دهلي پوليس کي اردو ۽ فارسي جا 'ڏکيا' لفظ نه لکڻ جي ھدايت

نئين دهلي (فائيل فوٽو)

دهلي پوليس پنهنجي سمورن آفيسرن کي يادگيري ڏياري آهي ته اهي قانوني دستاويزن ۾ اردو يا فارسي لفظ استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪن. اهم جي جاءِ تي ’وشيش’ يا ’اسپيشل’، مجرم جي جاءِ تي ’اپراڌي’ يا ’ڪلپرٽ’.

ڀارتي نشرياتي اداري ’اين ڊي ٽي وي’ جي هڪ رپورٽ موجب دهلي پوليس پنهنجن سڀني عملدارن کي نصيحت ڪئي آهي ته هو فرسٽ انفارميشن رپورٽ (ايف آئي آر)، ڊائري يا چارج شيٽ ۾ اردو يا فارسي جا ڏکيا لفظ استعمال نه ڪن.

دهلي پوليس ڪمشنر جو اهو حڪم دهلي هائي ڪورٽ جي 2019 جي هدايتن جي روشنيءَ ۾ جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پوليس کي هدايت ڪئي وئي ھئي ته ھو قانوني دستاويزن ۾ سادي ٻولي استعمال ڪن جيڪا شڪايت ڪندڙ ۽ ڪيس ڪندڙ سموريون ڌريون سولائيءَ سان سمجهي سگهن.

عدالت چيو ھو ته پوليس پاران ايف آئي آر ۾ اهڙا لفظ استعمال ڪيا وڃن ٿا جيڪي وڪيلن ۽ ججن کي به سمجهه ۾ نه ٿا اچن.

پوليس چيف سنجي اروڙا اڱاري تي هڪ سرڪلر جاري ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته "اڳوڻي عدالتي هدايت کان پوءِ به ڪجهه پوليس آفيسر اڃا به اردو ۽ فارسي جا اھڙا ڏکيا لفظ استعمال ڪري رهيا آهن جيڪي سولائيء سان سمجهه ۾ نٿا اچن’’.

SEE ALSO: ممبئي پاسپورٽ برانچ ’هيڪ’ ڪندڙ ملزم گرفتار

هن چيو ته آفيسرن کي گهرجي ته اردو بدران سادا هندي يا انگريزي لفظ لکن.

پوليس چيف اداري جي سڀني ضلعن ۽ يونٽن کي 383 ’ڏکين لفظن’ ۽ انھن جي ’آسان متبادل’ لفظن جي ھڪ فهرست ڏني آهي جنهن ۾ الزام، درخواست، انتقام، مجرم ۽ اقرار سميت ٻيا ڪيترائي لفظ شامل آهن.

سرڪلر ذريعي سمورن پوليس اسٽيشنن ۽ آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي آھي ته ٻڌايل لفظن جي استعمال کي يقيني بڻائين، ٻيءَ صورت ۾ حڪم تي عمل نه ڪندڙ عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.