سينٽ جانزڪاليج جتي نصاب طئي ڪونهي، ڄاڻ کي ذهن نشين ڪرڻ تي زور

سينٽ جانز ڪاليج جي هڪ شاگردياڻي ڪنهن ڪتاب جي باري ۾ پنهنجي ڄاڻ جو خلاصو ييش ڪري رهي آهي (فائيل فوٽو)

هونئن ته ڏسڻ ۾سينٽ جانز ڪاليج عام آمريڪي ڪاليجن جهڙو ئي آهي، ٻين ڪاليجن جي ڀيٽ ۾ پر ان جي ڪلاسن ۾شاگردن سان برتاو بلڪل مختلف هوندو آهي. واشنگٽن جي اتر ۾ 60 ڪلوميٽر جي فاصلي تي واقع هن ننڊڙي ڪاليج ۾ هر شاگرد مغربي ادب جا مستند ۽ ڪلاسڪ ڪتاب پڙهندو آهي. ان جي ڪري ئي هن ڪاليج کي گريٽ بڪس اسڪول يعني عظيم ڪتابن جي درسگاه سڏيو ويندو آهي.

لڳ ڀڳ 400 شاگردن تي مشتمل هن ڪيمپس ۾اسٽوڊنٽ مڪالمي جو رواج آهي. عام طور تي ڪلاس ۾ شاگرد گفتگوسوين سال پراڻن ڪتابن ۽ انهن جي لکندڙن جي باري ۾ ڪندا آهن.

انهن ڪلاسن ۾ ڪو ليڪچر ڏيڻ نه ڏيندو آهي، بلڪه هتي شاگرد ۽ استاد گڏجي ڪتاب پڙهندا آهن ۽ اهڙيءَ ريت حاصل ٿيل علم جي باري ۾ ڳالهائيندا ۽ ڄاڻ حاصل ڪندا آهن.

مائيڪل ڊنڪ سينٽ جانز ڪاليج جو ڊين آهي. هن جو چوڻ آهي ته اسان سچ جي تلاش۽ سچ کي پروڙڻ ۾ دلچسپي رکندا آهيون. ڳالهه اها آهي ته ڪنهن هڪ ڪتاب ۽ شخص وٽ سمورن سوالن جا جواب ٿي نه ٿا سگهن. ان ڪري، اسان کي هڪ ٻئي سان ڳالهائي هڪ ٻئي کان سکڻ جي ڪوشش ۾ مدد ملندي آهي.

شايد اها ئي سڃاڻپ ۽ اها ئي خوبي شاگردن کي هن ڪاليج ڏانهن ڇڪيندي آهي.

ڪاليج ۾ سوين مستند ڪتاب آهن. شاگرد هڪ ڪتاب چونڊيندا آهن ۽ ان تي ئي تحقيق ۽ مڪالمو پيش ڪندا آهن. هتي ايترن مستند ڪتابن مان شاگرد ڪنهن هڪ بهترين ڪتاب جو انتخاب ڪندا آهن. پر اهوايترو سولو ڪم ڪونهي.

ڊائلن نائٽ راجرز هن ڪاليج جو شاگرد آهي. هن چيو ته مان نٿو سمجهان ته توهان ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي اهڙي مڪمل نئين انداز ۾ تعليم حاصل ڪري سگهو ٿا جيئن هن ڪاليج ۾ ٿئي ٿو.

سينٽ جاهنز ڪاليج جي نيو ميڪسيڪو ڪيمپس جا شاگرد مطالعو ڪندي (فائيل فوٽو)

هڪ ٻئي شاگرد، جيرال نيومين چيو ته مان هتي ان لاءِ آيس جو مون کي ائين لڳو ته هتي هر اهو سوال پڇي سگهان ٿو جيڪو مان پڇڻ گهران ٿو. منهنجو پسنديده ڪتاب اوڊيسي آهي.

ڪي لي روڊز چيو ته هتي ان جي ڪري آيم جو هتي سکڻ جي شوق وارا انسان موجود آهن.

ڪنهن به چار ساله ڪاليج ۾ شاگرد عام طور تي آرٽ يا سائنس جي ڪنهن خاص تعليمي شعبي جو انتخاب ڪندا آهن. ليڪن سينٽ جانز جو نصاب ماضيءَ جي بهترين مصنفن جي مستند ڪتابن جي مدد سان مغربي ادب ۽ معاشري جي ماضي ۽ حال جي روشني ۾ اڄ جي شاگردن لاءِ پنهنجي مستقبل جو رستو ڳولهي لهڻ ۾ مدد ڪندو آهي.

شاگرد موسيقيءَ جي علم سميت لبرل آرٽ جي هر شعبي ۾ ڪم ڪندا آهن.

موسيقي پڙهڻ واري هڪ شاگردياڻي، باربرا ميڪ چيو ته جيڪڏهن توهان سنجيدگيءَ سان هتي تعليم پرايو ته ڪاليج توهان جي زندگي بدلي ڇڏيندو.

شايد هر ڪو هتان جي تعليم کي ايتريءَ سنجيدگيءَ سان نه وٺي، ليڪن اسان جنهن نموني سان نصاب پاڻ ترتيب ڏيندا آهيون ۽ ان جي باري ۾ گفتگو ڪندا آهيون، اهو سڀ ڪجهه توهان جي زندگي بدلائڻ لاءِ ڪافي ٿي سگهي ٿو.

ڊين مائيڪل ڊنڪ چيو آهي ته سينٽ جانز جي تعليم شاگردن کي وڌيڪ ذمه دار شهري ٺاهي ٿي. هن چيو ته شاگرد سمجهن ٿا ته حڪومت ڇا آهي ۽ جمهوريت ۽ انصاف ڇا آهي. هيءَ بنيادي تعليم جمهوري نظام ۾ شهرين لاءِ ضروري آهي.

امتحان ڪيئن ٿيندو، نمبر ڪيئن ملندا ۽ ڊگري ڪيئن حاصل ٿيندي. انهن سوالن جا جواب ڪنهن ايندڙ مضمون ۾.