صرف عمران خان کي مارڻ جي نيت سان فائرنگ ڪئي هيم، مبينه حملي آور جو بيان

مبينه ڏوهي جنهن جو نالو نويد ٻڏايو ٿو وڃي ۽ جيڪو وزيرآباد جو رهواسي آهي.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ ۾ فائرنگ ڪرڻ واري مبينه حملي آور چيو آهي ته هن صرف عمران خان کي مارڻ جي پوري ڪوشش ڪئي هئي.

مبينه حملي آور جو هڪ وڊيو بيان مقامي ٽيلي ويزن چينلز ۽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي. ان بيان ۾ مبينه حملي آور چيو آهي ته هو صرف عمران خان کي مارڻ گهري پيو ۽ ڪنهن ٻئي کي نقصان پهچائڻ جو سندس ڪو ارادو نه هيو.

سندس بقول، ’’عمران ماڻهن کي گمراه ڪري رهيو هو ۽ مون کان اها ڳالهه برداشت نه ٿي ۽ اهو ان ڪري سوچيم جو هوڏانهن اذان ٿي رهي هئي ۽ هوڏانهن ڊيڪ لڳائي شور ڪري رهيا هيا. اها ڳالهه منهنجي ضمير کي سٺي نه لڳي’’.

جڏهن هن کان پڇيو ويو ته هن فائرنگ ڇو ڪئي، ته مبينه ڏوهيءَ چيو ته جنهن ڏينهن لانگ مارچ لاهور مان هليو انهيءَ ئي ڏينهن فيصلو ڪري ڇڏيو هيم ته مان ان (عمران خان) کي نه ڇڏيندم’’.

ان سوال تي ته ڪاروائيءَ ۾ ٻيو ڪير ملوث آهي، هن چيو ته هن اڪيلي طور تي ڪاروائي ڪئي ۽ پنهنجي موٽر سائيڪل پنهنجي مامي جي دڪان تي بيهاري قافلي تائين پهتو.

واضح رهي ته مبينه حملي آور جو نالو نويد ٻڌايو ٿو وڃي جيڪو وزير آباد جو رهائشي آهي. اطلاعات جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب مطابق، گوجرانواله پوليس مبينه حملي آور جو بيان رڪارڊ ڪري ميڊيا کي جاري ڪيو آهي.

پي ٽي آئي رهنما، فواد چوڌريءَ چيو آهي ته عمران خان تي فائرنگ منظم قاتلانه حملو هيو جنهن جو مقصد پارٽيءَ جي قيادت کي قتل ڪرڻ هو.

هن چيو ته فائرنگ نائن ايم ايم پستول سان نه بلڪه آٽوميٽڪ هٿيار سان ڪئي وئي ۽ ان ۾ ڪي ٻه رايون ناهن ته فائر تمام ويجهي کان ڪيو ويو.

تحريڪ انصاف جي رهنما جي بقول، ’’ ڪجهه مخصوص چينل ۽ مخصوص صحافي هن کليل قاتلانه حملي کي جيڪو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا، ائين نه ٿيندو’’.

هن چيو ته مخصوص صحافين کي منٽن ۾ واٽس ايپ تي پيغام پهچائڻ ۽ وري خبرون هلائڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو.