طالبان سومر ڏينهن نامي گرامي منشيات فروش بشير نورزئيءَ جي بدلي افغانستان ۾ يرغمال بنايل آخري آمريڪي مارڪ فريرڪس کي رها ڪيو. نورزئي آمريڪا جي هڪ قيد خاني ۾ عمر قيد جي سزا ڪاٽي رهيو هو.
طالبان جي پرڏيهي معاملن جي وزير، امير خان متقيءَ ڪابل ۾ اخباري نمائندن کي ٻڌايو ته سندس حڪومت ۽ آمريڪا جي هڪ وفد وچ ۾ قيدين جو هي تبادلو افغان گاديءَ واري هنڌ ٿيو.
تقريبن 60 سالن جي آمريڪي انجنيئر ۽ بحريه جي ريٽائرڊ اهل ڪار، فريرڪس کي 2020 جي اوائل ۾ان وقت ڪابل مان يرغمال بنايو ويو هو جڏهن آمريڪي ۽ نيٽو جون فوجون مغرب جي حمايت يافته افغان حڪومت جي حمايت ۾ ان وقت جي طالبان سرڪشن خلاف وڙهي رهيون هيون.
نورئي، جنهن کي حاجي بشير جي نالي سان به ڄاتو ويندو آهي، 2005 ۾ نيو يارڪ ۾ گرفتار ٿيو هو، جنهن تي آمريڪا ۾ ڪروڙين ڊالرن جي ماليت جي هيروئن اسمگل ڪرڻ جو الزام عائد ٿيو هيو. طالبان جي خاص معاون جي طور تي هو هيروئن اسمگل ڪري ان مان حاصل ٿيندڙ رقم باغي عناصر جي لاءِ هٿيار خريدڻ ۽ رقمون فراهم ڪرڻ جي ڪم ۾ ملوث هو.
متقيءَ قيدين جي تبادلي کي افغانستان جي تاريخ ۾ هڪ ’’بي مثال واقعو’’ قرار ڏنو. هن چيو ته اهو تبادلو طالبان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ وڏي عرصي تائين مذاڪرات جي نتيجي ۾طئي ڪيو ويو. هن چيو ته هن کان اڳ ٻنهين اڳوڻن مخالفن جي وچ ۾ قيدين جو تبادلو ملڪ کان ٻاهر ٿيندو رهيو آهي.
طالبان جي حڪومت جي لاءِ اسلامي امارات جو سرڪاري نالو استعمال ڪندي، متقيءَ چيو ته اڄ صبح جو 10 بجي، آمريڪي شهريءَ کي ڪابل جي هوائي اڏي تي آمريڪا جي وفد جي حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته حاجي بشير کي اسلامي امارات جي حوالي ڪيو ويو.
نورزئيءَ جي وڪيل ان ڳالهه کي مسترد ڪيو هو ته هو منشيات جو اسمگلر آهي ۽ سندس خلاف لڳايل الزامن کي مسترد ڪيو وڃي ڇو ته آمريڪي عهديدارن کيس باور ڪرايو هو ته ان کي گرفتار نه ڪيو ويندو.
گزريل سال بين الاقوامي فوجون ٻن ڏهاڪن تائين طالبان جي خلاف لڙائيءَ کان پوءِ ملڪ مان واپس ويون ٿيون، جنهن جي ڪري ٻيهر زور پڪڙڻ واري اسلام نواز گروپ کي اقتدار تي قبضو ڪرڻ جو موقعو مليو.
متقيءَ اهو به چيو ته مهمانن جي افغانستان مان واپس وڃڻ کان اڳ هن آمريڪي عمل دارن سان ڪابل هوائي اڏي تي ’’مثبت’’ ملاقات ڪئي. هن ان جي ڪا وضاحت پيش نه ڪئي.
امير متقيءَ چيو ته سومر ڏينهن ٿيندڙ ان ملاقات جي ڪري افغانستان ۽ آمريڪا جي تعلقات ۾ هڪ ’’نئون باب’’ کليو آهي، جنهن ۾ مذاڪرات جي مدد سان ٻنهين ملڪن جي وچ ۾ ٻه طرفا مسئلا حل ٿي سگهندا.
ناقدين جو چوڻ آهي ته اهو ڳالهه قبل از وقت ٿيندي ته قيدين جو تبادلو طالبان جي متعلق آمريڪي پاليسيءَ ۾ ڪا تبديلي آڻي سگهي ٿو، اها ڳالهه نوٽ ڪندي ته اسلام نواز شدت پسند گروپ هڪ ڊگهي عرصي تائين ان ڳالهه کي مسترد ڪندو رهيو هو ته فريرڪس کي هنن يرغمال بنايو آهي.
اڳوڻي افغان عمل دار ۽ سياسي تجزيه ڪار، طارق فرهادي چيو آهي ته ’’اچانڪ هن جو لڀجڻ ۽ قيدين جو تبادلو ٿيڻ دراصل ڪا سفارت ڪاري ڪانهي، نه ئي اهو معاملو دنيا ۾ اعتماد سازي پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو’’.
آمريڪا ۽ دنيا اڃان توڻي طالبان حڪومت کي تسليم نه ڪيو آهي، جنهن جو سبب انساني حقن ۽ دهشت گرديءَ جي معاملي تي تشويش آهي.
نورزئي هڪ بااثر قبائلي رهنما آهي جيڪو صوبه قندهار ۾ آفيم جو ڌنڌو هلائيندو رهيو آهي ۽ هو ملا محمد عمر جو ويجهو ساٿي رهيو آهي، جيڪو طالبان جو باني رهنما هو.
آمريڪي چارج شيٽ مطابق سال 2001 ۾ جڏهن آمريڪا افغانستان ۾ فوجي ڪاروائي جو آغاز ڪيو، ملا عمر جي درخواست تي نورزئي طالبان کي پنهنجا سوين ويڙهاڪ حوالي ڪيا ته جيئن اهي طالبان خلاف اتحاد سان وڙهي سگهن.
(هن رپورٽ ۾ شامل مواد ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)