عمران خان جي ٻن ڪيسن ۾ حفاظتي ضمانت منظور

فائيل فوٽو

لاهور هائي ڪورٽ دهشتگرديءَ جي ٻن ڪيسن ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي حفاظتي ضمانت 27 مارچ تائين منظور ڪري ورتي آهي.

عدالت گولڙا پوليس اسٽيشن ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمنٽ (سي ٽي ڊي) جي ڪيسن ۾ عمران خان جي حفاظتي ضمانت منظور ڪئي.

لاهور هائي ڪورٽ جي جسٽس شهباز رضوي ۽ جسٽس فاروق حيدر تي مشتمل ٻه رڪني بينچ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

انھي عدالت نيب جي ڪيسن ۾ عمران خان جي حفاظتي ضمانت 10 ڏينهن لاءِ منظور ڪري ورتي آهي.

عمران خان اڱاري ڏينهن زمان پارڪ کان پنهنجي سيڪيورٽي اسڪواڊ سان گڏ ھائي ڪورٽ پهتو.

لاهور مان وائس آف آمريڪا جي نمائندي ضياءُ الرحمان موجب عمران خان جي عدالت وڃڻ کان اڳ سندس زمان پارڪ واري گھر جي ٻاھران پي ٽي آءِ جا ڪارڪن به پھچي ويا ھيا، پر جڏهن عمران خان ڪورٽ لاءِ روانو ٿيو ته ڪارڪن ساڻس گڏ نه هيا.

زمان پارڪ آپريشن بابت ٻڌڻي

ان کان اڳ لاهور هائي ڪورٽ جي جج جسٽس طارق سليم شيخ، زمان پارڪ ۾ پوليس ڪاروائي بابت توهين عدالت جي درخواست ٻڌي.

ٻڌڻي شروع ٿيندي ئي عمران خان روسٽرم تي آيو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته سندس گهر تي ٿيندڙ پوليس ڪاروائي عدالت جي توهين آهي.

عمران خان چيو ته جڏھن هو اسلام آباد جي عدالت ۾ حاضري لاءِ ويو ته پٺيان سندس غير موجودگي ۾ پوليس سندس گهر ۾ گھڙي آئي.


ھن چيو ته سندس گهر جا شيشا ٽوڙيا ويا، جڏھن ته سندس گھرواري جيڪا ھڪ پردي دار عورت آهي، تنھن جون رڙيون به ڪئميرا جي رڪارڊنگ ۾ موجود آهن.

جسٽس طارق سليم شيخ آئي جي پنجاب ۽ ٻين ڌرين کان جواب طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 28 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

حڪومت جي وڪيل جو جج تي اعتراض

ٻڌڻيءَ دوران پنجاب حڪومت جي وڪيل جسٽس طارق سليم شيخ تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو. وڪيل درخواست ڪئي ته ڪيس ڪنھن ٻئي جج ڏانهن منتقل ڪيو وڃي، جنهن تي عدالت اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇيو ته ڪھڙي ڳالھ جي ڪري توهان کي عدالت تي اعتماد ناهي.

هن چيو ته جيڪڏهن مستقبل ۾ اهڙو ڪو معاملو ٿيو ته توهينِ عدالت جي ڪاروائي ڪئي ويندي. هي ڪيس پھرين کان ھلندڙ آهي، پاڻمرادو نوٽيس وٺي به ڪارروائي ڪري سگھجي ٿي.


هوڏانهن آئي جي پنجاب پوليس عمران خان خلاف داخل ٿيل ڪيسن جي تفصيل لاهور هائي ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، جنھن موجب اڳوڻي وزيراعظم خلاف 6 ڪيس داخل آهن، جن مان چئن تي جاچ ھلندڙ آهي.

ڪيسن جوتفصيل جسٽس طارق سليم شيخ گهريو هو

آئي جي پنجاب پاران عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ موجب عمران خان خلاف لاهور جي ريس ڪورس ٿاڻي ۾ ٽي ڪيس داخل ٿيل آهن، جن مان هڪ ڪيس ۾ دهشتگرديءَ جا قلم لاڳو ڪيا ويا آهن

عمران خان کي راولپنڊي نيو ايئرپورٽ ٿاڻي ۾ بي ڏوھي قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته مدينه ٽائون ٿاڻي (فيصل آباد) ۾ داخل ڪيس ۾ کيس بري ڪيو ويو آهي.