پاڪستان ٽي ٽي پيءَ جي خلاف ’’موثر ڪاروائي’’ جاري رکندو، بلاول

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ’ايٽلانٽڪ ڪائونسل’ جي سيمينار ۾ خطاب ڪندي. 20 ڊسمبر 2022.

پرڏيهي ناتن جي وفاقي وزير، بلاول ڀٽي زرداريءَ چيو آهي ته تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) پاران ٿيندڙ دهشت گرديءَ جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ’’ٺوس ۽ موثر قدم’’ کنيان پيا وڃن.

اڱاري ڏينهن واشنگٽن ڊي سي ۾ ’ايٽلانٽڪ ڪائونسل’ کي خطاب ڪندي، هن چيو ته بنونءَ ۾ دهشت گرديءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ ’’موثر ڪاروائي’’ ڪئي وئي.

بلاول چيو ته پاڪستان پنهنجي سرزمين جي تحفظ جي لاءِ درڪار وڌيڪ موثر قدم کڻندو، ۽ ان ڏس ۾ اميد ظاهر ڪئي ته افغانستان پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.

دهشت گردي ءَجي روڪٿام جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان دهشت گرديءَ جو خاتمو چاهي ٿو، جنهن جي لاءِ سنجيده ڪوششون جاري آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾، هن چيو ته پاڪستان چاهي ٿو ته افغانستان سان سرحدي تنازعا ’’ڳالهه ٻولهه جي ذيعي حل ٿين’’، ليڪن اهو واحد حل ڪونهي.

بلاول ڀٽي زرداريءَ چيو ته کيس اميد آهي ته 9 جنوريءَ تي پاڪستان جي ٻوڏ جي ستايلن جي امداد جي لاءِ گڏيل قومن جي اداري جي سهڪار سان منعقد ٿيندڙ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ سيلاب متاثرين جي مدد جي لاءِ موثر قدم کنئيان ويندا.

هن چيو ته موسمياتي تبديليءَ جي نتيجي ۾ بارشون ۽ سيلاب جي هانڃن جي ڪري پاڪستان جي لاءِ هي سال مشڪل ترين آهي.

سيلاب جي تباه ڪارين جو ذڪر ڪندي، هن چيو ته خاص طور تي پاڪستان جي ٻن صوبن ۾ 47 في صد تعليمي ادارن جون عمارتون ڊهي يا تباه ٿي چڪيون آهن، جنهن جي ڪري 52 في صد ٻار تعليم کان محروم آهن، صحت جي صورت حال به تمام گهڻي پريشان ڪن آهي، جڏهن ته 50 لک ايڪڙن تي بيٺل فصل تباه ٿي ويا آهن، جن ۾ خاص طور تي ڪپهه ۽ سارين جا فصل شامل آهن.

هن چيو ته آمريڪا سميت ڪيترن ئي ملڪن پاڪستان جي سيلاب کان متاثر ماڻهن جي کليءَ دل سان امداد ڪئي آهي، ليڪن بحاليءَ جي ڪم جي لاءِ اڃان گهڻو ڪجهه ڪم باقي آهي.

پاڪستان جي مشڪل معاشي صورت حال بابت پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جي حڪومت اها ڪوشش ڪري رهي آهي ته نه صرف موجوده معاشي صورت حال ۾ بهتري آندي وڃي بلڪه اهڙيون موثر معاشي پاليسيون ترتيب ڏنيون وڃن جنهن جي مدد سان ملڪ پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي قابل ٿئي.

SEE ALSO: دهشت گردن سان نبرڻ پاڪستان ۽ آمريڪا ٻنهين جي مفاد ۾ آهي

هن چيو ته پاڪستان حڪومت جي اها ڪوشش آهي ته اهڙيون موثر پاليسيون ترتيب ڏنيون وڃن جن جي مدد سان ملڪ پنهنجي پيرن تي بيهي سگهي. ان ڏس ۾ حڪومت جا معاشي پاليسي جا ماهر ڊگهي عرصي تائين ڪارگر پاليسيون جوڙي رهيا آهن ته جيئن خود انحصاريءَ ڏانهن وڌي سگهجي.

وڻج واپار کي هٿي ڏيڻ متعلق، هن چيو ته حڪومت تجارت کي وسعت ڏيڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. ان سلسلي ۾ حڪومتي ترجيحات جو ذڪر ڪندي، هن چيو ته چين، ايران، افغانستان، وسط ايشيائي ملڪ ۽ پاڙيسيري ملڪن سميت عرب دنيا، يورپ ۽ آمريڪا سان واپار ۽ ڏيتي ليتي وڌائڻ جا اپاءَ ڪيا پيا وڃن. انهن ڪوششن جي ڪري اميد آهي ته واپار جي نيٽ ورڪ کي وڌائي سگهبو.

هن چيو ته پاڪستان کي هن وقت ڪيترا ئي چيلنج آڏو آهن جن ۾ معيشت جي مشڪلن کان سواءِ ڄاڻي واڻي سياسي عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش به ٿي رهي آهي.

ليڪن موجوده اتحادي حڪومت ڪاميابيءَ سان اڳتي وڌي رهي آهي.

ان ڏس ۾ هن چيو ته پاڪستان کي ’ايف اي ٽي ايف’ جي ’گري لسٽ’ مان ڪڍڻ وڏي ڪاميابي آهي، جنهن جي لاءَ موجوده حڪومت وقتائتا گهربل قدم کنئيان.

پاڪستان ۽ آمريڪا جي تعلقات جي باري ۾ هڪ سوال تي، بلاول ڀٽي زرداريءَ چيو ته ٻنهين ملڪن جي تعلقات ۾ ڪافي بهتري آئي آهي. هن چيو ته آمريڪا سان تعلقات وڌائڻ ٻنهين ملڪن جي مفاد ۾ آهي.

بلاول چيو ته اسان کي پنهنجي غلطين مان سکڻو پوندو ۽ بهتر پاليسيون ترتيب ڏئي ۽ انهن تي عمل ڪري، زنده ۽ روشن خيال قوم وانگر اٿي کڙو ٿيڻو پوندو.

بعد ۾، وائس آف آمريڪا جي نمائندي محمد عاطف جي سوال جو جواب ڏيندي، هن چيو ته جيسيتائين ٽي ٽي پيءَ جو تعلق آهي، مان هميشه چوندو آيو آهيان ته اسان کي پنهنجي پاليسيءَ تي نظر ثاني ڪرڻ گهرجي. مان اها ڳالهه ان وقت به چوندو هيم جڏهان مان مخالف ڌر ۾ هيس ۽ اڄ به چوان ٿو جڏهن مان حڪومت جو حصو آهيان. هن چيو ته، ان مسئلي جي حل جي لاءِ وڌيڪ جامع طريقه ڪار اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته پاڪستان چاهي ٿو ته افغانستان سان سرحدي تنازعا ڳالهه ٻولهه جي ذيعي حل ٿين، ليڪن اهو ڪو واحد حل ڪونهي.

ان کان اڳ، اڱاري ڏينهن واشنگٽن ۾ پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽي زرداريءَ آمريڪي وزير خارجه اينٽني بلنڪن سان ملاقات ڪئي.

هڪ بيان ۾ آمريڪي محڪمه خارجه جي ترجمان چيو آهي ته ملاقات دوران اينٽني بلنڪن چيو ته اهڙي وقت جڏهن پاڪستان جو عوام تباه ڪن سيلاب سان منهن ڏئي رهيو آهي، اسان هنن سان پنهنجي حمايت جاري رکندا سين.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته بلنڪن ۽ بلاول ان مشترڪه اميد جو اظهار ڪيو ته جنوريءَ ۾ پاڪستان جي سيلاب کان متاثر ٿيلن جي امداد جي لاءِ منعقد ٿيڻ واري ڪانفرنس کان اڳ ۽ ان کان پوءِ ويجهڙا رابطا جاري رکيا ويندا.

ان موقعي تي، اينٽني بلنڪن پاڪستان ۾ ٿيڻ وارن دهشت گرد حملن ۾ مري ويلين جي لاءِ تعزيت جو اظهار ڪيو. ان سان گڏ آمريڪي پرڏيهي وزير دهشت گرديءَ جي روڪ ٿام جي سلسلي ۾ پاڪستان جي پاران ڪيل ڪوششن جي ٺوس مدد جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.