مون سون بارشن جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ هلاڪتن جو تعداد 550 کان مٿي چڙهي ويو آهي. ملڪ جي ڏاکڻئين علائقي جي ٻن صوبن سنڌ ۽ بلوچستان ۾ تباه ڪارين جو سلسلو جاري آهي. مون سون بارشن جي ڪري هن مهل تائين بلوچستان ۾ 196 جڏهن ته سنڌ ۾ 134 ماڻهو مري چڪا آهن.
ڪوئٽه ۾ وائس آف آمريڪا جي نمائندي، مرتضي زهري مطابق، رقبي جي لحاظ کان ملڪ جي هن سڀ کان وڏي صوبي بلوچستان ۾ مون سون جي بارشن جي چوٿين ڦيري هڪ دفعو وري باکان، ڪوهلو، موسي خيل، ڪوه سليمان ۽ قلعه عبدالله ۾ تباهي مچائي آهي.
قدرتي آفتن متعلق محڪمي جي انگن اکرن مطابق، بلوچستان ۾ تازين بارشن ۽ سيلاب ۾ ٿيڻ وارين هلاڪتن جو تعداد 196 ٿي چڪو آهي. گزريل ڏينهن ڇنڇر جي رات تيز ۽ طوفاني بارشن جي نتيجي ۾ ڪوهلو جي ندي نالن ۾ ٻوڏ آئي ۽ هيٺاهان علائقا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا.
ڪوهلو ۾ امدادي ڪاروائين ۾ حصو وٺندڙ ليويز جي عمل دار، محمد جميل وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته گزريل رات ڪوهلو جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ٻوڏ جو پاڻي داخل ٿي ويو. انتظاميه پهريان ئي ماڻهن کي محفوظ جاين ڏانهن وڃڻ جون هدايتون ڪيون هيون، جن جي ڪري جاني نقصان گهٽ ٿيو ليڪن سيلاب جي ڪري سوين گهر ڊهي پيا ۽ مال مويشي سيلابي پاڻيءَ ۾ وهي ويو. عمل دارن وڌيڪ ٻڌايو ته علائقي ۾ امدادي ڪاروائيون جاري آهن. ڪوهلو جي پري جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڏکين رستن جي ڪري ڪن ڳوٺن تائين امدادي ٽيمون نه پهچي چڪيون آهن.
ٻئي پاسي، بلوچستان جي علائقي، موسي خيل ۾ اطلاعن مطابق، اندريوم ڊيم جي ٽٽڻ ڪري ڏهن کان وڌيڪ ڳوٺ ٻڏي ويا آهن.
مقامي انتظاميه مطابق موسي خيل ۽ بارکان ۾ 12 کان وڌيڪ ماڻهو سيلابي پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويا آهن، جن منجهان چئن جا لاش ڪڍيا ويا آهن جڏهن ته باقي ماڻهن جي تلاش جو ڪم جاري آهي. ٻئي پاسي موسي خيل ۾ ٻه پليون ڪري پيون آهن جنهن جي ڪري موسي خيل جو ٻين شهرن سان رابطو ڪٽجي ويو آهي ۽ امدادي ٽيمن کي اوڏانهن پهچڻ ۾ دقت پيش اچي رهي آهي.
هوڏانهن سبيءَ جي علائقي تليءَ ۾ به ٻوڏ جي صورت حال آهي جتي متاثرين کي محفوظ جاين ڏانهن پهچائڻ جي ڪوشش جاري آهي.
عمل دارن مطابق، ضلعي قلعه عبدالله جي گلستان جي علائقي ۾ تازين بارشن جي ڪري مختلف جاين تي ٽي ڊيم ٽٽي پيا آهن. سيلابي پاڻيءَ جي وهڪري ۾ وهي وڃڻ وارن ڇهن ماڻهن جا لاش مليا آهن جڏهن ته 11 ماڻهن کي زنده بچائي ورتو ويو آهي، 12 ڄڻا سيلابي وهڪري ۾لاپتا ٿي ويا آهن.
بلوچستان ۾ اڄ کان بارشن ۽ ٻوڏ ۾ ٿيل نقصان جو اندازو لڳائڻ لاءِ باقاعده سروي جي ڪم شروع ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان سومر ڏينهن بلوچستان جي وڏي وزير، عبد القدوس بزنجو جي زير صدارت اجلاس ٿيو جنهن ۾ متاثره علائقن ۾ جاري امدادي سرگرمين جو جائزو ورتو ويو.
هوڏانهن سنڌ جي صوبي جي مختلف ضلعن ۾ شديد بارشن ۽ ٻوڏ جي ڪري ڪيترا ئي ماڻهو متاثر ٿيا آهن. صوبائي ڊزاسٽر مينيجمنٽ اٿارٽي جي چيئرمين، سلمان شاه وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته ڪيتريون ئي هلاڪتون واقع ٿيون آهن. هن ٻڌايو ته سکر ڊويزن ۾ 32، جڏهن ته سڄي صوبي ۾ ڪل 134 ماڻهو مري ويا آهن، جن ۾ 63 ٻار به شامل آهن. ان کان سواءِ تيز مينهن کان پوءِ سيلاب جي ڪري مختلف واقعن ۾ 498 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. محمد ثاقب جي رپورٽ.
هن چيو ته بارشن ۽ ٻوڏ جي ڪري سنڌ ۾ سڀ کان گهڻو نقصان ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو آهي جتي ٽي لک 86000ماڻهو ٻوڏ کان متاثر ٿيا آهن. 14975 متاثرين بي گهر ٿيا آهن. سڄي صوبي ۾ مجموعي طور تي متاثرين جو تعداد پنج لک 48000 ٻڌايو ٿو وڃي.
انتظاميا ڪوشش ڪري رهي آهي ته وبائي بيمارين کان بچي سگهجي، جنهن جي لاءِ گيسٽرو ۽ هيضي کان بچاءَ جون ٽيمون تيار ڪيون ويو آهن. اخباري اطلاعن مطابق، دادو ۾ گندي پاڻيءَ جي استعمال جي ڪري وبائي مرضن منهن ڪڍيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ 20 ٻار مري ويا آهن.
بلوچستان جي ضلعي خضدار ۽ سنڌ ۾ دادو ۾ واقع کيرٿر رينج جي پهاڙن تي شديد بارشن جي نتيجي ۾ ضلعي دادوءَ جي گاج ندي ۾ ٻوڏ آئي آهي جنهن جي ڪري ڀر پاسي جا ڳوٺ، سڙڪون ۽ رستا شديد متاثر ٿيا آهن.
ٻئي پاسي پاڪستان جي محڪمه موسميات ملڪ ۾ وڌيڪ بارشن جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات جي محڪمي جي چوڻ مطابق هن وقت اتر بحر عرب تي هوا جو شديد گهٽ دٻاءُ موجود آهي جڏهن ته هوا جو اهو گهٽ دٻاءُ اڱاري ڏينهن سنڌ ۾ داخل ٿيندو جنهن جي نتيجي ۾ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز بارش پوندي.