نڪاح پڙهائيندڙ مفتي محمد سعيد خان دعوا ڪئي آهي ته عمران خان کيس ٻڌايو هو ته بشرا بي بيءَ سان نڪاح ڪرڻ تي اڳ ڪٿي هئي ته هو وزير اعظم ٿي ويندو. ان ڪري عدت جي مدت جو معاملو ڄاڻڻ جي باوجود هن بشرا بي بيءَ سان نڪاح ڪيو.
تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ۽ بشرا بي بيءَ جي خلاف عدت ۾ نڪاح جي ڪيس ۾ مفتي سعيد عدالت جي آڏو اربع ڏينهن قسم کڻي بيان رڪارڊ ڪرايو.
اسلام آباد مان وائس آف آمريڪا جي نمائندي مطابق ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي سينئر جج نصر من الله اربع تي درخواست ڏيندڙ محمد حنيف جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت جي آڏو مفتي سعيد پنهنجو بيان لکرائيندي چيو ته عمران خان پهرين جنوري 2018 تي هن سان فون تي رابطو ڪيو ۽ درخواست ڪئي ته بشرا بي بيءَ سان سندس نڪاح پڙهائيو وڃي ۽ ان مقصد جي لاءِ مان لاهور پهچان.
مفتي سعيد جي مطابق عمران خان سان سندس سٺو تعلق هو ۽ هو تحريڪ انصاف جي ڪور ڪاميٽيءَ جو رڪن به هيو.
هن عدالت کي ٻڌايو ته ’’عمران خان مون کي پاڻ سان لاهور جي علائقي ڊفينس جي هڪ بنگلي ۾ وٺي ويو جتي بشرا بي بيءَ وٽ موجود هڪ عورت پاڻ کي بشرا جي ڀيڻ ظاهر ڪيو.
نڪاح پڙهائيندڙ مطابق هن ان عورت کان پڇيو ته بشرا بي بيءَ جو نڪاح شرعي طور تي ٿي سگهي ٿو، جنهن تي ان خاتون ٻڌايو ته نڪاح جا سمورا شرعي شرط مڪمل آهن.
مفتي سعيد پنهنجي بيان ۾ چيو ته پهرين جنوري 2018 تي ان عورت جي يقين ڏيارڻ تي هن عمران خان ۽ بشرا بي بيءَ جو نڪاح پڙهايو، جنهن کان پوءِ ٻئي اسلام آباد ۾ گڏ رهڻ لڳا.
هن چيو ته عمران خان فيبروري 2018 ۾ هن سان ٻيهر رابطو ڪيو ۽ درخواست ڪئي ته بشرا بي بيءَ سان سندس ٻيهر نڪاح پڙهائڻو آهي.
سندس لفظن ۾، ’’عمران خان مون کي ٻڌايو ته نومبر 2017 ۾ بشرا بي بيءَ جي طلاق ٿي هئي ۽ پهرئين نڪاح جي وقت بشرا جي عدت جو مدو پورو نه ٿيو هو’’.
عدالت جي آڏو پنهنجو بيان لکرائيندي، مفتي سعيد دعوا ڪئي ته عمران خان کيس ٻڌايو ته بشرا بي بيءَ جي نڪاح ڪرڻ تي اڳ ڪٿي وئي هئي ته هو وزيراعظم ٿي ويندو.
هتي اها ڳالهه ذڪر جي قابل آهي ته 27 سيپٽمبر 2018 تي بشرا بي بيءَ هڪ انٽرويو ۾ عدت ختم ٿيڻ کان اڳ عمران خان جي شاديءَ جي خبرن جي ترديد ڪئي هئي. بشرا بي بيءَ چيو هو ته پهرين شاديءَ جي طلاق ٿيڻ کان پوءِ نه صرف هن عدت پوري ڪئي بلڪه ستن مهينن کان پوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سان نڪاح ڪيو هو.
سينئر صحافي عمر چيما جڏهن عمران خان ۽ بشرا بي بيءَ جي نڪاح جي خبر ڏني هئي ته پي ٽي آءِ جي طرفان ان جي ترديد ڪئي وئي هئي. ان کان پوءِ فيبروري 2018 ۾ پي ٽي آءِ جي پاران نڪاح جي خبر جاري ڪئي وئي.
مفتي سعيد جي مطابق، عمران خان ۽ بشرا بي بيءَ سڀ ڪجهه ڄاڻڻ جي باوجود به نڪاح ۽ شاديءَ جي تقريب منعقد ڪئي هئي.
هن عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس جي درخواست ڏيندڙ محمد حنيف چوٿين روزي تي تراويح کان پوءِ کيس وٽ آيو ۽ عمران خان ۽ بشرا بي بيءَ جي شاديءَ متعلق پڇيو.
مفتي سعيد جي مطابق، محمد حنيف سان سندس دوستاڻا ناتا رهيا آهن.
عدالت مفتي سعيد جو بيان قلمبند ڪرڻ کان پوءِ عمران خان ۽ بشرا بي بيءَ جي خلاف عدت دوران نڪاح جي ڪيس جي ٻڌڻي 19 اپريل تائين ملتوي ڪئي.