ڀارت جي واپار واري وزير پيوش گوئل خميص ڏينهن هڪ اخباري ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته نئين دهلي ۽ خليج تعاون ڪائونسل (جي سي سي) آزاد تجارتي معاهدي تي ڳالهه ٻولهه ٻيهر شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
پيوش گوئل ان موقعي تي گڏيل اخباري ڪانفرنس جي ميزبانيءَ کي اعزاز سان تعبير ڪندي چيو ته ’’اسان ’جي سي سي’ ۽ ڀارت جي وچ ۾ آزاد واپار جي معاهدي کي اڳتي وڌائڻ لاءَ مذاڪرات ٻيهر شروع ڪرڻ ۽ انهن کي جلد کان جلد پڄاڻيءَ تائين پهچائڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
اها ڳالهه ٻولهه ٻنهين ملڪن جي پاران ڪنهن تجارتي معاهدي تي صحي ڪرڻ جي ٽئين ڪوشش آهي. ان کان اڳ 2006 ۽ 2008 ۾ ان باري ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي هئي.
پريس ڪانفرنس ۾ ’جي سي سي’ جي سيڪريٽري جنرل نائف فلاح ابو الحراف ٻڌايو ته ڳالهه ٻولهه ۾ جن شعبن ۾ ٻه طرفي طور تي اتفاق ڪيو ويو آهي، تن ۾ فوڊ سيڪيورٽي، انرجي سيڪيورٽي ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي منتقلي شامل آهن.
نائف فلاح واپار جي آزاد معاهدي جي لاءِ زور ڀريو ۽ چيو ته اهو جديد دور جي معيشت جي ضرورتن کي پورو ڪندو.
هن چيو ته اسان سڀني ڪووڊ 19 کان پوءِ ۽ ان کان اڳ واري دنيا جو مشاهدو ڪيو آهي.
ناعف چيو ته ڪاروبار هڪ نئين چيلنج واري دور ۾ داخل ٿي ويو آهي جنهن ۾ اسان پنهنجي مشترڪه ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ جاءِ پيدا ڪرڻ گهرون ٿا. انهن منجهان ڪجهه جو حوالو ڏيندي هن چيو ته چاهي اهو واپار، سيڙپ، ٽيڪنالاجي، موسمياتي تبديلي، خوراڪ جي حفاظت يا توانائيءَ جي سيڪيورٽي جي لاءِ هجن.
’جي سي سي’ خليج جي خطي جي ڇهن ملڪن جو اتحاد آهي جنهن ۾ سعودي عرب، متحده عرب امارات، قطر، ڪويت، عمان ۽ بحرين شامل آهن.
(هيءَ رپورٽ رائيٽرز جي فراهم ڪيل معلومات تي مبني آهي)