پاڪستان کي 16 ڪروڙ ڊالرن جي فوري ضرورت آهي، اقوام متحده

بلوچستان جي صحبت پور شهر جي برسات ۽ سيلاب متاثرين جو هڪ ڏيک.

عالمي اداري رڪن ملڪن کي اپيل ڪئي آهي ته پاڪستان کي سيلاب جي صورت حال کي موثر طرح منهن ڏيڻ لاءِ فوري طور تي 16 ڪروڙ ڊالرن جي ضرورت آهي.

ڪانفرنس کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل چيو ته سيلاب جي ڪري پاڪستان ۾ افرا اسٽرڪچر ۽ زرعي شعبو شديد متاثر ٿيو آهي ۽ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته رڪن ملڪ هنگامي امداد جي لاءِ فوري طور تي اڳتي وڌن.

تقريب ۾ پرڏيهي معاملن جي وفاقي وزير، بلاول ڀٽي زرداريءَ، منصوبه بنديءَ جي وزير احسن اقبال، پاڪستان ۾ اقوام متحده جي رابطه ڪار جوليان هارنيس، نيشنل ڊزاسٽر مينيجمنٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي سربراه، ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز ملڪ سميت ٻين اعلا عمل دارن شرڪت ڪئي.

انتونيو گوتريس چيو ته موسمياتي تبديليءَ جو نشانو اڄ پاڪستان بڻيو آهي، ان جي جاءِ تي سڀاڻي ڪو ٻيو ملڪ به ٿي سگهي ٿو، گرين هائوس گيسز عالمي تپش ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهي آهي.

ان موقعي تي خطاب ۾ بلاول ڀٽي هنگامي امداد جي اپيل ڪندي چيو ته موسمياتي تبديليءَ جي ڪري هيٽ ويو پاڪستان جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. تيز وسڪاري، مسلسل ۽ شديد بارشن وسيع پيماني تي تباهي مچائي جنهن جي ڪري نه صرف شهرن ۾ سيلابي صورت حال پيدا ٿي بلڪه درياهن ۾ به ٻوڏ آئي.

بلاول چيو ته پاڪستان شديد موسمياتي تبديلين جي زد ۾ آهي، ملڪ جي مختلف حصن ۾ اچڻ واري سيلاب تباهي مچائي ڇڏي آهي. هن وقت ملڪ جي 72 ضلعن ۾ ٽي ڪروڙ ماڻهو سيلاب کان متاثر ٿيا آهن جڏهن ته 1100 کان وڌيڪ شهري زندگي وڃائي چڪا آهن.

مدد گهرڻ جي هن هنگامي اجلاس کان پوءِ اقوام متحده جي عمل دار، جوليان هارنيس سان گڏ اخباري ڪانفرنس ڪندي، بلاول ڀٽي زرداريءَ چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ايڏي پريشاني کي پنهنجي سر منهن ڏيڻ تمام ڏکيو ڪم آهي. هن چيو ته جيئن جيئن امداد ملندي صورت حال سان نبرڻ جي صلاحيت وڌندي.

بلاول ڀٽي چيو ته هن وقت طلب رسد کان ڪيترا ئي ڀيرا وڌيڪ آهي، اگرچه دوست ملڪن پاران امداد موڪلي پئي وڃي، ليڪن اها متاثرين جي لاءِ ڪافي ڪونهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڀارت کان درآمد متعلق اڃان ڪو فيصلو نه ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته سنڌ جي ڪن علائقن ۾ بيٺل سيلابي پاڻي ڪڍڻ ۾ ڪيترا ئي مهينا لڳي سگهن ٿا.

ايندڙ ٽي چار سال پاڪستان جي لاءِ ڏکيا هوندا

پاڪستان انسٽي ٽيوٽ آف ڊولپمنٽ اڪنامڪس جي وائس چانسلر، ڊاڪٽر نديم حق وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي چيو ته موجوده صورت حال ڏاڍي خراب آهي. هن چيو ته پاڪستان کي سيلاب جي ڪري هاڻي تائيڻ اٺ ارب ڊالر جو نقصان ٿي چڪو آهي. جيڪڏهن اسان جي معيشت 75 سالن ۾ سٺي نموني اڳتي وڌي هان ته اڄ اسان وٽ 50 ارب ڊالرن جا ذخيرا هجن ها جنهن سان اسان هن آفت ۾ پاڻ ئي سولائيءَ سان منهن ڏئي سگهون ها. پر هن وقت اسان وٽ اها صلاحيت ڪانهي جنهن جي ڪري اسان مشڪل ۾ آهيون.

قائداعظم يونيورسٽيءَ جي اڪنامڪس جي شعبي سان واسطو رکندڙ استاد، ڊاڪٽر عبدالجليل خان چيو آهي ته آئي ايم ايف جو تعاون ميسر اچڻ سٺي ڳالهه آهي پر هي ڪو آخري پروگرام ڪونهي. هن وقت پاڪستان جي معيشت کي جيڪي مشڪلات درپيش آهن انهن ۾ سيلاب وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان جي معيشت اڃان سست ٿي ويندي. ان آفت جي ڪري آئنده چئن کان پنجن سالن تائين صورت حال ساڳي ئي رهندي.

هن چيو ته بين الاقوامي برادريءَ جي طرفان اسان کي تمام گهٽ ڪيش امداد ملندي، زياده تر ملڪ دوائون، کاڌ خوراڪ ۽ ٻيو سامان فراهم ڪندا. نقديءَ جي صورت ۾ ٻه يا ڏيڍ ملين ڊالر جي امداد ملندي جيڪا صرف ڏيڍ ٻن مهينن جي لاءِ ڪافي هوندي.

ڊاڪٽر عبدالجليل خان چيو ته پاڪستان کي هن صورت حال مان ڪڍڻ ۾ وقت لڳندو. سيلاب جي لاءِ ملڻ واريءَ امداد سان پاڪستان جي معيشت ۾ بهتري نٿي اچي سگهي.