ايران: حڪومت تي تنقيد جي ڏوهه ۾ فٽ بال جو رانديگر گرفتار

فٽ بالر وريا غفوري (فائيل فوٽو)

سرڪاري سرپرستيءَ ۾ ڪم ڪرڻ واري ايراني ميڊيا جي اطلاعن مطابق، حڪومت تي تنقيد جي ڏوهه ۾ ملڪ جي قومي فٽ بال ٽيم جي هڪ اڳوڻي رانديگر، وريا غفوريءَ کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

نيم سرڪاري ’فارس’ ۽ ’تسنيم’ خبرن جي ادارن خميص ڏينهن خبر ڏني آهي ته وريا غفوريءَ کي فٽ بال ٽيم جي بدناميءَ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، جيڪا اڄ ڪلهه عالمي ڪپ کيڏي رهي آهي، ۽ اهو ته هن حڪومت تي تنقيد ڪئي آهي.

اوريا غفوري (فائيل فوٽو)

غفوري جنهن کي عالمي ڪپ جي لاءِ منتخب نه ڪيو ويو هو، هو پنهنجي ڪيريئر جي دوران ايراني عهديدارن ۽ سندن پاليسين تي کليءَ طرح تنقيد ڪندو رهيو آهي.

ٻن مهينن کان وڌيڪ عرصي کان ايران ۾ حڪومت مخالف هنگامه آرائي ۽ احتجاج جاري آهي جيڪو ڏهن سالن جي عرصي جي دوران اسلامي حڪمرانن جي لاءِ سڀ کان وڏي چيلنج جي علامت آهي.

احتجاج جو جاري سلسلو ان وقت شروع ٿيو جڏهن 16 سيپٽمبر تي 22 ورهن جي نوجوان مهسا اميني پوليس جي حراست دوران فوت ٿي، جنهن کي اخلاقيات جي پوليس ان کان ڪجهه ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو هو. هن تي الزام هو ته مهسا امينيِءَ مذهبي احڪامات جي مطابق پنهنجي مٿي کي چڱيءَ طرح نه ڍڪيو هو.

ان کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرن جي تحريڪ شروع ٿي جنهن ۾ 300 کان وڌيڪ ماڻهو ماريا ويا آهن، جن ۾ 43 ٻار هيا، جڏهن ته هزارين گرفتار ڪيا ويا آهن.

(رپورٽ ۾ شامل مواد خبرن جي اداري ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)