عمران خان جو 23 ڊسمبر تي پنجاب ۽ خيبرپختونخوا اسيمبليون ٽوڙڻ جو اعلان

فائيل فوٽو

پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آئي) جي چيئرمين عمران خان 23 ڊسمبر تي پنجاب ۽ خيبرپختونخوا اسيمبلي ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي.

اڳوڻي وزير اعظم چيو آهي ته ملڪ جي خاطر هنن ٻئي حڪومتون قربان ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. قومي اسيمبليءَ جا ميمبر به اسپيڪر جي سامهون پيش ٿي استعفا منظور ڪرڻ جي لاءِ زور ڏيندا.

ڇنڇر جي ڏينهن لاهور مان پنهنجي رهائش گاه تان وڊيو لنڪ جي ذريعي لبرٽي چوڪ سميت ملڪ جي مختلف هنڌن تي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته انهن اسيمبلين جي تحليل کان پوءِ 66 في صد پاڪستان اليڪشن جي لاءِ تيار ٿيندو. عقل ته اهو ئي ٿو چوي ته ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرايون وڃن.

عمران خان جي هن اهم اعلان جي وقت پنجاب جو وڏي وزير چوهدري پرويز الاهي ۽ خيبرپختونخوا جو وڏو وزير محمود خان به سندس ساڻ هيا.

’اهي آڪٽوبر ۾ به اليڪشن نه ڪرائيندا’

عمران خان چيو آهي ته سندس خيال موجب اهي آڪٽوبر ۾ به اليڪشن نه ڪرائيندا، ڇو ته موجوده اليڪشن ڪمشنر هن حڪومت سان مليل آهي ۽ اهو ئي هنن کي اليڪشن ۾ دير ڪرڻ جا طريقا ٻڌائيندو.

خيال رهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر عمران خان جي الزامن جي ترديد ڪندو رهيو آهي.

اڳوڻي وزير اعظم چيو ته اڄ 70 في صد پاڪستان چوي ٿو ته شهباز شريف کي 16 ارب روپين جي ڪرپشن ڪيسز جي باوجود آڻڻ جون ڪوششون ڇو ڪيون ويون. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته جڏهن به جنرل باجوه کان پڇندو هيس ته هو چوندو هو ته اسان تسلسل چاهيون ٿا ۽ اسان جو اهڙو ڪو ادارو ڪونهي.

عمران خان جي بقول، اڄ ملڪ جو اهو حال آهي جو ٻاهرين دنيا هن حڪومت تي اعتماد نه ٿي ڪري. منهنجو سوال اهو ئي آهي ته جڏهن ٻاهران ڊالر ئي نه ٿو اچي ته پاڪستان اڳتي ڪيئن وڌندو؟

هن چيو ته هن حڪومت هڪ ئي اميد لڳائي آهي ته چين جي پيرين پئجي يا ڪنهن طرح سان آئي ايف ايف کان پيسا ملي وڃن. اڳوڻي وزير اعظم چيو ته اسان جي ڪوشش هئي ته اسان ملڪي دولت ۾ واڌ آڻيون ۽ ملڪي معيشت کي بهتر ڪيو وڃي.

اڳوڻي وزير اعظم چيو ته جيڪڏهن معيشت کي بهتر ڪري وٺن ها ته هو فوري انتخابات جو مطالبو نه ڪري ها، ليڪن هاڻي صورت حال اها آهي ته ملڪ ڊيفالٽ جي طرف وڌي رهيو آهي. اهي ان جي ڪري چونڊن ۾ دير ڪرڻ گهرن ٿا ڇو ته چونڊن کان ڊنل آهن.

عمران خان جي هڪ ڀيرو ٻيهر جنرل (ر) باجوه تي تنقيد

اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوه جو هڪ دفعو ٻيهر ذڪر ڪندي، عمران خان چيو ته موجوده صورت حال جو ذمي دار اهو ئي هو. جڏهن هو آرمي چيف هو اسان چپ ڪري سندس سازش ڏسندا رهياسين.

سندس بقول، اسان جي حڪومت جي خلاف جيڪي به سازشون ٿيون ۽ اسان کي هٽائڻ جو جيڪو به فيصلو هو اهو جنرل (ر) باجوه ئي ڪيو.

اڳوڻي وزير اعظم سوال اٿاريو ته ڪهڙو سبب آهي جو اسان جي حڪومت کي ڪيرايو ويو؟ ڇو شهباز شريف ۽ اسحاق ڊار تي اعتماد ڪيو ويو؟

عمران خان چيو ته جنرل (ر) باجوه جيڪو ظلم اسان جي عوام تي ڪرايو ايڏو ظلم جنرل (ر) پرويز مشرف جي دور ۾ به نه ٿيو هو. ان جي بجاءِ جو جنرل (ر) باجوه پنهنجي غلطي سڌاري ها، اسان جي ماڻهن تي ظلم ڪيو ويو. اعظم سواتي تي تشدد ڪرايو ويو، جيڪي ’يوٽيوبرز’ اسان جي حق ۾ ڳالهائي رهيا هيا انهن تي تشددد ڪرايو ويو.

حيرت آ جمعي تائين انتظار ڇو پيو ڪيو وڃي

عمران خان جي اعلان تي رد عمل ڏيندي داخلا جي وفاقي وزير رانا ثناالله چيو آهي ته کيس حيرت آهي ته جمعي تائين جو انتظار ڇو ٿو ڪيو وڃي. جيڪڏهن فيصلو ڪري ئي ڇڏيو آهي ته اسيمبليون فوري تحليل ڪيون وڃن.

جيو نيوز سان گفتگو ڪندي هن چيو ته اهو بهانو تلاش ڪيو پيو وڃي ته عدم اعتماد اچي وڃي ۽ معاملو وڌيڪ ڪجهه ڏينهن موخر ٿي وڃي.

رانا ثنا الله چيو ته مسلم ليگ (ن) ۾ ڪي ٻه رائيون ڪونهن ته جيڪڏهن اسيمبليون تحليل ٿي وڇن ٿيون ته اليڪشن ڏانهن وڃڻ کپي. هڪ راءِ اها آهي ته تحريڪ عدم اعتماد آڻي معاملي کي التوا ۾ وڌو وڃي.

وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن آئين جي لحاظ کان 90 ڏينهن اندر پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ اليڪشن ٿين ٿا ته پوءِ اسان کي اليڪشن ڏانهن وڃڻ کپي.