عمران خان جو فوري چونڊن جو مطالبو. اليڪشن جو فيصلو عمران خان نه اتحادي ڪندا، وزير داخلا

عمران خان (فائيل فوٽو)

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزير اعظم، عمران خان چيو آهي ته اسان جي مينڊيٽ چوري ڪرڻ وارن کي هاڻي هر محاذ تي هار ٿيندي. سندس بقول، ملڪ کي سياسي بحران مان ڪڍڻ جو واحد رستو صاف ۽ شفاف انتخابات آهن.

تحريڪ انصاف جي ڪور ڪاميٽيءَ جي اجلاس کان پوءِ سومر ڏينهن خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اسان کي موجوده چيف اليڪشن ڪمشنر تي ڪو اعتبار ڪونهي، ان لاءِ کيس فوري طور تي استعفي ڏيڻ گهرجي.

سابق وزير اعظم جي چواڻي، ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام جو واحد حل شفاف ۽ غير جانبدارانه طريقي سان ٿيڻ وارا عام انتخابات آهن.

عمران خان چيو ته پنجاب جي ضمني چونڊن دوران نوجوان ووٽرن ۽ عورتن جو وڏو تعداد ٻاهر نڪتو جنهن تي هو سندن شڪرگزار آهي.

هن چيو ته نائين اپريل تي هو صرف هڪ ڊائري پاڻ سان گڏ کڻي وزير اعظم هائوس مان ٻاهر نڪتو هو، پر 25 مئي تي سمورو پاڪستان موجوده حڪومت جي خلاف سڙڪن تي نڪري آيو هو.

SEE ALSO: ضمني چونڊون، پنجاب ۾ بظاهر تحريڪ انصاف حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾

سندس چوڻ مطابق، هيءُ پاڪستان جي تاريخ جو هڪ اهم موڙ آهي جڏهن پوري قوم جاڳي چڪي آهي ۽ شهري پاڪستان جي نظرئي کي سمجهي رهيا آهن.

تحريڪ انصاف جي سربراه وڌيڪ چيو ته کيس اقتدار تان هٽائڻ لاءِ مصنوعي سياسي بحران پيدا ڪيو ويو.

گزريل ڏينهن پنجاب ۾ ضمني انتخابات ۾ واضح برتري حاصل ڪرڻ کان پوءِ سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾عمران خان چيف اليڪشن ڪمشنر کان استعفي جو مطالبو ڪيو ۽ ملڪ جي سياسي ۽ معاشي مسئلن کي نبيرڻ لاءِ عام چونڊن کي واحد حل قرار ڏنو.

اليڪشن جو فيصلو عمران خان نه اتحادي ڪندا، وزير داخلا

هوڏانهن مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر، مريم نواز پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته عمران خان جي اليڪشن ڪميشن تي ڪاوڙ سندس خلاف ممنوعه فنڊنگ ڪيس جي ڪري آهي. هن چيو ته ضمني چونڊن ۾ پنجن سيٽن تي هارائڻ تي اجائي دعوي ڪرڻ جي ضرورت هئڻ نه کپي. سندس بقول، اليڪشن ڪميشن تي تنقيد نه ٿيڻ واري ڌاندليءَ جي سبب ناهي بلڪه فارين فنڊنگ فيصلي جي خوف جي ڪري آهي.

وزير داخلا، رانا ثنا الله به وزير اطلاعات سان گڏ اخباري ڪانفرنس ڪندي عمران خان جي اليڪشن ڪميشن تي تنقيد تي سخت رد عمل ظاهر ڪيو آهي. هنن جي چوڻ موجب هو ادارن تي دٻاو وڌائي رهيو آهي ۽ حڪومت ادارن سان گڏ بيٺي آهي. هنن چيو ته اسان اليڪشن هاري آهي، ليڪن اسان اليڪشن ڪميشن سان گڏ آهيون.

(فائيل فوٽو) رانا ثنا الله

عمران خان جي چونڊن جي مطالبي جي حوالي سان وزير داخلا جو چوڻ آهي ته ان جو فيصلو اتحادي ملي ڪري ڪندا.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ پارٽي قيادت جي اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان گفتگو ڪندي چيو ته انتخابات جي باري ۾ پارٽيءَ جو فيصلو اهو ئي آهي ته حڪومت کي پنهنجي مدت پوري ڪرڻ گهرجي ۽ پيپلز پارٽي پنهنجو نقطه نظر اتحادين جي اجلاس ۾ سامهون رکندي.

سابق وزير اعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي سينئر رهنما، شاهد خاقان عباسيءَ هڪ نجي ٽيلي ويزن پروگرام ۾ چيو آهي ته انتخابات پنهنجي وقت تي ٿيڻ گهرجن.

لاهور مان وي او اي جي نمائندي جي رپورٽ مطابق، پنجاب جي 20 سيٽن تي ٿيڻ وارن ضمني انتخابات ۾ ڪاميابيءَ کان پوءِ هاڻي تحريڪ انصاف پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ جي لاءِ تيار آهي، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) ٻيهر مخالف ڌر جي بينچن تي وهڻ جو اشارو ڏئي چڪي آهي.

ضمني چونڊن کان پوءِ پنجاب اسمبليءَ ۾ نمبر گيم کي ڏٺو وڃي ته پي ٽي آئي سرفهرست آهي. ضمني انتخابات ۾ 15 سيٽون ملڻ کان پوءِ هاڻي صوبي ۾ سندس سيٽن جو مجموعي انگ 178 ٿي ويو آهي. مسلم ليگ (ن) کي 167 ميمبرن جي حمايت حاصل آهي.

تحريڪ انصاف جي اتحادي جماعت، مسلم ليگ (ق) جي ڏهن سيٽن کي ملائي، تحريڪ انصاف کي پنجاب ۾ وزارت اعلي جي لاءِ گهربل 186 جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ بظاهر ڪا پريشاني درپيش ڪانهي.

سياسي مبصرين جي خيال ۾ تازن ضمني چونڊن جي پرامن انعقاد جي لاءِ رياستي ادارن جي ڪم کي ساراهڻ کپي، جنهن سبب انهن ادارن تي عوام جو اعتماد بحال ٿيو آهي.

ن ليگ جي مقبوليت گهٽ ٿيڻ جو سبب؟

سينئر صحافي ۽ تجزيه ڪار، سهيل وڙائچ جي خيال ۾ پنجاب صوبي جي 20 سيٽن تي چونڊن جي نتيجي ۾ مسلم ليگ (ن) جي هارائڻ جو اصل سبب مسلم ليگ (ن) جي ٽن مهينن جي حڪومت ۽ سندس فيصلا آهن، جن جي ڪري مهانگائيءَ ۾ واڌ آئي.

وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي، هن چيو ته جڏهن عمران خان وزير اعظم هو ته مسلم ليگ (ن) ضمني انتخابات کٽي ويندي هئي. مهانگائيءَ جي خلاف عوام پي ٽي آئي جي خلاف ووٽ ڏيندا هيا. هاڻي تبديلي اچڻ کان پوءِ مسلم ليگ (ن) جي مقبوليت گهٽي آهي.

سهيل وڙائچ جو چوڻ آهي ته انهن ٽن مهينن ۾ مسلم ليگ (ن) پنهنجو موقف درست طريقي سان اڳتي نه وڌائي سگهي ۽ عام ماڻهوءَ کي سمجهائي نه سگهي.

سينئر صحافي ۽ تجزيه ڪار، مجيب الرحمان شامي جو چوڻ آهي ته هيءَ ڳالهه ياد رکڻ جي آهي ته مسلم ليگ (ن) 2018 جي عام چونڊن ۾ به انهن ئي حلقن مان هاري هئي.

احمد بلال محبوب جي خيال ۾ پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ گهٽ ئي شفاف چونڊون ٿيون آهن. تازا انتخابات انهن صاف چونڊن منجهان هڪ آهن جنهن ۾ ادارن جي پاران ڪنهن قسم جي مداخلت ڏسڻ ۾ نه آئي. سندس چواڻي ضمني انتخابات ۾ هڪ ٻه اهڙا واقعا ٿيا، ليڪن مجموعي طور تي انتخابات شفاف ۽ منصفانه رهيا.

اليڪشن ڪميشن جا نتيجا ۽ مينجمنٽ سسٽم متعلق گفتگو ڪندي هن چيو ته ان جو استعمال چـڱي نموني ڪيو ويو، جنهن ۾ سياسي جماعتن جي پاران ووٽنگ رجحانات جو جائزو پيش ڪيو ويو.

سهيل وڙائچ جي رائي ۾ پوليس، اليڪشن ڪميشن ۽ سمورن رياستي ادارن انتخابات جي انعقاد ۾ تمام سٺو ڪردار ادا ڪيو، انهن سميت سڀني ادارن جي ساراه لهڻل آهي.