يوڪرين جي لڙائي، مهانگائي چوٽ چڙهي وئي دنيا ۾ غريبن جي تعداد ۾ست ڪروڙ جو واڌارو

فائيل فوٽو

يوڪرين تي روس جي حملي کان پوءِ کاڌي پيتي ۽ تواناتيءَ جي وسيلن جي قيمتن ۾ اضافي جي نتيجي ۾ دنيا ۾ غريب ماڻهن جي تعداد ۾ ست ڪروڙن جو اضافو ٿي چڪو آهي.

عالمي اداري جي ترقياتي پروگرام(يو اين ڊي پي) خميص ڏينهن، ستين جولائي تي، هڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ اندازو لڳايو ويو آهي ته جنگ کان پوءِ پهرين ٽن مهينن اندر وڌيڪ پنج ڪروڙ 16 لک ماڻهو غربت جي ڄار ۾ ڦاٿا، جيڪي روزانو 1.90 ڊالر يا ان کا گهٽ ڪمائن ٿا. ان اضافي جي نتيجي ۾ هن وقت دنيا جي آباديءَ جو نون في صد غربت جي ان سطح تي زندگي گزاري رهيو آهي.

يواين ڊي پي جي مطابق، ٻه ڪروڙ روزانو 3.20 ڊالرن جي آمدني ڪمائي سگهندا آهن، ۽ غربت جي حد اندر اچي چڪا آهن.

خبر رسان اداري، ايسو سي ايٽڊ پريس مطابق گهٽ آمدنيءَ وارن ملڪن ۾ ڪٽمب پنهنجي گهريلو آمدنيءَ جو 42 في صد خرچ ڪن پيا. ليڪن جيئن ئي اولهه جي ملڪن روس تي پابنديون لڳايون، فيوئل ۽ غذائي شئين جيئن ته ڪڻڪ، کنڊ ۽ ڪڪنگ آئل جون قيمتون وڌي ويون.

غربت جي حد ۾ سڀ کان سخت متاثر ٿيڻ وارن ملڪن ۾ ڏکڻ آمريڪا، مشرق وسطي، وسطي ايشيا، آفريقه ۽ ڏکڻ ايشيا جا ڪئين ملڪ شامل آهن. انهن ملڪن ۾ جتي سياسي بحران ۽ انتشار جي صورت حال آهي، اتي زياده تعداد ۾ ماڻهو غربت جو شڪار آهن.

پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي مهانگائيءَ جي موجوده حالات جا اثرات تقريبا ٽي في صد آباديءَ کي غربت جي ڄار ۾ ڦاسائي چڪا آهن.

ڪولمبو، سري لنڪا. 5 جولائي 2022. فائيل فوٽو

رپورٽ مطابق، يوڪرين جي ڪم نه ڪندڙ بندرگاهن ۽ گهٽ آمدنيءَ وارن ملڪن کي اناج برآمد ڪرڻ ۾ ناڪامي قيمتن ۾ واڌ آندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪروڙين ماڻهو غربت ۾ ڦاسندا پيا وڃن. يو اين ڊي پي جي ايڊمنسٽريٽر، اجيم اسٽينر جي بقول، انهن حالتن ۾ زنده رهڻ لاءِ گهربل بنيادي شئين جي قيمت تي پوندڙ اثرات ايترا گهڻا آهن جو انهن جو ڪو مثال ملڻ مشڪل آهي. اهو ئي سبب آهي ته هيءُ هڪ سنگين مسئلو آهي جنهن کي منهن ڏيڻو آهي.

لڙائيءَ جي اثرات ان کان به وڏيون معاشي مشڪلاتون پيدا ڪيون آهن جيڪي ڪرونا جي عالمي وبا جي شديد ترين ڏينهن دوران ماڻهن کي پيش آيون هيون.

يو اين ڊي پي جو چوڻ آهي ته وبائي مرض دوران لاڪ ڊائون ۽ بندشن جي ڪري تقريبا 18 مهينن تائين 12.5 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن غربت ڏٺي، جڏهن ته فبروريءَ جي آخر ۾ يوڪرين تي روس جي حملي کان پوءِ صرف ٽن مهينن اندر غربت جي ڄار ۾ ڦاسندڙ ماڻهن جو تعداد ست ڪروڙ 10 لک کان وڌي ويو.

مهنگائيءَ جي ڪري سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيڻ وارن 20 ملڪن ۾ هيٽي، ارجنٽينا، مصر، عراق، ترڪي، فلپين، روانڊا، سوڊان، گهانا، ڪينيا، سري لنڪا ۽ ازبڪستان شامل آهن. آرمينيا ۽ ازبڪستان وسطي ايشيا جا اهي ملڪ آهن جتي غربت جي شديد احساس اڀريو آهي. انهن ۾ آفريقا جي صحرا جي ملڪن برڪينو فاسو، گهانا، ڪينيا، روانڊا ۽ سوڊان جڏهن ته لاطيني آمريڪا ۾ هيٽي شامل آهي.

ڏکڻ ايشيا ۾ پاڪستان ۽ سري لنڪا سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن منجهان آهن. ايٿيوپيا، مالي، نائجيريا، سئرا ليون، تنزانيا ۽ يمن ۾ غريب ترين ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي چڪو آهي، جڏهن ته البانيا، ڪرغيز جمهوريه، مالڊووا، منگوليا ۽ تاجڪستان ۾ متاثر ٿيڻ وارن جو وڏو تعداد موجود آهي.

افغانستان، ايٿيوپيا، مالي، نائجيريا ۽ يمن جهڙن ملڪن ۾ مهنگائيءَ جا اثرات پهريان کان ئي غربت جي لڪير کان گهڻو هيٺ آهن..

اقوام متحده جي ترقياتي اداري تجويز ڏني آهي ته توانائيءَ جي قيمتن ۾ وڏي پيماني تي رعايت ڏيڻ يعني بلينڪٽ سبسڊيءَ تي اربين رقمون هارڻ کان بهتر آهي ته حڪومتون سڀني کان وڌيڪ متاثر ماڻهن تائين پهچڻ لاءِ خرچ کي سامهون رکندي نقد رقم جي منتقليءَ ذريعي وڌيڪ پنج ڪروڙ 26 کل ماڻهن کي غربت ۾ ڦاسڻ کان بچائي سگهن ٿيون، جيڪي روزانو بمشڪل 5.5. ڊالر ڪمائن ٿا.