حملي جا ذمه دار شهباز شريف، رانا ثنا ۽ ميجر جنرل فيصل آهن، وزير داخله پاران عمران خان جي بيان جي مذمت

داخله جي وفاقي وزير، رانا ثنا الله تحريڪ انصاف جي رهنما اسد عمر عمران خان جي چوڻ تي جاري ڪيل ان بيان جي مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ هنن نالو وٺي حملي جو ذمه دار وزير اعظم شهباز شريف، داخله جي وزير رانا ثنا الله ۽ فوج جي عهديدار ميجر جنرل فيصل کي قرار ڏنو آهي.

پريس ڪانفرنس دوران رانا ثنا الله چيو ته وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته اسد عمر، شيرين مزاري ۽ فواد چوڌريءَ جهڙا تحريڪ انصاف جا رهنما ’’غير ذمه دارانه’’ بيان ڏئي رهيا آهن.

هن چيو ته عمران خان جي مارچ دوران گولي لڳڻ جي واقعي ۾ گرفتار ملزم جو ابتدائي بيان اهميت جو حامل آهي. هن چيو ته سيڪيورٽيءَ جي ذمه داري وفاق جي ناهي، پنجاب جي هئي. ان ڪري، استعيفا به وڏي وزير کان گهري وڃي نه وزير داخله ۽ وزير اعظم کان.

داخله جي وزير چيو ته شيرين مزاري ڪنهن بنياد تي وزير اعظم تي، مون تي ۽ هڪ اداري تي هن واقعي جو الزام عائد ڪيو. فواد چوڌري ڪهڙيءَ طرح چئي سگهي ٿو ته انهن ماڻهن جي گهرن تي حملو ڪيو؟

وزير داخله رانا ثنا الله اخباري ڪانفرنس ڪندي

هن زور ڏنو ته ’’تشدد کي هوا ڏني ويندي ته يقين رکو ته جيڪا باهه توهان لڳائي رهيا آهيو يا بطور جماعت لڳائڻ جي سالن کان ڪوشش ڪندا آيا آهيو، ته ان باهه ۾ توهان به سڙندا. توهان جا گهر به محفوظ نه رهندا’’.

وزير داخله چيو ته ’’مان ملزم جو اعترافي بيان ڏٺو آهي ۽ ان سوچ جي مذمت ڪريان ٿو جنهن کي هو حملي جو سبب ٻڌائي رهيو آهي. ليڪن اهو ضرور چوندس ته جڏهن توهان قوم جي ماڻهن کي پنهنجي مخالفن کي گمراه ڪندا ته ڪجهه ماڻهو توهان جي خلاف به ’’گمراه’’ ٿي سگهن ٿا’’.

پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آئي) جي لانگ مارچ تي وزير آباد جي ويجهو فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ شخص هلاڪ جڏهن ته عمران خان ۽ پارٽي جي ٻين رهنمائن سميت 10 ڄڻا زخمي ٿيا آهن.

ريسڪيو 1122 جي مطابق، زخمي ٿيڻ وارن ۾ عمران خان، سينيٽر فيصل جاويد، اڳوڻو سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، احمد چٺا ۽ تحريڪ انصاف جا مقامي رهنما ايس اي حميد به شامل آهن.

فائرنگ کان پوءِ عمران خان کي ڪنٽينر منجهان سندس بليٽ پروف گاڏيءَ ۾ لاهور جي شوڪت خانم اسپتال آندو ويو.

حملي جا ذمه دار شهباز شريف، رانا ثنا ۽ ميجر جنرل فيصل آهن، عمران خان جو بيان

تحريڪ انصاف جي رهنمائن اسد عمر ۽ ميان اسلم اقبال چيو آهي ته عمران خان حملي جو ذميدار وزير اعظم شهباز شريف، رانا ثنا الله ۽ آئي ايس آئي جي ڪائونٽر انٽيلي جينس جي شعبي جي اڳواڻ، ميجر جنرل فيصل نصير کي قرار ڏنو آهي.

اسد عمر ٻڌايو آهي ته عمران خان جو چوڻ آهي ته کيس اها معلومات ملي رهي هئي، ۽ جنهن بنياد تي هو اهو چئي سگهي ٿو ته ان حملي ۾ اهي ٽئي ملوث آهن.

بقول سندس، عمران خان اهو به مطالبو ڪيو آهي ته انهن ٽنهين کي سندن عهدن تان هٽايو وڃي نه ته ملڪ گير احتجاج ڪيو ويندو.

ميان اسلم اقبال ان موقعي تي چيو ته انهن ٽنهين جي خلاف مقدمو درج ڪرايو پيو وڃي، جنهن جي لاءِ عمران خان جو بيان به ورتو ويو آهي.

گولي عمران خان جي ٽنگ ۾ لڳي آهي، اسد عمر

پي ٽي آئي جي رهنما اسد عمر تصديق ڪئي آهي ته هڪ گولي عمران خان جي ٽنگ ۾ لڳي آهي. عمران خان جي طبيعت متعلق سوال تي اسد عمر چيو ته هو اهو نه ٿو چئي سگهي ته عمران خان جي حالت نازڪ آهي يا ناهي، ليڪن اهو ٻڌائي سگهي ٿو ته کيس گولي لڳي آهي.

’اي آر وائي’ سان ڳالهائيندي اسد عمر ٻڌايو ته جنهن وقت فائرنگ ٿي اهو شخص عمران خان جي ڪنٽينر جي ويجهو موجود هو.

رپورٽن مطابق، عمران خان لانگ مارچ جي ستين ڏينهن تي لاهور کان وزيرآباد پهتو هو ۽ هن کي ٽن هنڌن تي خطاب ڪرڻو هو، ليڪن سندس خطاب کان اڳ ۾ ئي ڪنٽينر تي فائرنگ ڪئي وئي.

اهي به اطلاع آهن ته پوليس هڪ شخص کي موقعي تان هٿيار سميت حراست ۾ ورتو آهي.

عمران خان تي منصوبه بنديءَ جي تحت قاتلانه حملو ڪيو ويو، فواد چوڌري

تحريڪ انصاف جي رهنما فواد چوڌريءَ چيو آهي ته عمران خان تي باقاعده منصوبه بنديءَ هيٺ قاتلانه حملو ڪيو ويو.

پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فواد چوڌريءَ چيو ته قاتلانه حملي جي ذريعي عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جي سينئر قيادت کي رستي تان هٽائڻ جو منصوبو بڻايو ويو.

هن چيو ته هي’نائن ايم ايم’ جو پستول نه هيو، بلڪه آٽوميٽڪ هٿيار جي ذريعي پورو برسٽ هلايو ويو. ان ۾ ڪي ٻه رايون ڪونهن ته وڏيءَ مشڪل سان بچت ٿي وئي.

عمران خان جي علاج جي لاءِ ميڊيڪل بورڊ بڻايو ويو، ڊاڪٽر فيصل سلطان

شوڪت خانم اسپتال جي سي اي او ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته عمران خان جي علاج جي لاءِ شوڪت خانم اسپتال ۾ ميڊيڪل بورڊ بڻايو ويو آهي. هن مقامي ميڊيا کي ٻڌايو ته عمران خان جي زخمن جو معائنو ڪيو پيو وڃي. هڪ گولي ان جي جسم جي اندر آهي يا نڪري وئي آهي.

پنجاب جو وڏو وزير چوڌري پرويز الاهيءَ به عمران خان جي عيادت جي لاءِ شوڪت خانم اسپتال پهتو.

صرف عمران خان کي مارڻ جو ارادو هو، مشتبه حمله آور جو پوليس کي بيان

عمران خان جي ڪنٽينر تي فائرنگ ڪرڻ واري مشتبه حمله آور نويد پوليس کي ڏنل بيان ۾ چيو آهي ته هن صرف عمران خان کي مارڻ جي نيت سان فائرنگ ڪئي هئي.

حمله آور وڌيڪ چيو ته عمران خان عوام کي گمراه ڪري رهيو هو ۽ اذان جي دوران ڪنٽينر تي موسيقي هلائي پئي وئي جنهن تي کيس رنج هو. حمله آور وڌيڪ چيو ته هن کي ڪنهن عمران خان تي حملي تي نه اڪسايو، بلڪه هي سندس انفرادي فعل هو.

حملي آور بقول، جنهن ڏينهن عمران خان لانگ مارچ وٺي لاهور کان روانو ٿيو، ان کان پوءِ ئي هن اهو ارادو ڪيو هو ته عمران خان کي نه ڇڏيندو.

هي هڪ قاتلانه حملو هو، شاه محمود قريشي

عمران خان جي حملي کان پوءِ وائس آف آمريڪا جي ساره حسن سان گفتگو ڪندي تحريڪ انصاف جي وائس چيرميئن شاه محمود قريشيءَ چيو آهي ته هي ’’بزدلانه ۽ قاتلانه’’ حملو هو.

عمران خان جي صحت متعلق سوال جي جواب ۾ شاه محمود قريشيءَ چيو آهي ته هن کي شوڪت خانم اسپتال منتقل ڪيوويو، جتي ڊاڪٽر ان جو معائنو ڪري رهيا آهن.

لانگ مارچ جي مستقبل جي حوالي سان شاه محمود قريشيءَ جو چوڻ آهي ته حقيقي آزاديءَ جي جستجو جاري هئي ۽ جاري رهندي. مارچ جي آئنده جي لائحه عمل جو فيصلو عمران خان پاڻ ڪندو. هن چيو ته هو ڪارڪنن ڪي چوندو ته اهي ڪاوڙ جي ڪيفيت جي باوجود پرامن رهن.

وزير اعظم واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي

عمران خان جي ڪنٽينر تي فائرنگ جو نوٽيس وٺندي، وزير اعظم شهباز شريف متعلقه آفيسرن کان رپورٽ طلب ڪئي آهي.

واقعي جي مذمت ڪندي، وزير اعظم آئي جي پنجاب، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين متعلقه حڪام کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

عمران خان تي حملو ’’مڪر و فريب سان ڀرپور ۽ بزدلانه’’ آهي، صدر علوي

پاڪستان جي صدر، ڊاڪٽر عارف علويءَ عمران خان تي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو حملو ’’مڪر ۽ فريب سان ڀرپور ۽ بزدلانه’’ آهي.

هن چيو ته هو شڪر ادا ڪري ٿو ته ٽنگ تي ڪجهه گوليون لڳڻ جي باوجود عمران خان محفوظ آهي.

نواز شريف جي عمران خان تي فائرنگ جي مذمت

مسلم ليگ (ن) جي سربراه، ميان نواز شريف اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي ڪنٽينر تي فائرنگ جي مذمت ڪئي آهي.

پنهنجي ٽوئيٽ ۾، نواز شريف چيو ته عمران خان ۽ سندس ساٿين جي صحتيابيءَ جي لاءِ دعاگو آهي.