ايمن الظواهريءَ کي ڊرون حملي ۾ ماريو ويو، صدر بائيڊن

ايمن الظواهري (فائيل فوٽو)

آمريڪا جي صدر جو بائيڊن سومر جي ڏينهن شام جو وائيٽ هائوس مان قوم کي خصوصي خطاب ڪندي اعلان ڪيو ته القاعده جو رهنما ايمن الظواهري افغانستان اندر ڪيل هڪ ڊرون حملي ۾ مارجي ويو آهي.

صدر چيو ته نائن اليون ۾ زندگي وڃائيندڙ معصوم آمريڪين کي ڪڏهن به نه وساريو ويندو.هن چيو ته الظواهري جو موت ثابت ڪري ٿو ته اسان پنهنجي عزم تي اڄ به قائم آهيون ۽ ايمن الظواهري پنهنجي انجام تي پهچي چڪو آهي.

بائيڊن چيو ته الظواهري نيروبيءَ کان وٺي افغانستان تائين آمريڪا جي عوام، اسان جي سفارت ڪارن، فوجين ۽ اسان جي مفادن کي نشانو بنائڻ جي منصوبه بندي ڪرڻ وارن ۾ شامل رهيو آهي.

هن چيو ته صدر بائيڊن تصديق ڪئي ته هن گزريل هفتي افغانستان اندر خصوصي ڊرون آپريشن جي منظوري ڏني ۽ ان ڳالهه کي يقيني بنايو ويو ته ڪنهن به شهري، بشمول الظواهريءَ جي ڪٽمب جي زندگيءَ کي نقصان نه پهچي.

بائيڊن چيو ته هن دهشت گرديءَ جي خاتمي ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندڙ فورس جي ان منصوبي جي ڪافي غور کان پوءِ منظوري ڏني وئي، ۽ ان لاءِ ڪانگريس جي ميمبرن کي پڻ اعتماد ۾ ورتو ويو هو.

صدر چيو ته افغانستان کان فوج جي واپسيءَ وقت به مان آمريڪي عوام سان وعدو ڪيو هو ته اسان ڪنهن به صورت ۾ افغانستان کي دهشت گردن جي پناه گاه بنجڻ نه ڏينداسين. صدر ان موقعي تي آمريڪي انٽيلي جينس ڪميونٽي، دهشت گردي سان مقابلو ڪرڻ واري فورسز جي خدمتن کي به ساراهيو.

صدر چيو ته طئي ڪيل نشان کي سوچي سمجهي طريقي سان عمل ۾ آندو ويو. الظواهريءَ تي ڪيل هن ڊرون حملي کان اڳ اسان گزريل مهيني داعش جي هڪ وڏي ليڊر کي به پنهنجي انجام تائين پهچايو هو.

آمريڪي صدر يقين ڏياريو ته دهشت گرد ڌيان ۾ رکن ته آمريڪا جي شهرين ۽ ان جي مفادن کي نقصان پهچائڻ جو نتيجو ان کان به سخت هوندو، چاهي جيترو به لڪن دهشت گردن کي پنهنجي انجام تي ضرور پهچايو ويندو. سندس بقول، اسان اهو سڀ ڪجهه ڪنداسين جنهن سان آمريڪا جا شهري ملڪ اندر ۽ سڄي دنيا ۾ محفوظ رهي سگهن.

ان کان اڳ، آمريڪي محڪمه خارجه جي هڪ سينئر عمل دار، وائس آف آمريڪا جي پڇڻ تي ٻڌايو آهي ته آمريڪا انغانستان جي اندر ڪاروائي ڪئي جنهن ۾ عام شهرين جي هلاڪ ٿيڻ جو ڪو اطلاع ڪونهي.گزريل ڇنڇر آچر تي آمريڪا افغانستان اندرالقاعده جي نامور رهنمائن جي خلاف دهشت گرديءَ جي خاتمي جي سلسلي ۾ هڪ ڪامياب ڪاروائي ڪئي. هيءَ ڪاروائي ڪامياب رهي ۽ اتي ڪوعام شهري هلاڪ يا زخمي نه ٿيو.

وائس آف آمريڪا جي نمائنده، پيٽسي ودا ڪوسوارا جي موڪليل سوال تي، هي جواب محڪمه خارجه جي هڪ عمل دار ڏنو . ياد رهي ته القاعده جي سربراه اسامه بن لادن کي آمريڪا جي اسپيشل فورسز ايبٽ آباد ۾ 2 مئي، 2011 ۾ هڪ آپريشن دوران ماريو هو، جنهن کان پوءِ الظواهري دهشت گرد قرار ڏنل هن تنظيم جي اڳواڻي سنڀالي هئي.

القاعده اها تنظيم آهي جيڪا افغانستان ۾ ويهي آمريڪا جي شهرين کي نيو يارڪ ۾ نائن اليون جي دهشتگرد حملن ۾نقصان پهچائڻ جي منصوبه بندي ڪرڻ جي ذمه دار هئي.

فاڪس نيوز انٽيلي جينس جي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته سي آئي اي مطابق الظواهري جو موت سي آئي اي جي طرفان ڪيل ڊرون حملي ۾ ٿيو. اها ڪاروائي آچر ڏينهن ڪئي وئي هئي.

هوڏانهن اسلام آباد کان اياز گل جي رپورٽ مطابق، افغانستان ۾ هڪ بيان جاري ڪري طالبان حڪومت جي ترجمان، ذبيح الله مجاهد افغانستان اندر ٿيل ان حملي جي اهو چئي مذمت ڪئي آهي ته ان جو سبب ڪجهه به هجي، ان قسم جو حملو، بقول سندس، بين الاقوامي قانون ۽ دوحا معاهدي جي صريحا خلاف ورزي آهي.

گزريل ڏينهن ۾ اقوام متحده جي اناليٽيڪل سپورٽ اينڊ سينڪشن مانيٽرنگ ٽيم جي پاران هڪ رپورٽ ايف ڊي ڊي جرنل ۾ جاري ٿي هئي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته بن لادن کان پوءِ القاعده جو سربراه ايمن الظواهري نه صرف زنده آهي بلڪه انتهائي آسانيءَ سان پيغام رسانيءَ جي صلاحيت جو حامل آهي.

جرنل مطابق، حالانڪه عالمي اداري جي رپورٽ ۾ واضح طور تي نه ٻڌايو ويو هو ته ڇا الظواهري افغانستان ۾ متحرڪ آهي يا نه.