’سري لنڪا کي فوجي خرچ گهٽائڻ لاءِ چيو پيو وڃي، پاڪستان به ساڳي طرف وڌي رهيو آهي’

عمران خان (فائيل فوٽو)

پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آئي) جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته کيس رستي مان هٽائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي ۽ هاڻي ’پلان سي’ ٺهيو آهي جنهن جي پويان آصف زرداري آهي.

جمعي جي ڏينهن لاهور ۾ پنهنجي وڊيو خطاب ۾ اڳوڻي وزير اعظم چيو آهي ته پاڪستان معاشي دٻڻ ۾ ڦاسي چڪو آهي. آئي ايم ايف سري لنڪا ۽ مصر کي پنهنجا فوجي خرچ گهٽ ڪرڻ لاءِ چيو آهي ۽ پاڪستان به خدا نه ڪري اوڏانهن ئي وڌي رهيو آهي.

عمران خان چيو آهي ته معاشي ماهرن هاڻي پاڪستان جي ڊيڄاريندڙ تصوير جي اڳ ڪٿي ڪئي آهي. ٻن ڏينهن ۾ پاڪستاني روپيو ڊالر جي مقابلي ۾ 33 روپيا ڪري چڪو آهي، جڏهن ته موجوده حڪومت جي دور ۾ 84 روپيا ڪري چڪو آهي. هن وقت پاڪستان ۾ زر مبادله جا ذخيرا 3.6 ارب ڊالر آهن جڏهن ته ڀارت ۾ 600 ارب ڊالر جا ذخيرا آهن.

عمران خان چيو ته غلطي تسليم ڪرڻ جي بجاءِ پاڪستان کي اڃان وڌيڪ دٻڻ ڏانهن گهليو پيو وڃي. طاقت ور ماڻهو جمهوريت کي تباه ڪرڻ تي لڳل آهن. ملڪ کي فاشزم ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي ۽ خوف ۽ هراس ڦهلايو پيو وڃي.

هن چيو ته جنرل مشرف جي مارشل لا جي دور ۾ به اهڙي قسم جو خوف نه هيو. جمهوري طريقي سان سياسي استحڪام آڻڻ بجاءِ ملڪ جي سڀني کان وڏي جماعت کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي. ان جي ڪري پاڪستان وڌيڪ دٻڻ ۾ ڦاسندو ويندو.

اڳوڻي وزير اعظم چيو آهي ته هاڻي قوم جون نظرون عدالت ڏانهن لڳل آهن ته اها ملڪ جي جمهوريت ڏانهن واپس آڻي ۽ 90 ڏينهن جي اندر چونڊن يقيني بنايون وڃن.

قومي اسمبليءَ جي 33 حلقن ۾ ضمني اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان قومي اسمبليءَ جي 33 حلقن تي ضمني انتخابات جو شڊول جاري ڪيو آهي. انهن نشستن تي 16 مارچ تي اليڪشن ٿيندا.

اهي سيٽون اسپيڪر قومي اسمبليءَ جي پاران پاڪستان تحريڪ انصاف جا استعيفا منظور ڪرڻ کان پوءِ خالي ٿيون آهن.

جمعي جي ڏينهن اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل اعلان مطابق قومي اسمبليءَ جي 33 سيٽن تي ضمني چونڊون ٿينديون. انهن سيٽن ۾ اين اي 4 سوات ٿري، اين اي 17 هري پور ون، اين اي 18 صوابي ون، اين اي 25 نوشهره ون، اين اي 26 نوشهره ٽو، اين اي 32 ڪوهاٽ، اين اي 38 ڊي آئي خان ون، اين اي 43 خيبر ون، اين اي 52 اسلام آباد ون، اين اي 53 اسلام آباد ٽو، اين اي 54 اسلام آباد تهري شامل آهن.

اليڪشن ڪميشن مطابق انهن سيٽن تي چونڊن جي لاءِ اميدوار ڇهينءَ کان اٺين فيبروريءَ تائين نامزدگيءَ جا ڪاغذ جمع ڪرائي سگهجن ٿا.