رانا ثناالله جي خلاف پنجاب ۾ دهشت گرديءَ جو مقدمو درج

وزير داخله رانا ثنا الله (فائيل فوٽو)

پنجاب جي وچين علائقي، گجرات ۾ داخلا جي وفاقي وزير، رانا ثناالله جي خلاف نجي ٽيليويزن چينل تي هلندڙ پراڻين ڪلپس جي بنياد تي، دهشت گرديءَ کان بچاءَ جي ايڪٽ سميت پنجن دفعات هيٺ مقدمو درج ڪيو ويو آهي.

هي مقدمو گجرات ٿاڻي، انڊسٽريل اسٽيٽ فيز 2 ۾ درج ڪيو ويو آهي جنهن ۾ رانا ثناالله تي نجي ٽيليويزن جي پروگرام ۾ اعلي عدليه، چيف سيڪريٽري ۽ ڪمشنر لاهور کي سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ڏيڻ جو الزام لڳايو ويو آهي.

احتشام شاميءَ گجرات مان پنهنجيءَ رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته مقدمي ۾ انسداد دهشت گرديءَ جي دفعه 7 کان علاوه تعزيرات پاڪستان جي دفعات 353، 186، 189 ۽ 506 لڳايون ويون آهن.

الزام مطابق، رانا ثناالله نجي ٽي وي جيو نيوز جي پروگرام نيا پاڪستان ۾ 16 اپريل 2021 ۽ 29 جنوري 2022 تي عدليه ۽ سرڪاري آفيسرن کي ڌمڪيون ڏنيون، جنهن سان عدليه، سرڪاري عمل دارن ۽ عوام ۾ دهشت ڦهلي.

ان ۾ شهڪاز اسلم نالي هڪ شهري مدعي آهي، جنهن پنهنجي ايف آئي آر ۾ چيو آهي ته هو هڪ محب وطن شهري آهي جنهن کي پنهنجي ملڪ ۽ ادارن سان محبت آهي.

مقدمي مطابق، مدعيءَ چيو آهي ته 21 آگسٽ 2022 تي رات جو اٺين وڳي پنهنجي دوستن سان گڏ جيو نيوز جو پروگرام نيا پاڪستان ڏسي رهيو هو جنهن پروگرام ۾ رانا ثنا الله مهمان جي طور تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو.

پروگرام جي اينڪر رانا ثناالله جي 16 اپريل 2021 ۽ 29 جنوري 2022 جا ڪلپ هلايا جنهن ۾ مبينه طور تي پاڪستان جي اعلي عدليه جو گهيراءُ ڪرڻ، ان کي آئيني ڪم تان روڪڻ ۽ سرڪاري ادارن جي ملازمن کي ڌمڪيون ڏنيون ويون ۽ سندن ٻارن کي مارڻ جي ڌمڪي ڏني وئي هئي.

مقدمي مطابق، رانا ثنا الله چيو ته پاڪستان جي عدليه ۽ سندس ڪو جن تنهنجو ساٿ نه ڏيندا، اسان هن عدالت ۽ جج جو گهيراءُ ڪنداسين جيڪو تنهنجي ايجنڊا کي پروان چڙهائيندو.

ايف آئي آر جي مطابق، رانا ثنا الله چيف سيڪريٽري ۽ ڪمشنر کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان کي هن ڳالهه جو جواب ڏيڻو پوندو. توهان کي هتي ئي رهڻو آهي. توهان جي ٻارن کي به هتي ئي رهڻو آهي. توهان کي سروس به هتي ڪرڻي آهي.

ان ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته ملزم جي تقرير جو مقصد پاڪستان جي عدليه، چيف سيڪريٽري، ڪمشنر ۽ ٻين سرڪاري عمل دارن ۽ پاڪستاني عوام کي دهشت زده ڪرڻ هيو. مدعي جي لفظن ۾، انهن کي سرڪاري ڪم کان ڌمڪي ڏئي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته جيئن هو پنهنجون قانوني ذميداريون پوريون نه ڪري سگهن.

وفاقي وزير داخله يا وفاقي حڪومت جي طرفان هن الزام تي هينئر تائين ڪو رد عمل سامهون نه آيو آهي.