پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽي زرداريءَ چيو آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي جي اٺين ورسيءَ جي موقعي تي دنيا جا ڪيترا ئي ملڪ، متاثره خاندانن ۽ پاڪستان جي عوام سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪري رهيا آهن. ليڪن اڄوڪي ڏينهن اها ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته اسان دهشت گرديءَ جا شڪار آهيون، اسان ڪنهن کي نه اچايو آهي.
پرڏيهي وزير انهن خيالن جو اظهار گڏيل قومن جي اداري ۾ پاڪستان مشن پاران اي پي سي ۾ مارجي وڃڻ وارن جي ياد ۾ منعقد تقريب کان پوءِ وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي ڪيو.
بلاول ڀٽو زرداريءَ هن تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ وارن ملڪن جي نمائندن پاران پاڪستان سان يڪجهتيءَ جي اظهار ڪرڻ تي سندن شڪريو به ادا ڪيو.
سندس لفظن ۾، ’’اسان پاڪستان جي دهشت گرديءَ کان متاثر ماڻهن جو آواز هتي پهچايو آهي. اسان انهن سمورن ملڪن جا شڪرگزار آهيون جن اڄ جي ڏينهن اسان سان گڏ دهشت گرديءَ جي متاثرين ۽ پاڪستان جي عوام سان يگانگت جو اظهار ڪيو آهي’’.
هن چيو ته دهشت گرديءَ جي شڪار ماڻهن سان صرف يڪجهتيءَ جو اظهار ڪافي ڪونهي، ’’بلڪه، اهو به ياد رکو ته اسان ڪير آهيون. اسان دهشت گرديءَ جا شڪار آهيون، دهشت گرديءَ جا مرتڪب ناهيون’’.
وائس آف آمريڪا جي سوال تي ته آرمي پبلڪ اسڪول (اي پي ايس) ۾ مارجي ويل شاگردن ۽ استادن جا وارث ان ڳالهه تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندا آهن ته حملي جي منصوبه سازن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ نه آندو ويو آهي ۽ ’نيشنل ايڪشن پلان’ ۾ جيڪا پوئواري لازمي بڻائي وئي هئي ان تي عمل درآمد نه ٿيو آهي. ان جي جواب ۾ بلاول چيو ته پوري قوم دهشت گرديءَ جي خلاف متحد آهي ۽ ’نيشنل ايڪشن پلان’ تي عمل درآمد ۾ ماضيءَ ۾ جيڪي ڪوتاهيون ٿيون اهي هاڻي نه ٿينديون.
هوڏانهن پاڪستان ۾ دهشت گرديءَ جي وڌندڙ واقعن تي صحافين جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٽي ٽي پيءَ جي حملن جي باري ۾ طالبان حڪومت سان ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي ۽ چاهيون ٿا ته طالبان پنهنجي سرزمين ڪنهن ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيڻ ڏين.
پاڪستان جي معيشت متعلق هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزير اعظم جي معاشي ٽيم هن چيلينج جو مقابلو ڪري رهي آهي. آئي ايم ايف جي معاملي تي، پرڏيهي وزير چيو ته بهتر ٿيندو ته وزير خزانه اسحاق ڊار کان پڇيو وڃي.
هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته پاڪستان جي معيشت مشڪل وقت مان گزري رهي آهي. دنيا ڏسي رهي آهي ته اسان پاڻ کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ اهي فيصلا ڪري رهيا آهيون جيڪي ملڪ جي مفاد ۾ آهن.
پرڏيهي وزير چيو ته وزير اعظم شهباز شريف ۽ سندس معاشي ٽيم ملڪ کي مشڪل مان ڪڍڻ ۾ ڪافي حد تائين ڪامياب ٿي وئي هئي ليڪن سيلاب جهڙي قدرتي آفت صورت حال کي گهمڀير بڻائي ڇڏيو.
هن چيو ته ملڪ جي معيشت کي اسان کي پاڻ ٺيڪ ڪرڻو آهي.
(ندا فاطمه سمير جي رپورٽ)