چمن: پاڪ افغان سرحد تي فائرنگ جو واقعو، ’ملزم کي حوالي ڪرڻ تائين سرحد نه کلندي’

چمن سرحد (فائيل فوٽو)

بلوچستان جي چمن ضلعي ۾ پاڪ افغان سرحد تي فائرنگ جي واقعي ۾ هڪ سيڪيورٽي عمل دار جي هلاڪ ٿيڻ کان پوءِ سرحد بدستور بند آهي. پاڪستاني عهديدارن جو چوڻ آهي ته جيسيتائين فائرنگ ڪرڻ واري شخص کي سندن حوالي نه ٿو ڪيو وڃي، سرحد نه کولهي ويندي.

آچر ڏينهن بلوچستان ۽ افغانستان جي سرحد سان مليل علائقي چمن ۾ ’باب دوستي’ تي افغانستان جي طرف کان فائرنگ کان پوءِ ٻنهين پاسن کان جهڙپن جي ڪري صورت حال ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي.

پاڪستان ۽ افغانستان ۾ طالبان عهديدارن ٻنهين طرفان فائربنديءَ تي زور ڏنو ويو جڏهن ته پاڪستاني عهديدارن سيڪيورٽي فورسز تي فائرنگ ڪرڻ وارن ماڻهن جي حوالگيءَ جو مطالبو ڪيو آهي.

چمن ۾ ليويز فورس جي ذريعن وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته منجهند جو هڪ بجي افغانستان جي طرفان باب دوستيءَ جي پنڌ آمد و رفت واري گيٽ تي تعينات فرنٽيئر ڪور (ايف سي) جي عمل دارن تي انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪئي وئي.

ليويز جي ذريعن مطابق، فائرنگ جي ڪري ايف سي جو هڪ عمل دار هلاڪ جڏهن ته ٻه زخمي ٿيا جن کي طبي امداد کان پوءِ ڪوئٽه جي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

سرحد تي فائرنگ جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سرحد تي اوچتو فائرنگ ٿي رهي آهي جنهن کان پوءِ افراتفري ڦهليل ڏسي سگهجي ٿي.

عهديدارن مطابق، ٻنهين طرفان فائرنگ جو سلسلو مسلسل هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهيو جنهن کان پوءِ فائربندي ڪئي وئي.

چمن سرحد تي هڪ سيڪورٽي عمل دار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته حالتون ان وقت خراب ٿيون جڏهن سرحد پار هڪ هٿياربند موٽر سائيڪل سوار جي پاران پاڪستان جي حدن ۾ سيڪيورٽي فورسز تي فائرنگ ڪئي وئي.

واقعي جي هڪ اکين ڏٺي شاهد، محمد جبار وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته چمن ۾ آچر کان ’باب دوستي’ جي ٻنهين طرفن کان معمول جي مطابق آمد و رفت جاري هئي جڏهن اوچتو شديد فائرنگ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.

عبدالجبار جي لفظن ۾، مون ڏٺو ته سرحد جي پار هڪ موٽر سائيڪل سوار شديد فائرنگ ڪئي جنهن کان پوءِ ڀڄ ڊڪ شروع ٿي وئي جنهن جي ڪري ڪجهه ڄڻا زخمي به ٿيا. ليڪن شهري آباديءَ جي ڪا هلاڪت نه ٿي.

ياد رهي ته چمن جي سرحد منجهان روزانو 15 کان 20 هزار ماڻهو سفر ڪندا آهن، جڏهن ته پاڪستان افغانستان ٽرانزٽ ٽريڊ تحت سوين مال بردار گاڏين جي به آمد و رفت جاري رهندي آهي.

سرحد جي بندش جي ڪري ٻنهين طرفن جا سوين ماڻهو ڦاسي پيا آهن. چمن ۾ هڪ افغان باشندي، ايوب خان وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته مان گزريل ڏينهن ٿيڻ واري واقعي کان پوءِ پاڪستان ۾ ڦاسي پيو آهيان.

افغان عهديدارن جو به فائرنگ جي ڪري ستن ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جي دعوا

هوڏانهن افغان عهديدارن به دعوا ڪئي آهي ته جوابي فائرنگ جي ڪري ست افغان شهري زخمي ٿيا آهن جن کي علاج جي لاءِ اسپن بولڊڪ جي مقامي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ليڪن پاڪستاني عهديدارن ان دعوا کي مسترد ڪيو آهي.

ضلعي حڪام چيو آهي ته گزريل ڏينهن کان پوءِ پاڪ افغان سرحد تي باب دوستي جي حدن ۾ سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪئي وئي آهي.

هوڏانهن، چمن جي ڊپٽي ڪمشنر، عبدالحميد زهريءَ ذرائع ابلاغ جي نمائندن سان گفتگو ڪندي چيو آهي ته جيسيتائين افغان عهديدار ملزم کي گرفتار ڪري پاڪستان جي حوالي نه ٿا ڪن تيسيتائين سرحد بند رهندي.