اميت شاه جو اروناچل پرديش جو دورو، ڇا ڀارت ۽ چين وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي؟

اروناچل پرديش (فائيل فوٽو)

ڀارت جي گهرو معاملن واري وزير اميت شاه اروناچل پرديش جي سرحدي علائقي جو دورو ڪيو آهي ۽ ’لائين آف ايڪچوئل ڪنٽرول (ايل اي سي)‘ جي ويجهو ’ڪيٿو’ نالي هڪ ڳوٺ ۾ ’وائبرينٽ وليج پروگرام (وي وي پي)’ جو افتتاح ڪيو. سومر ڏينهن ان دوري جي موقعي تي هن چيو ته اهو زمانو هليو ويو جڏهن زمين تي ڪو به قبضو ڪري سگهي پيو. هاڻي ڪو هڪ انچ زمين جو به نه ٿو ڦپائي سگهي.

چين اميت شاه جي دوري جي سختيءَ سان مخالفت ڪندي چيو آهي ته ان علائقي ۾ سندس سرگرميون چين جي علائقي جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي آهي. هو ان کان اڳ به ڀارتي اڳواڻن جي اروناچل دوري جي مخالفت ڪندو رهيو آهي.

ان کان اڳ چين اروناچل پرديش جي يارهن هنڌن جا نالا بدلايا هيا جن کي ڀارت رد ڪري ڇڏيو هو.

انهن ٻنهي قدمن ۽ ڌرين جي بيانن کي ڏسندي مبصرن جي پاران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوري وڌڻ جون قياس آرائيون ڪيون پيون وڃن.

ڀارتي حڪومت ’وائبرينٽ وليج پروگرام’ جي نالي سان هڪ منصوبو شروع ڪيو آهي جنهن جو مقصد ڀارت جي اترئين سرحدي علائقي ۾ واقع 2967 علائقن کي جامع ترقياتي منصوبن ۾ شامل ڪرڻ آهي.

اهي ڳوٺ يا علائقا اروناچل پرديش، سڪم، اتراکنڊ، هماچل پرديش ۽ مرڪز جي زير انتظام علائقي لداخ ۾ آهن. پهرئين مرحلي ۾ 662 علائقن جو انتخاب ڪيو ويو آهي جن ۾ 455 اروناچل پرديش ۾ آهن. اميت شاه جو هي دورو چين جي پاران هلندڙ سال ٻئي اپريل تي اروناچل پرديش جي 11 هنڌن جا نالا تبديل ڪرڻ جي قدم کان پوءِ ٿيو.

ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان، ارندم باگچيءَ چوٿين اپريل تي پنهنجي رد عمل ۾ چين جي ان قدم کي مسترد ڪندي چيو هو ته نالن ۾ تبديليءَ جا حقائق نه بدلائي سگهبا. واضح رهي ته چين اروناچل پرديش جو نالو ’زنگيان’ رکيو آهي.

ان کان اڳ ٻه ڀيرا 2017 ۽ 2021 ۾ به چين اروناچل پرديش جي ڪن هنڌن جا نالا بدلايا هيا. ان وقت به نئين دهليءَ ان قدم جي مخالفت ڪئي هئي ۽ نالن جي تبديليءَ کي رد ڪيو هو. آمريڪا به چين جي ان عمل کي مسترد ڪري ڇڏيو هو.

خيال رهي ته چين اروناچل پرديش تي پنهنجي حق جي دعوا ڪندو رهندو آهي، جڏهن ته ڀارت ان کي پنهنجو علائقو چوندو آهي.

اميت شاه جي دوري تي تنقيد

ڀارتي گهرو معاملن واري وزير جي اروناچل پرديش جي دوري کان پوءِ چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان وانگ وينين هڪ اخباري ڪانفرنس ۾ چيو ته ڀارتي عهديدار جو دورو سرحد تي امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ جي ابتڙ آهي.

ٻئي پاسي، ڀارت چين جي انهن اعتراضن کي رد ڪيو آهي.

چين ڀارت سرحدي اختلاف

ڀارت ۽ چين جي وچ ۾ سرحدي تنازعو تمام پراڻو آهي. ٻنهي ۾ 1962 ۾ جنگ به ٿي چڪي آهي.

جون 2020 ۾ ٻنهي ملڪن جي فوج جي وچ ۾ رتوڇاڻ به ٿي هئي، جنهن ۾ ڀارت جا 20 ۽ چين جا چار فوجي مري ويا هيا. ان کان پوءِ ٻنهي ملڪن ۾ سرحدي ڇڪتاڻ تمام وڌي وئي هئي.

ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ کي دور ڪرڻ جي لاءِ ڪمانڊرن جي سطح تي مذاڪرات جا 17 دور ٿي چڪا آهن. هن وقت ٻنهي ملڪن جي پاران پنجاه پنجاه هزار فوجي ’لائين آف ايڪچوئل ڪنٽرول’ تي تعينات آهن.

پرڏيهي وزير ايس جي شنڪر گزريل مهيني هڪ بيان ۾ چيو هو ته اوڀر لداخ ۾ ’ايل اي سي’ تي صورت حال غير يقيني ۽ خطرناڪ آهي.