گلگت کان راولپنڊيءَ ويندڙ مسافر بس کي حادثو، 25 ڄڻا مري ويا

فائيل فوٽو

پاڪستان جي چين سان ملندڙگلگت بلتستان جي سرحدي علائقي ۾ هڪ مسافر بس حادثي جي شڪار ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اهل ڪارن مطابق، 25 ڄڻا هلاڪ ۽ ڪيترا ئي زخمي ٿيا.

هيءُ حادثو گلگت بلتستان جي ديامير جي علائقي شتيال ۾ اڱاري ڏينهن پيش آيو. رات جي انڌيري جي ڪري امدادي ڪاروائيون متاثر ٿيون.

گلگت بلتستان جي صحافي رجب قمر وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته ’مشابرم ٽرانسپورٽ ڪمپني’ جي بس کي گلگت کان راولپنڊيءَ ويندي شتيال جي هنڌ تي حادثو پيش آيو. هن ٻڌايو ته ابتدائي اطلاعن مطابق بس ڊرائيور مختلف طرف کان ايندڙ موٽر ڪار کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جي ڪري بس گهري کاهيءَ ۾ وڃي ڪري.

رجب قمر وڌيڪ ٻڌايو ته حادثي جو اطلاع ملندي ئي گلگت بلتستان ۽ ڪوهستان کان امدادي ٽيمون روانيون ڪيون ويون. ديامير پوليس 25 ماڻهن جي مري وڃڻ جو اطلاع ڏنو آهي.

مشابرم ڪمپنيءَ مطابق، هن بس ۾ گلگت کان 20 مسافر سوار ٿيا.

رجب قمر ٻڌايو ته حادثي ۾ ڪيترا ئي مسافر زخمي ٿيا، جن کي ديامير جي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي. هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ وارن ۾ عورتون به شامل آهن.

شتيال اپر ڪوهستان ۾ بس حادثي جي هن دل ڏاريندڙ واقعي تي صوبائي صدر ۽ گلگت بلتستان جي وڏي وزير، حسين شاه گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. حسين شاه مڪاني انتظاميه، صحت جي کاتي، ريسڪيو 1122 ۽ ٻين سمورن متعلق ادارن کي اپيل ڪئي آهي ته حادثي جي شڪار ماڻهن کي مدد ۽ جانيون بچائڻ جي لاءِ دستياب سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن.

خيبرپختونخوا جي اتر جي علائقي، ڪوهستان سان تعلق رکڻ واري سماجي شخصيت، مستقيم شاه وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته هي حادثو اپر ڪوهستان جي سرحدي ڳوٺ شتيال کان ٻه ڪلوميٽر جي فاصلي تي پيش آيو. ڪيترن زخمين کي اپر ڪوهستان ۾ ڪميلا جي وسنديءَ جي اسپتال موڪليو ويو.

ديامير جي ضلعي جي انتظاميه حادثي ۾ 25 ماڻهن جي مري وڃڻ جي تصديق ڪئي آهي.

گلگت بلتستان جي شهر چلاس جي اسپتالن ۾ امرجينسي نافذ ڪئي وئي آهي.

رجب قمر ٻڌايو ته فرنٽيئر ورڪس آرگينائزيشن ۽ چيني ڪمپنين حادثي جي هنڌ تي امدادي سرگرمين ۾ حصو ورتو. هنن ٻڌايو ته مسافر بس سان ٽڪرائڻ واري ڪار ۾ سوار ڇهه ماڻهو به هلاڪ ٿيڻ وارن ۾ شامل آهن.

رپورٽن مطابق، مسافر بس ۾ سوار مسافرن جو تعلق غذر سان هو.

(شميم شاهد جي رپورٽ)