گزريل سال آمريڪا پاران ڪابل ۾ فضائي حملي ۾ القاعده جي اڳواڻ ايمن الظواهريءَ کي مارڻ کان پوءِ، جنهن کي ڇهه مهينا ٿي ويا آهن، هن دهشت گرد گروه جي اڳواڻي خاموشيءَ سان ايران منتقل ٿي وئي آهي.
رڪن ملڪن جي انٽيلي جينس تي ٻڌل، گڏيل قومن جي اداري جي هڪ نئين رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سيف العديل هينئر القاعده جو اصلي اڳواڻ آهي.
ايڪٽيهين جولاءِ 2022 جو حملو جنهن ۾ الظواهري مارجي ويو، تنهن کان پوءِ القاعده پنهنجي قيادت جي باري ۾ خاموش آهي. رپورٽ ۾ خاموشيءَ جي ٻن سببن جي نشاندهي ٿئي ٿي.
SEE ALSO: الظواهريءَ جي موت تي چپ، طالبان چيو آهي ته اسان دهشت گرديءَ جي خلاف عزم تي قائم آهيونان ۾ چيو ويو آهي ته القاعده جي افغان طالبان جي باري ۾ حساسيت جو سبب العديل جي اڳواڻيءَ جو اعلان نه ٿو ڪري سگهجي.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان گروپ جي اڳواڻ جي موجودگيءَ جو معاملو اهڙا سوال اٿاري ٿو جن جا چيلينج القاعده جي ارادن تي اثر انداز ٿين ٿا. ان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته انهن چيلنجن ۾ ان جو مخالف اسلامڪ اسٽيٽ جو دهشت گرد گروپ به شامل آهي.
آمريڪا سميت مغربي انٽيلي جينس ايجنسيون الظواهريءَ جي ممڪنه جانشين جي طور تي العديل ڏانهن نهاري رهيون آهن. مصر جي اسپيشل فورسز جي ان اڳوڻي عهديدار کي ڪيترن هنڌن تي وڏو آپريشنل تجربو آهي جنهن کي هڪ قابل ڪمانڊر مڃيو وڃي ٿو.
SEE ALSO: ايمن الظواهريءَ کي ڊرون حملي ۾ ماريو ويو، صدر بائيڊنسال 1990 جي ڏهاڪي جي شروع ۾ العديل ان ٽيم جو حصو هيو جنهن افغانستان، پاڪستان ۽ سوڊان جي لڙاڪن کي فوجي ۽ انٽيلي جينس جي تربيت ڏني هئي.
هن القاعده سان واسطو رکندڙ مصري اسلامي جهاد ۽ صومالين کي تربيت ڏيڻ ۾ به مدد ڪئي جن 1992 کان 1994 تائين موغاديشو ۾ آمريڪي فوج سان جنگ لڙي هئي.
آمريڪا العديل تي 1998 ۾ دارالسلام، تنزانيا ۽ نيروبي، ڪينيا ۾ آمريڪي سفارت خانن تي هاڃيڪار بم ڌماڪن جي منصوبه بنديءَ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو هو، جنهن ۾ 224 ماڻهو مارجي ويا هيا ۽ هزارين زخمي ٿيا هيا.
SEE ALSO: الظواهري جو موت، طالبان وٽ دوحا معاهدي جي پاسداريءَ جو انتخاب موجود آهيعديل القاعده جي سينئر ليڊرشپ ڪائونسل، مجلس شوريٰ جو به گهڻي عرصي کان رڪن آهي ۽ ان سان گڏ گروپ جي ڪاميٽيءَ جو هڪ سينئر ميمبر آهي جنهن جي باري ۾ چيو ٿو وڃي ته اها القاعده جي عالمي ڪاروائين کي ڪنٽرول ڪندي آهي.