آمريڪا جي دفاعي عمل دارن چيو آهي ته ڪابل ۾ دهشت گردن خلاف ڪاروائيءَ ۾ القاعده جي سربراه، ايمن الظواهريءَ جي موت کان پوءِ طالبان وٽ اهو انتخاب موجود آهي ته هو دنيا تي اها ڳالهه ثابت ڪن ته اهي دوحا معاهدي جي پاسداري ڪندي افغانستان جي سرزمين تي دهشت گردن کي پناه گاهن جي اجازت نه ڏيندا.
وائيٽ هائوس ۾ اڱاري ڏينهن هڪ پريس بريفنگ جي دوران سلامتيءَ سان متعلق قومي ڪائونسل جي اسٽريٽجڪ ڪميونيڪيشنز ڪوآرڊي نيٽر، جان ڪربي گزريل سال آگسٽ ۾ افغانستان مان آمريڪي فوج جي واپسيءَ جي صدر جو بائيڊن جي فيصلي جو دفاع ڪندي چيو ته افغانستان ۾ آمريڪي فوج جي غيرموجودگيءَ جي باوجود آمريڪا وٽ اها صلاحيت موجود آهي ته اسان دهشت گرديءَ تي نظر رکي سگهون ٿا ۽ ان جو ڪاميابيءَ سان پيڇو ڪري سهگون ٿا.
جان ڪربيءَ چيو ته 30 جولائي تي ڪابل ۾ دهشت گرديءَ جي خلاف هڪ ٺيڪ آپريشن ڪيو جنهن ۾القاعده جي رهنما، ايمن الظواهريءَ کي نشانو بنائي ماريو ويو.
هن چيو ته ايمن الظواهريءَ جو شمار دنيا جي سڀ کان وڌيڪ مطلوب دهشت گردن ۾ ٿيندو هو. هو نائن اليون جي حملن جي دوران اسامه بن لادن جو نائب ٺهيو ۽ سال 2011 ۾ آمريڪا جي دهشت گردي جي خاتمي جي مشن دوران اسامه جي مارجي وڃڻ کان پوءِ سندس جانشين جي طور تي سامهون آيو. الظواهري آمريڪي عوام، مفادات ۽ قومي سلامتيءَ لاءِ هڪ فعال خطري جي حيثيت رکندو هو.
سندس بقول، اسان صدر بائيڊن جي هن وعدي کي پورو ڪيو جنهن جي مطابق افغانستان کي دهشت گردن جي محفوظ پناه گاه بڻجڻ نه ڏبو، جيڪي آمريڪي شهرين ۽ آمريڪه کي نقصان پهچائي سگهن.
جان ڪربيءَ جي مطابق، هيءَ ڪاروائي ظاهر ڪري ٿي ته افغانستان ۾ زمين تي آمريڪي فوج جي موجودگيءَ کان سواءِ ئي اسان هاڻي به دنيا جي سڀ کان وڏي مطلوب دهشت گرد جي سڃاڻپ ۽ ان جو پتو لڳائڻ جي اهليت رکون ٿا.
افغانستان ۾ طالبان حڪومت جي ترجمان، ذبيح الله مجاهد آمريڪي ڊرون حملي ۾ الظواهريءَ جي موت کان پوءِ هن اقدام کي بين الاقوامي قانون، افغانستان جي حق حاڪميت ۽ دوحا معاهدي جي خلاف ورزي قرار ڏنو آهي، جڏهن ته آمريڪي عمل دارن جو چوڻ آهي ته ايمن الظواهري ۽ سندس ڪٽمب کي پناه ڏئي طالبان دوحا معاهدي جي پاسداري نه ڪئي آهي، جنهن ۾ هنن اهو وعدو ڪيو هو ته افغانستان جي سرزمين تي دهشت گردن کي پنهنجا ٺڪاڻا ۽ پناه گاهون قائم ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
ياد رهي ته آمريڪي ڊرون حملي ۾ ڪابل جي مرڪزي حصي جي هڪ محفوظ علائقي جي هڪ سيف هائوس ۾، جتي ماضيءَ ۾گهڻي ڀاڱي سفارت ڪارن جي رهائش هوندي هئي، ايمن الظواهريءَ کي ماريو ويو، جتي هو پنهنجي خاندان سان گڏ رهي رهيو هو.
پريس بريفنگ ۾، جان ڪربيءَ چيو ته اسان طالبان تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته اسان کي ان ڳالهه جي ڄاڻ آهي ته هنن ڇا ڪيو ۽ هنن ڪنهن کي پناه ڏني. اسان اهڙن اقدامن متعلق به ڄاڻ رکون ٿا جيڪي طالبان الظواهريءَ جي خلاف ڪاروائي جي شهادتن کي مٽائڻ لاءِ ڪيا.
SEE ALSO: ايمن الظواهريءَ کي ڊرون حملي ۾ ماريو ويو، صدر بائيڊنهن چيو ته طالبان دعوي ڪن ٿا ته هو آمريڪا ۽ مغرب سان تعلقات چاهن ٿا. هو دعوي ڪن ٿا ته هو بين الاقوامي برادريءَ جو حصو بنجڻ چاهن ٿا. سندن دعوي آهي ته اهي مالي مدد چاهن ٿا. اگر اهو سچ آهي ۽ هو واقعي اهو چاهن ٿا ته پوءِ هنن جي لاءِ اهو ضروري آهي ته هو دوحا معاهدي هيٺ پنهنجي وعدن جي پوئواري ڪن.
جان ڪربيءَ بقول، الظواهريءَ جي خلاف ڪابل ۾ ڪاروائي جو هي مطلب ناهي ته القاعده جو خطرو ختم ٿي ويو آهي. اسان افغانستان مان نڪرڻ وقت چيو هو ته اسان چوڪس ۽ تيار رهنداسين ۽ افغانستان کي دهشت گردن جي محفوظ پناه گاه بنجڻ نه ڏينداسين. اسان ڄاڻون ٿا ته افغانستان ۾ القاعده جا ڪجهه جنگجو موجود آهن جن جو تعداد گهڻو ڪونهي. ان ۾ القاعده جي خراسان شاخ به شامل آهي. هنن تي اسان جي نظر آهي. اگر آمريڪي عوام کي هنن کان يا ڪنهن ٻئي دهشت گرد گروه جي طرفان خطرو درپيش هوندو ته آمريڪي صدر ٻيهر ان ڪاروائيءَ جو حق محفوظ رکي ٿو.
خبررسان اداري، رائٽرز جي هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آمريڪي انٽيلي جينس ڪافي عرصي کان الظواهريءَ جو پيڇو ڪري رهي هئي ۽ ان ڪابل۾هن جي موجودگيءَ متعلق ٺوس معلومات حاصل ڪري ورتي هئي جنهن کان پوءِ اعلي عمل دارن ان معلومات ۽ انهن شهادتن کي صدر بائيڊن جي سامهون رکيو، جنهن عالمي دهشت گرد جي خلاف هڪ محفوظ ڪاروائيءَ جي اجازت ڏني، جنهن ۾ عام شهرين جي جان ۽ املاڪ کي نقصان جو خطرو گهٽ کان گهٽ هجي.
SEE ALSO: الظواهريءَ جي مارجي وڃڻ کان پوءِ آمريڪا ۽ طالبان جي هڪ ٻئي تي الزامن جي ڏي وٺرائٽرز مطابق، جيڪڏهن الظواهريءَ جي موجودگي افغانستان جي ڪنهن ڏورانهين علائقي ۾ ظاهر ٿئي ها ته طالبان هيءَ دعوي ڪري سگهن ها ته هو ان کان لاعلم هيا. پر هو گاديءَ واري هنڌ ڪابل جي مرڪزي حصي ۾ الظواهريءَ جي موجودگيءَ کان بي خبر هئڻ جي دعوي نه ٿا ڪري سگهن، ڇو ته ڪابل ۾ طالبان تلاشي ۽ جانچ پڙتال جون ڪيتريون ئي ڪاروائيون ڪري چڪا آهن.
هڪ سوال جي جواب ۾ جان ڪربيءَ جو چوڻ هو ته طالبان هي اعتراف ڪري چڪا آهن ته اهي الظواهري ۽ ان جي خاندان کي پناه ڏئي رهيا هيا. ان لاءِ آمريڪا اهو ڪجهه ڪيو جنهن جو صدر بائيڊن وعدو ڪيو هو. هاڻي طالبان وٽ هڪ انتخاب اڃان به موجود آهي ته دوحا معاهدي تحت پنهنجي وعدن جي پاسداري ڪن.
هڪ سوال جي جواب ۾ جان ڪربيءَ چيو ته حقاني نيٽ ورڪ جا ڪيترا ئي سينئر ارڪان الظواهريءَ جي موجودگيءَ کان آگاه هيا.
(هن خبر ۾ شامل ڪجهه معلومات خبررسان اداري، رائٽرز تان ورتي وئي آهي)