فواد چوڌري اسلام آباد منتقل، بازيابيءَ جي لاءِ لاهور هائي ڪورٽ ۾ درج درخواست مسترد

فواد چوڌري

اليڪشن ڪميشن کي ڌمڪيون ڏيڻ جي الزام ۾اربع ڏينهن لاهور مان گرفتار ٿيڻ واري تحريڪ انصاف جي رهنما فواد چوڌريءَ کي اسلام آباد منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته لاهور هائي ڪورٽ سندس بازيابيءَ جي لاءِ درج درخواست مسترد ڪري ڇڏي آهي.

وائس آف آمريڪا جي نمائندي عاصم علي رانا جي مطابق فواد چوڌريءَ کي اربع جي رات اسلام آباد جي ايف 8 ڪچهريءَ ۾ جڊيشل ماجسٽريٽ نويد خان جي عدالت آڏو پيش ڪيو ويو.

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل عدالت ۾ دليل ڏنا ته ’’سوچيل سمجهيل منصوبي هيٺ اليڪشن ڪميشن کي نشانو بنايو پيو وڃي’’.

اداري جي وڪيل چيو ته فواد چوڌريءَ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي حالت هڪ منشيءَ جهڙي آهي، جنهن تي فواد چوڌريءَ چيو ته ’’ها. اليڪشن ڪميشن جيحالت منشيءَ جهڙي آهي’’. ان تي ڊيوٽي جج فواد چوڌريءَ کي وچ ۾ ڳالهائڻ کان روڪيو.

فواد چوڌريءَ جي بازيابيءَ جي لاءِ لاهور هائي ڪورٽ ۾ درج درخواست مسترد

وائس آف آمريڪا جي نمائندي عاصم علي رانا جي مطابق فواد چوڌريءَ کي اربع جي رات اسلام آباد جي ايف 8 ڪچهريءَ ۾ جڊيشل ماجسٽريٽ نويد خان جي عدالت آڏو پيش ڪيو ويو.

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل عدالت ۾ دليل ڏنا ته ’’سوچيل سمجهيل منصوبي هيٺ اليڪشن ڪميشن کي نشانو بنايو پيو وڃي’’.

اداري جي وڪيل چيو ته فواد چوڌريءَ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي حالت هڪ منشيءَ جهڙي آهي، جنهن تي فواد چوڌريءَ چيو ته ’’ها. اليڪشن ڪميشن جي حالت منشيءَ جهڙي آهي’’. ان تي ڊيوٽي جج فواد چوڌريءَ کي وچ ۾ ڳالهائڻ کان روڪيو.

وائس آف آمريڪا جي نمائندي ضيا الرحمان مطابق، لاهور هائي ڪورٽ جي جج جسٽس طارق سيلم شيخ درخواست ٻڌندي کيس ٻين بجي تائين عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

ٻين وڳي سماعت شروع ٿي ته ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته اسلام آباد پوليس فواد چوڌريءَ کي وٺي روراني ٿي وئي آهي، جنهن تي جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته عدالتي حڪم جي باوجود فواد چوڌريءُ کي عدالت ۾ پيش ڇو نه ڪيو ويو؟

ان تي ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته سندس اسلام آباد پوليس سان رابطو نه ٿيو آهي ڇو ته اسپتال ۾ طبي معائني کان پوءِ هو اسلام آباد ڏانهن روانو ٿي ويو آهي.

عدالتي حڪم جي باوجود فواد چوڌريءَ کي لاهور هائي ڪورٽ ۾ پيش نه ڪرڻ تي ناراضگي ظاهر ڪندي، جسٽس طارق سليم شيخ آئي جي اسلام آباد ۽ آئي جي پنجاب کي اربع ڏينهن شام جو ڇهين وڳي عدالت ۾ طلب ڪيو آهي.

بعد ۾ جڏهن ڇهين وڳي سماعت ٻيهر شروع ٿي ته جسٽس طارق سليم شيخ درخواست مسترد ڪندي فواد چوڌريءَ جي وڪيلن کي چيو ته اهي ان معاملي تي اسلام آباد هائي ڪورٽ سان لهه و چڙهه ۾ اچن.

مڪاني ذرائع ابلاغ جي رپورٽن مطابق، اڳوڻي وزير مملڪت ۽ رهنما تحريڪ انصاف فرخ حبيب لاهور رنگ روڊ تي فواد چوڌريءَ کي اسلام آباد وٺي وڃڻ واري قافلي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان دوران پوليس سان سندس تلخ ڪلامي به ٿي.

فواد چوڌريءَ کي راهداري ريمانڊ تي اسلام آباد منتقل ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد پوليس اليڪشن ڪميشن کي ڌمڪيون ڏيڻ جي الزام ۾ گرفتار تحريڪ انصاف جي مرڪزي رهنما فواد چوڌريءَ جي راهداري ريمانڊ حاصل ڪئي هئي جنهن کان پوءِ لاهور جي مڪاني عدالت کيس وفاقي گاديءَ واري هنڌ منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

اربع جي ڏينهن پوليس فواد چوڌريءَ کي لاهور جي ڪينٽ ڪچهري ۾ جڊيشل ماجسٽريٽ جي آڏو پيش ڪيو جتي عدالت فواد چوڌريءَ جو سروسز اسپتال مان ميڊيڪل ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي راهداري ريمانڊ منظور ڪري ورتي.

بعد ۾ پوليس جي تحويل ۾ فواد چوڌريءَ جي ميڊيڪل چيڪ اپ جي لاءِ لاهور جي سروسز اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندس مختلف ٽيسٽ ڪيا ويا.

ٽيسٽ رپورٽن ۾ فواد چوڌريءَ جي شگر، بلڊ پريشر ۽ اي سي جي جون رپورٽون نارمل آيون. ليڪن رت جي مڪمل ٽيسٽن جي لاءِ نمونو حاصل ڪيو ويو آهي جنهن جي رپورٽ بعد ۾ ايندي.