يوڪرين تي روسي حملي کي اڄ هڪ سال پورو ٿي ويو آهي. هن جنگ جتي عالمي امن ۽ سلامتيءَ لاءِ نوان خطرا پيدا ڪيا آهن، اتي ڏکڻ ايشيا جا ملڪ به ھن تڪرار کان متاثر ٿيا آهن.
ڏکڻ ايشيائي معاملن جي ماهرن موجب ھڪ پاسي دنيا ڪرونا وبا سان مقابلي جي ڪوشش ڪري رھي آھي ته ٻئي پاسي عالمي معيشت افغانستان مان آمريڪي ۽ اتحادي فوجن جي واپسيءَ بعد پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منھن ڏئي رھي آھي، اتي روس جي يوڪرين خلاف جنگ انھن مسئلن کي وڌيڪ منجھائي ڇڏيو آهي.
ان پس منظر ۾جڏهن سري لنڪا ڊيفالٽ کي ڀوڳي رھيو آهي، افغانستان سان لاڳاپيل سڪيورٽي خطرا وڌي ويا آهن، ڀارت سفارتي سطح تي دٻاءُ ھيٺ آھي، بنگلاديش بجلي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، ۽ پاڪستان ۾ سياسي عدم استحڪام توڙي معاشي بحران آهي، مبصرن جو چوڻ آهي ته يوڪرين جي جنگ ۽ ان جا اثرات سڄي خطي ۾ پاليسي سازيءَ کي متاثر ڪري رهيا آهن.
واشنگٽن ۾ قائم هڪ تحقيقي اداري ’پولي ٽيڪٽ’ جي تجزيه نگار عارف انصار جو چوڻ آهي ته يوڪرين جي جنگ مان پاڪستان لاءِ مسئلا تڏهن کان شروع ٿيا جڏهن ان وقت جي وزير اعظم عمران خان روسي صدر پوٽن سان جنگ جي پهرئين ڏينهن ماسڪو ۾ ملاقات ڪئي.
تجزيه نگار جا لفظ آھن ته عمران خان "غلط وقت تي غلط جاء تي" موجود هو. سندس چوڻ آھي ته پاڪستان جي ھاڻوڪي سياسي ڪمزوري پٺيان ڪيترائي ڪارڻ آهن، ۽ صرف يوڪرين جنگ يا عمران خان جي ماسڪو واري دوري کي ذميوار قرار نٿو ڏئي سگهجي.
جيتوڻيڪ سندس چوڻ آهي ته يوڪرين جنگ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ توانائي ۽ خوراڪ جي بحران پاڪستان کي سخت متاثر ڪيو آهي، ڇاڪاڻ جو هڪ پاسي پاڪستان يوڪرين جي ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ کان محروم ٿيو ته ٻئي پاسي اولهه جو پراڻو اتحادي ھئڻ ڪري روس کان سستو تيل به خريد نٿو ڪري سگهي.
عارف انصار مطابق افغانستان مان منھن ڪڍندڙ سڪيورٽي مسئلن جو تعلق يوڪرين جنگ کان پوءِ ھاڻ آمريڪا ۽ روس جي ڇڪتاڻ سان به آهي، جڏهن ته اھو ملڪ ڪيترن ئي سالن کان انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي ورچڙھيل آهي. ”پاڪستان وڏين طاقتن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جو شڪار آهي ۽ افغانستان مان آمريڪي ۽ مغربي فوجن جي واپسي بعد افغانستان تان دنيا جو ڌيان گهٽجي رهيو آهي، ۽ اتي جا طالبان حڪمران صورتحال جو فائدو وٺي من پسند پاليسيون اختيار ڪري رهيا آهن".
ان حوالي سان هن چيو ته پاڪستان تحريڪ طالبان ۽ بلوچ لبريشن فرنٽ جھڙيون دهشتگرد تنظيمون جيڪي پاڪستاني رياست سان وڙهي رهيون آھن، افغان سرزمين استعمال ڪري پاڪستان کي نقصان پهچائي رهيون آهن.
تازو ئي پشاور ۾ ٿيل ڌماڪو، جنهن ۾ سئو کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا، افغان سرزمين سان لاڳاپيل انھن مسئلن جي شدت کي ظاهر ڪري ٿو جن سان پاڪستان مقابلو ڪري رھيو آھي.
پاڪستاني عملدارن الزام هنيو ته ٽي ٽي پي جي قيادت افغانستان ۾ آهي ۽ اتان ئي هدايتون جاري ڪري ٿي.
عارف انصار چيو ته اهڙي وقت ۾ جڏهن آمريڪا جو ڌيان چين ۽ روس سان مقابلي تي آهي، افغانستان کي نظرانداز ڪرڻ خطري کان خالي ناهي، ڇو ته اتي القائده ۽ داعش جهڙيون تنظيمون اڃا به سرگرم آهن.
سندس چوڻ آهي ته ڀارت سميت خطي جي ڪنهن به ملڪ کي دهشتگردي جو وڏو واقعو پيش اچي سگهي ٿو. ان ريت چين کي به افغانستان ۾ انتھا پسند تنظيمن مان خطرو آهي.
واشنگٽن جي ’دي مڊل ايسٽ انسٽيٽيوٽ’ ۾ پاڪستان اينڊ افغانستان اسٽڊيز جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مارون وائن بام افغانستان جي چيلنجز کي يوڪرين جنگ جي تناظر ۾ نه ٿو ڏسي. هن جو چوڻ آهي ته افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ شدت پسندي جو چيلينج اُتي جي مخصوص صورتحال ۽ اندروني معاملن سان لاڳاپيل آهي.
هن چيو ته هن وقت آمريڪا کي طالبان جي عورتن بابت پاليسي ۽ انهن جي حقن جي ڀڃڪڙين تي سخت ناراضگي آهي.
پاڪستان جي حوالي سان وائن بام ان ڳالهه تي متفق آهي ته يوڪرين جي جنگ کان پوءِ خوراڪ ۽ توانائي جي شعبن ۾ پاڪستان جا مسئلا وڌيا آهن.
ماهرن جو چوڻ آهي ته يوڪرين جنگ سبب پاڪستان توانائي جي شعبي ۾ اڻ سڌي طرح به متاثر ٿيو آهي.
رائٽرز نيوز ايجنسي جي هڪ تجزياتي رپورٽ موجب يورپ کي روسي گيس جي فراهمي ۾ گهٽتائي سبب اتي ايل اين جي (مائع قدرتي گئس) جي طلب وڌي وئي آهي، جنهن سان پاڪستان ۽ بنگلاديش جهڙن ملڪن کي ايل اين جي گيس مهانگي اگهه تي خريد ڪرڻي پئي ٿي.
تجزيي موجب 2022 ۾ پاڪستان جي ايل اين جي امپورٽ 2021 جي ڀيٽ ۾ 17 سيڪڙو گهٽجي پنجن سالن جي سڀ کان ھيٺين سطح تي اچي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2022ع جي پهرين 11 مهينن ۾ پاڪستان ۾ گئس ذريعي ٺھندڙ بجلي جي پيداوار 4.4 سيڪڙو گهٽ ٿي وئي.
وائن بام جو چوڻ آهي ته ڀارت سفارتڪاري ذريعي ان مسئلي کي ڪاميابيءَ سان حل ڪيو آهي ۽ روس منجهان پنهنجي تيل ۽ گئس جون گهرجون به پوريون ڪيون آهن.
هن جو چوڻ آهي ته ڀارت پاران اقوام متحده ۾ يوڪرين جنگ بابت قرارداد تي ووٽ نه ڏيڻ آمريڪا لاءِ پريشاني جوڳو هو.
ڊاڪٽر وائن بام مطابق هندستان کي موجوده صورتحال ۾ ان ڳالھ جو فائدو پڻ ملي ٿو ته آمريڪا هندستان کي خطي ۾ چين جي مقابلي ۽ برابري جي جوڙ جو ڏسي ٿو.
وائن بام جو چوڻ آهي ته يوڪرين تي حملي کانپوءِ روس افغانستان سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي، پر ھو ڪابل مان مڪمل طور خوش ناهي.
آمريڪي دارالحڪومت ۾ قائم ريسرچ اداري ’يوايس انسٽيٽيوٽ آف پيس’ سان لاڳاپيل ماهر اسفنديار مير جو چوڻ آهي ته افغانستان مان مغربي ملڪن جي واپسي خطي لاءِ يوڪرين جنگ کان به وڏو واقعو هو، ڇو ته اهو آمريڪا جي ان پاليسي جي عڪاسي ڪري ٿو ته ھو تڪرار متاثر ملڪن ۾ گهٽ کان گهٽ موجودگي رکي سيڪيورٽي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ ٿو چاهي.
ھن چيو ته پاڪستان کي افغانستان مان مسئلا ته ضرور درپيش آهن پراها ڳالھ ياد رکڻ گهرجي ته انتهاپسندي ۽ شدت پسندي اهڙا مسئلا آهن جن کي فوري طور حل نٿو ڪري سگهجي.
اسفند يارميرچوي ٿو ته جيڪڏهن يوڪرين جنگ نه ٿئي ها ته به افغانستان جا مسئلا ختم نه ٿين ها. ٻئي پاسي سندس چوڻ آهي ته يوڪرين جي جنگ دراصل آمريڪا جي ان پاليسي جي تصديق ڪئي آهي ته آمريڪا کي پنهنجا وڏا وسيلا تڪراري ملڪن ۾ لڳائڻ بدران موجوده دور جي وڏن چئلينجن تي ڌيان ڏيڻو پوندو.
(علي عمران جي رپورٽ)