عمران خان جي ٽن مقدمن ۾ ضمانت منظور، توشا خانه ڪيس ۾ ناقابل ضمانت وارنٽ جاري

فائيل فوٽو

پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آئي) جي چيئرمين عمران خان جي ٽن مقدمن ۾ ضمانت منظور ڪئي وئي آهي، جڏهن ته توشا خانه ڪيس ۾ عدالت سندس گرفتاريءَ جا ناقابل ضمانت وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.

اڳوڻي وزير اعظم کي اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشنز ڪورٽ ۾ توشا خانه ڪيس ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو هو ته جيئن هن تي ان ڪيس ۾ فرد جرم عائد ٿي سگهي.

ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال عمران خان پاران پيش نه ٿيڻ تي گرفتاريءَ جا ناقابل ضمانت وارنٽ جاري ڪندي حڪم ڏنو ته عمران خان کي گرفتار ڪري ستين مارچ تي پيش ڪيو وڃي.

عدالت پاران ڪيس جي سماعت ستين مارچ تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

ان کان اڳ اسلام آباد جي مختلف عدالتن ۾ عمران خان جي خلاف زير سماعت ٻين ٽن مقدمن ۾ ضمانت جون درخواستون منظور ٿي ويون آهن.

جنهن وقت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ پاران عمران خان جي گرفتاريءَ جا ناقابل ضمانت وارنٽ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، ان وقت عمران خان اسلام آباد هائي ڪورٽ جي ٻاهران موجود هو.

اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي گاڏيءَ کي اسلام آباد هائي ڪورٽ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو.

مڪاني ميڊيا جي مطابق، عمران خان اسلام آباد هائي ڪورٽ ۾ ٻن درخواستن جي پيشيءَ جي لاءِ وڃي رهيو هو، جن منجهان هڪ مقدمي ۾ دهشت گرديءَ جا قلم خارج ڪرڻ جڏهن ته ٻئي مقدمي ۾ گرفتاريءَ کان اڳ ضمانت جي درخواست ڏيڻ شامل هيو.

عمران خان لاهور مان اسلام آباد پهتو

اڱاري ڏينهن مختلف مقدمن ۾ اسلام آباد جي عدالتن ۾ پيش ٿيڻ لاءِ عمران خان ’جڊيشل ڪمپليڪس’ پهتو. اڳوڻي وزير اعظم جي اچڻ کان اڳ پي ٽي ئي جي ڪارڪنن جو وڏو تعداد سندس استقبال جي لاءِ موجود هو.

مڪاني ميڊيا مطابق، عمران خان عدالتن ۾ پيش ٿيڻ جي لاءِ لاهور جي زمان پارڪ ۾ پنهنجي رهائش گاه کان صبح سوير روانو ٿيو. زمان پارڪ مان عمران خان جي روانگيءَ وقت پارٽي ڪارڪنن جو وڏو تعداد موجود هو.

عمران خان کي اسلام آباد جي بينڪنگ ڪورٽ، انسداد دهشت گردي ڪورٽ ۽ سيشن ڪورٽ ۾ زير سماعت چئن مقدمن ۾ پيش ٿيڻو هو.

پي ٽي آئي چيئرمين جي اسلام آباد جي جڊيشل ڪمپليڪس ۾ پيشيءَ تي پارٽيءَ جي ڪارڪنن پاران وڳوڙ جا منظر به ڏسڻ ۾ آيا.

مڪاني ميڊيا مطابق، ڪن ماڻهن جڊيشل ڪمپلڪس جي دروازي کي نقصان پهچايو، جڏهن ته ڪجهه سي سي ٽي وي ڪيمرا به ٽوڙيا ويا.

اسلام آباد جي ڪيپيٽل پوليس جڊيشل ڪمپليڪس ۾ ٽوڙ ڦوڙ ڪرڻ وارن جي خلاف ڪاروائيءَ جو اعلان ڪيو آهي.

پوليس جي مطابق سرڪاري املاڪ کي نقصان پهچائڻ وارن جي خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. عدالت جي اڱڻ تان جن ماڻهن دروازا کولهڻ ۾ مدد ڪئي انهن جي خلاف به قدم کنيون ويندو.

پوليس سي سي ٽي ويءَ ۾ موجود فوٽيج جي مدد سان سڃاڻپ جو عمل شروع ڪري ڏنو آهي.

هوڏانهن بينڪنگ ڪورٽ جي جج رخشنده شاهين عمران خان جي خلاف فارين فنڊنگ ڪيس ۾ گرفتاريءَ کان اڳ ضمانت جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي. ان کان اڳ عمران خان عدالت ۾ پيش ٿيو جنهن تي جج فيصلو محفوظ ڪيو. بعد ۾ جج عمران خان جي عبوري ضمانت متعلق محفوظ فيصلو ٻڌايو.

دهشت گرديءَ جي روڪٿام جي عدالت مان ضمانت منظور

اسلام آباد جي انسداد دهشت گرديءَ جي عدالت سنگجاڻيءَ ۾ درج مقدمي ۾ عمران خان جي ضمانت خارج ڪئي هئي جنهن تي عبوري ضمانت جي درخواست جي حوالي سان راجه جواد عباس جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي لاءِ جڊيشل ڪمپليڪس پهتو.

انسداد دهشت گرديءَ جي عدالت به عمران خان جي عبوري ضمانت جي درخواست نائين مارچ تائين منظور ڪري ورتي.