’ڪنهن شخص کي فائدو پهچائڻ جي لاءِ پاڻ مرادو نوٽيس استعمال نه ٿو ڪري سگهجي’

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جي سينئر ترين جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته ڪنهن فرد کي فائدو رسائڻ لاءِ آئين جي قلم 184/3 کي استعمال نه ٿو ڪري سگهجي.

اسلام آباد جي ’شفا تعمرملت يونيورسٽي’ ۾ اربع ڏينهن ’پاڪستان جو آئين قومي ايڪي جي علامت’ جي موضوع تي گفتگو ڪندي جسٽس قاضي عيسيٰ پاڪستان جي آئين، عدالتن جي اختيار ۽ سپريم ڪورٽ ۾ حاضري تي لڳل ڪيسن تي ٿيل فيصلن متعلق سوالن جا جواب ڏنا.

پاڻ مرادي نوٽيس جي قلم متعلق هڪ سوال جي جواب ۾ جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته سندس رائي ۾ ’از خود نوٽيس’ جو اختيار سپريم ڪورٽ وٽ آهي، پر سندس ڪن دوستن جي راءِ آهي ته اهو اختيار چيف جسٽس جو آهي، ليڪن آئين ائين نه ٿو چئي،’’ جيڪڏهن آئين ائين چئي ٿو ته اهو قلم ٻڌايو وڃي’’.

جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته آئين جي قلم184/3 ۾’سو موٽو’ جو لفظ استعمال نه ٿيو آهي ۽ اهو قلم مظلومن جي رکيل آهي، يعني ڪنهن کي فائدو ڏيڻ جي لاءِ نه. ان جو استعمال ڪرڻ مهل سوچي سمجهي قدم رکڻ کپي.

اعليٰ’ عدالت جي سينئر ترين جج وڌيڪ ٻڌايو ته ’’جيڪڏهن ڪو فيصلو غلط آهي ته اهو غلط ئي رهندو چاهي اهو اڪثريت جو ئي ڇو نه هجي’’.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ’’پاڪستان جي آئين تي ڪيترا ئي ڀيرا وار ڪيا ويا. تاريخ ست دفعا اسان کي سبق سکاريو. جيڪڏهن اسان تاريخ کان سبق نه سکندا سين ته اها پاڻ کي ورجائيندي’’.