ڀارت بين الاقوامي واپار ۾ پنهنجي سڪي جي استعمال کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي رهيو آهي، ته جيئن انهن ملڪن ۾ پنهنجي برآمد ۾ واڌارو آڻي سگهي جن کي ڊالر جي ڪمي يا اولهه جون پابنديون آڏو آهن.
نئين دهليءَ مان وائس آف آمريڪا جي آنجنا پسريچا جي رپورٽ مطابق، واپار جي ڏيتي ليتيءَ جي ماهرن چيو آهي ته يوڪرين تي روسي حملي جي نتيجي ۾ روس تي عائد ٿيڻ وارين پابندين کان پوءِ ماسڪو جي پاران ڊالر ۽ يورو جي جاءِ تي ٻين ڪرنسين جي استعمال کي ڏسندي، ڀارت کي به ٻين ملڪن سان واپار جي لاءِ پنهنجي سڪي کي اڳتي وڌائڻ جو خيال آيو.
ڀارت آمريڪا جي اڳواڻيءَ ۾ شامل ناهي ۽ روس کان سستي خام تيل جي سندس درآمد ۾ پوئين سال واڌ آئي.
ڀارت جي سيڪريٽري تجارت سنيل پارٿوال گزريل جمعي تي هڪ اخباري ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته نئين دهلي بين الاقوامي واپار جي لاءِ روپئي جي استعمال جي حمايت ڪندو.
SEE ALSO: ڀارتي ڪشمير ۾ اماراتي گروپ جي سيڙپ ڪاري. ڇا حالتون بدلجي رهيون آهن؟ٻاهرين ملڪن سان واپار جي نئين پاليسيءَ جو اعلان ڪندي، هن چيو ته اهڙا ملڪ جن کي ڪرنسيءَ جا مسئلا درپيش آهن يا جن وٽ ڊالر جي ڪمي آهي يا بين الاقوامي ڪرنسيءَ جي گهٽتائي آهي، اسان انهن سان روپئي ۾ واپار ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون.
سندس بقول، ان جي ڪري نه صرف اسان جي برآمد کي هٿي ملندي بلڪه انهن ملڪن کي به تباهيءَ مان ڪڍي سگهجي ٿو.
ڀارت انهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي اهڙا واپاري طريقا ڳولهي رهيا آهن جن ۾ ڊالر استعمال نه ٿو ٿئي.
ياد رهي ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان وٺي ڊالر جو بين الاقوامي واپار تي ڌاڪو ويٺل آهي.