عمران خان تي حملو، پي ٽي آئي جو ملڪ گير احتجاج

فيض آباد

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تي قاتلانه حملي جي خلاف پي ٽي آئي جمعي ڏينهن ملڪ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج ڪري رهي آهي. راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي وڇوٽيءَ واري سڙڪ تي فيض آباد ۾ ٿيڻ واري احتجاج ۾ پوليس ۽ مظاهرين ۾ تصادم ٿيو آهي.

پوليس مظاهرين کي منتشر ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ ڪئي ، جڏهن مظاهرين پوليس تي پٿراءُ ڪيو.

عمران خان جو مطالبو پورو ٿيڻ تائين احتجاج جاري رهندو، اسد عمر

پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت مخالف لانگ مارچ جاري رکڻ ۽ جمعي ڏينهن ملڪ گير احتجاج جو اعلان ڪيو آهي.

پي ٽي آئي جي سيڪريٽري جنرل اسد عمر چيو آهي ته اڄ ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويندو ۽ جيسيتائين عمران خان جا مطالبا پورا نه ٿا ٿين سموري ملڪ ۾ احتجاج جاري رهندو.

عمران خان لاهور جي شوڪت خانم اسپتال ۾ زير علاج آهي جتي سندس حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي ٿي وڃي.

لاهور ۾ وائس آف آمريڪا جي نمائندي مطابق ڊاڪٽرن ٻڌايو ته عمران خان جمعي جي ڏينهن صبح وقت چهل قدمي به ڪئي ۽ ٻه پهريءَ وقت سندس ٻيو چيڪ اپ ٿيو.

اسپتال جي انتظاميه جي مطابق خميص ۽ جمعي جي وچين رات عمران خان جي آپريشن کان پوءِ هن کي الڳ ڪمري ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.

فائرنگ جي واقعي جي ابتدائي تحقيقاتي رپورٽ جاري

پوليس جي ابتدائي تحقيقات مطابق لانگ مارچ جي دوران چيئرمين پي ٽي آئي جي ڪنٽينر تي فائرنگ جي ڪري هڪ شخص مري ويو جڏهن ته عمران خان سميت 13 ڄڻا زخمي ٿيا آهن.

رپورٽ جي مطابق ڪنٽينر تي پستول جون گوليون هيٺان کان مٿي يعني ڪنٽينر جي طرف هلائون ويون جڏهن ته ٻيون گوليون مٿان کان هيٺ هلايون ويون.

ٻڌايو ويو آهي ته واردات جي هنڌ تان يارهن گولين جا خول مليا آهن جن منجهان ٻه خول ڪنهن بندوق جا ۽ نون خول پستول جي گولين جا آهن.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته فائرنگ ڪرڻ واري شخص کي حراست ۾ ورتو ويو آهي جڏهن ته ٻئي شخص جي تلاش جاري آهي. رپورٽ جي مطابق، حراست ۾ ورتل شخص ابتدائي بيان ۾ چيو آهي ته هو عمران خان کي مارڻ جي نيت سان آيو هو.

پوليس پنهنجي ابتدائي رپورٽ ۾ لکيو آهي ته پنجاب جي داخله جي محڪمي لانگ مارچ جي منتظيمن جي لاءِ 26 آڪٽوبر تي قاعدن ۽ ضابطن متعلق هدايت نامو جاري ڪيو هو جنهن ۾ چيو ويو هو ته لانگ مارچ انتظاميه ۽ متعلقه اهل ڪار حفاظتي اقدامات کي يقيني بڻائيندا.

مبينه حمله آور جو ٻيو بيان جاري

عمران خان تي قاتلانه حملو ڪرڻ واري مبينه ڏوهي، نويد جو پوليس کي ڏنل ٻيو بيان سامهون اچي ويو آهي.

وڊيو بيان ۾ ملزم کي اهو چوندي ٻڌي سگهجي ٿو ته عمران خان جي بچي وڃڻ تي کيس ڏک ٿيو آهي ڇو ته جيڪو مقصد هو اهو پورو نه ٿيو.

تفتيشي آفيسرن جي ان سوال تي ته عمران خان کي مارڻ جو ڇا مقصد هيو؟ ان تي مبينه ڏوهيءَ دعوا ڪئي ته ’’عمران خان چوي ٿو ته مان نبي آهيان. جيئن پيغمبر اسلام ماڻهن ۾ نڪري پيغام ڏنو اهڙيءَ طرح مان توهان کي پيغام ڏئي رهيو آهيان’’.

مبينه ملزم نويد مطابق عمران خان جا اهي ڪلپ سندس موبائيل ۾ موجود آهن ۽ انهن بيانن کان پوءِ، سندس لفظن ۾، ضمير نه مڃو ته عمران خان جي ڳالهه کي تسليم ڪيو وڃي.