عمران خان جي ٽين مارچ تائين حفاظتي ضمانت منظور

عمران خان لاهور هائي ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست جي حاضريءَ تي پهچڻ مهل.

لاهور هائي ڪورٽ اڳوڻي وزير اعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين، عمران خان جي درخواست تي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، جڏهن ته عدالت عمران خان جي پاران معذرت ۽ حفاظتي ضمانت جي درخواست واپس وٺڻ تي ان درخواست کي نبيري ڇڏيو آهي.

عمران خان پنهنجي خلاف اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران وڳوڙ جي ڪيس ۽ اسلام آباد ۾ درج دهشت گرديءَ جي مقدمي ۾ ضمانت جي لاءِ لاهور هائي ڪورٽ ۾ پيش ٿيو.

هو پي ٽي آئي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي هڪ وڏي جلوس جي شڪل ۾ لاهور هائي ڪورٽ پهتو. ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هيا.

مڪاني ميڊيا جي مطابق لاهور هائي ڪورٽ جي جسٽس طارق سليم شيخ عمران خان جي حفاظتي ضمانت جي درخواست ۽ وڪالت نامي تي صحيءَ ۾ فرق تي هن کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو.

عدالت عمران خان کي سومر ڏينهن ٻي وڳي گهرايو هو، ليڪن هو پيش نه ٿيو جنهن تي لاهور هائي ڪورٽ جي جج جسٽس طارق سليم شيخ سماعت ملتوي ڪئي. بعد ۾ پنجين وڳي تائين عمران خان کي پيش ٿيڻ جي مهلت ڏني وئي. پوءِ ان مهلت کي وڌايو ويو.

عمران خان ساڍي پنجين وڳي جي مهل لاهور هائي ڪورٽ پهتو، ليڪن هن ساڻ ڪارڪنن جو وڏو اٽالو هيو، جنهن جي ڪري هو مقرر وقت اندر عدالت نه پهچي سگهيو.

گزريل سال نومبر ۾ عمران خان پاڻ تي ٿيڻ واري قاتلانه حملي کان پوءِ لاهور ۾ پنهنجي رهائش گاه زمان پارڪ ۾ ٽڪيل آهي.

اليڪشن ڪميشن وڳوڙ ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت جي لاءِ عمران خان گزريل هفتي گهرائڻ جي باوجود لاهور هائي ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيو.عمران خان جي وڪيلن جو عدالت آڏو چوڻ هو ته ڊاڪٽرن اڳوڻي وزير اعظم کي سفر نه ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي.

اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران توشه خانه ڪيس جو فيصلو اچڻ کان پوءِ ٿيڻ واري وڳوڙ ۽ ان دوران قومي اسمبليءَ جي هڪ رڪن جي گارڊ تي هوائي فائرنگ تي دهشت گرديءَ جي شقن هيٺ ڪيس درج ڪيو ويو هو.

هن ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت دهشت گرديءَ جي روڪٿام جي عدالت منسوخ ڪري ڇڏي هئي.

اسلام آباد جي انسداد دهشت گرديءَ جي عدالت اربع ڏينهن عبوري ضمانت مسترد ٿيڻ کان پوءِ گرفتاريءَ جي خطري جي پيش نظر پي ٽي آئي لاهور هائي ڪورٽ سان حفاظتي ضمانت جي لاءِ رجوع ڪيو هو.

حفاظتي ضمانت جي درخواست ۽ وڪالت نامي تي صحيءَ ۾ فرق جي ڪري هن کي لاهور هائي ڪورٽ گزريل هفتي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو. ليڪن عمران خان هائي ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيو.

اهڙيءَ ريت ٻئي ڪيس ۾ لاهور هائي ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ اسلام آباد جي ٿاڻي سنگجاڻيءَ ۾ دهشت گرديءَ جي مقدمي ۾ چار ڏينهن اڳ ضمانت جي درخواست خارج ڪري ڇڏي هئي.

جسٽس علي باقر نجفي ۽ جسٽس شهباز رضوي تي مشتمل بينچ ۾ حاضريءَ دوران عمران خان جي وڪيلن موقف اختيار ڪيو هو ته اڳوڻي وزير اعظم تي قاتلانه حملي کان پوءِ ڊاڪٽرن مڪمل آرام جي صلاح ڏني هئي. عدالت کيس 15 ڏينهن جي حفاظتي ضمانت ڏئي.

ٻه رڪني بينچ گزريل هفتي اڱاري جي شام ساڍي ڇهين وڳي هن کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ليڪن پيش نه ٿيڻ تي سندس حفاظتي ضمانت جي درخواست خارج ڪئي وئي هئي.

ان حوالي سان عمران خان جي وڪيلن ٻيهر درخواست ڏني هئي ۽ سومر ڏينهن عدالت جي اڱڻ تي عمران خان جي پهچڻ تي پهرين ٻه رڪني بينچ درخواست جي سماعت شروع ڪئي.

عمران خان جي وڪيلن چيو هو ته هو عدالت جي احاطي ۾ موجود آهي. هن رجسٽرار جي ذريعي سندس حاضري لڳرائڻ جي درخواست ڪئي.

جسٽس علي باقر نجفيءَ حڪم ڏنو ته عمران خان جي پيشيءَ جي پڪ ڏني وڃي. ان کان پوءِ شام ساڍي ستين وڳي تائين ان ڪيس جي سماعت ملتوي ڪئي وئي.

بعد ۾ عمران خان پنهنجي گاڏيءَ مان لٿو ۽ ڪارڪنن جي ڀيڙ وچان آهستي آهستي هلندي عدالت پهتو.

اسلام آباد جي ٿاڻي سنگجاڻيءَ ۾ دهشت گرديءَ جي ڪيس جي حفاظتي ضمانت جي درخواست تي جسٽس علي باقر نجفي ۽ جسٽس شهباز رضويءَ تي مشتمل بينچ جي سماعت شروع ڪئي.

عمران خان جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ تي ٻه رڪني بينچ سندس ٽين مارچ تائين حفاظتي ضمانت منظور ڪئي.