سلمان خان جي نئين فلم عيد تي رليز ٿيندي

بالي ووڊ جو سلطان، سلمان خان عيد جي موقعي تي هڪ ڀيرو ٻيهر سينيما گهرن جي سونھن وڌائڻ لاءِ تيار آهي. مداح سندس فلم ’ڪسي ڪا ڀائي ڪسي ڪي جان’ جو وڏي ءَبي صبري سان انتظار ڪري رهيا آهن.

سلمان خان ڪيترن ئي سالن کان پنهنجي چاھيندڙن کي عيد جي موقعي تي ھڪ نئين فلم جو تحفو ڏيندو پيو اچي. 2021 ۾ سندس فلم ’راڌي’ محدود پيماني تي رليز ٿي، پر هاڻ هن عيدالفطر تي سندس نئين فلم ’ڪسي ڪا ڀائي ڪسي ڪي جان’ سمورن سنيما گهرن ۾ 21 اپريل تي رليز ڪئي ويندي.

فلم جو آفيشل ٽريلر سومر ڏينھن شام 6 وڳي جاري ڪيو ويندو.

فرهاد سمجي جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم ۾ سلمان خان سان گڏ پوجا هيگدي، ڀوميڪا چاولا، وجيندر سنگهه، شهناز گل ۽ ٻيا اداڪار ايڪشن ۾ نظر ايندا.

ھن فلم ۾ بالي ووڊ ستاري سلمان خان هڪ اهڙي شخص جو ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن جو مقصد سماج کي ڏوهن کان پاڪ ڪرڻ آهي، جڏهن ته سندس ننڍا ڀاء پنهنجي وڏي ڀاءُ لاءِ جيون ساٿي جي ڳولا ڪن ٿا.


آخري ڀيرو عيد جي موقعي تي سلمان خان جي فلم ’ڀارت’ (2019) سينيما گهرن ۾ رليز ٿي هئي، جنهن تقريبن 42.30 ڪروڙ ڀارتي رپين جو بزنس ڪيو هو.

گذريل 13 سالن ۾ سلمان خان جي عيد تي رليز ٿيندڙ فلمن ۾ دبنگ، باڊي گارڊ، ايڪ ٿا ٽائيگر، ڪِڪ، بجرنگي ڀائي جان، سلطان، ٽيوب لائيٽ، ريس 3 ۽ ڀارت شامل آهن.

ياد رهي ته 2021 ۾ سلمان خان جي عيد تي رليز ٿيندڙ فلم ’راڌي’ جي ڪورونا سبب مڪمل ٿيٽر رليز نه ٿي سگھي، ان بجاءِ فلم جي ڊجيٽل ۽ محدود ٿيٽر رليزنگ ڪئي وئي. سندس فلمون ’انتم‘ (2021) ۽ ’دبنگ 3‘ (2019) پڻ عيد تي رليز نه ٿي سگھيون ھيون.

(عمير علويءَ جي رپورٽ)