ واري شهر ڪوئٽه کان اڃان تائين بحال نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته جعفر ايڪسپريس کي ڪوئٽه جي بجاءِ مڇ کان روانو ڪيو ويو.

ريلوي عمل دارن ٻڌايو آهي ته عوام کي درپيش مسئلن کي ڏسندي ڪوئٽه کان پشاور واري جعفر ايڪسپريس کي بحال ڪيو ويو آهي. انهن ٻڌايو ته مسلسل ٽي ميهنا بند رهڻ کان پوءِ آچر ڏينهن پهرين ريل تي سفر ڪرڻ وارن مسافرن جو تعداد 164 هيو.

عمل دارن چيو ته مسافرن کي ڪوئٽه کان مڇ ريلوي اسٽيشن تائين پهچائڻ جي لاءِ بس شٽل سروس فراهم ڪئي وئي.

مڇ ريلوي اسٽيشن ڪوئٽه کان تقريبا 63 ڪلوميٽر پري ڏيڍ ڪلاڪ جي فاصلي تي ضلعي ڪڇيءَ ۾ آهي.

ڪوئٽه کان بس سروس جي ذريعي مڇ وڃڻ وارن مسافرن ڊگهي عرصي بعد ريلوي سروس جي بحاليءَ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي.

هڪ مسافر نويد احمد ٻڌايو ته ڪافي عرصي کان ٽرين سروس جي بحاليءَ جو انتظار ڪري رهيا هياسين. بارشن ۽ سيلاب کان پوءِ ٽرين سروس جي بندش جي ڪري کين ڪوچ سروسز ۾ سفر ڪرڻو پوندو هو جيڪو ٽرين جي مقابلي ۾ غير محفوظ آهي.

ياد رهي ته هلندڙ سال آگسٽ ۾ شديد بارشن ۽ درياه بولان ۾ سيلاب جي ڪري هرڪ ريلوي اسٽيشن جي ويجهو انگريزن جي دور ۾ ٺهيل 130 سال پراڻو پل مڪمل طور تي ڪري پيو هو.

عهديدارن چيو آهي ته هن پل جي اڏاوت جو ڪم اين ايل سي کي ڏنو ويو آهي جنهن تي تيزيءَ سان ڪم جاري آهي ۽ اميد ڪئي پئي وڃي ته ايندڙ سال جنوريءَ جي آخر تائين ان پل جي تعمير جو ڪم مڪمل ٿي ويندو.

پل جي نئين سر اڏاوت کان پوءِ ڪوئٽه ريلوي اسٽيشن کان به ريلن جي آمد و رفت جو سلسلو شروع ٿي ويندو.

ڪوئٽه ۾ ريلوي انتظاميا وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته ڪوئٽه ريلوي اسٽيشنن ۾ پشاور، سکر، لاهور ۽ راولپنڊي وڃڻ وارن مسافرن جي لاءِ ٽڪيٽ بڪنگ جي سهولت کي اڳ ۾ ئي بحال ڪيو ويو آهي.

هلندڙ سال مون سون جي بارشن ۽ سيلاب جي ڪري جيڪب آباد جي سيڪشن جي ريلوي لائنن کي شديد نقصان پهتو هو جنهن جو ڪم مڪمل ڪرڻ سان بلوچستان ۾ ٽرين سروس جي بحالي ممڪن ٿي.