ڀارت کي فوجي ساز و سامان جي روايتي پورت ڪرڻ واري ملڪ روس کان پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، آمريڪا پهريون ڀيرو پنهنجا جديد ترين جهاز ’ايئرو انڊيا شو’ ۾ آندا آهن. انهن ۾ سپر هارنيٽس، ايف 16، ، ايف 35 بمبار جهازن سان گڏ جديد ترين لڙاڪا جهاز B -1 B به شامل آهن.
ڀارت پنهنجي فضائي سگهه وڌائڻ لاءِ سويت دور جي لڙاڪا جهازن جي ٻيڙي کي جديد بنائڻ جي لاءِ بي چين آهي. ڀارت يوڪرين جي جنگ جي ڪري روس کان ساز و سامان جي فراهميءَ ۾ دير جي تي پريشان آهي، ۽ کيس اولهه جي ملڪن پاران ماسڪو کان پري رهڻ جي لاءِ دٻاءَ به درپيش آهي.
بنگلور ۾ هفتي تائين جاري رهڻ کان پوءِ ’ايئرو انڊيا شو’ ۾ آمريڪي وفد جي شرڪت، شو جي 27 سالن جي تاريخ ۾ هڪ نئين ريت آهي، جيڪا آمريڪا ۽ ڀارت جي وچ ۾ وڌندڙ اسٽريٽجڪ تعلقات کي نمايان ڪري ٿي. ان جي برعڪس روس پنهنجي سويت يونين جي دور کان پوءِ ڀارت کي سڀ کان وڌيڪ هٿيار فراهم ڪندڙ ملڪ آهي.
ليڪن شو ۾ روس جي موجودگي نالي ماتر هئي. ان جي سرڪاري هٿيار وڪرو ڪندڙ، ’روسوبرون ايڪسپورٽ’ يونائيٽيڊ ايئر ڪرافٽ ۽ الماز انٽي سان گڏ هڪ مشترڪه اسٽال لڳايو هو جنهن ۾ جهازن، ٽرڪن، راڊارن ۽ ٽينڪن جي نون ماڊلز جي نمائش ڪئي وئي هئي.
SEE ALSO: ڀارت ايئر شو ۾ 32 ملڪن جا پرڏيهي وزير ۽ 29 ملڪن جا ايئرچيف شريڪ
روسوبرون ايڪسپورٽ کي ماضيءَ ۾ ٿيڻ وارين اهڙين نمائشن ۾ پنهنجي اسٽالن جي لاءِ وڌيڪ مرڪزي حيثيت حاصل هئي، حالانڪه ڀارت جي طرفان وڌيڪ يورپي ۽ آمريڪي ويڙهاڪ جهازن تي غور ڪرڻ کان پوءِ روس ڏهن سالن تائين بنگلور ۾ لڙاڪا جهاز نمائش جي لاءِ نه آندا آهن.
ڀارتي سامونڊي فوج جي ٻئي جهاز بردار بحري ٻيڙي ۾اڳ ۾ ئي بوئنگ جي ايف/اي سپر هارنيٽس شامل آهن، جڏهن ته لاڪ هيڊ مارٽن جي ايف 16جي اپ گريڊ ۽ نئين شڪل وارن ايف 16 جي نمائش 2019 جي ايئرو انڊيا شو ۾ڪئي وئي هئي، ۽ ان کي ڀارتي فضائيه جي لاءِ فراهم ڪرڻ جي پيش ڪش به ڪئي وئي آهي.
ڀارتي فوج جي 114 ملٽي رول لڙاڪا جهاز خريدڻ جي لاءِ 20 ارب ڊالر جي تجويز پنجن سالن تائين التوا ۾ رهي آهي، جنهن تي چين ۽ پاڪستان سان ڇڪتاڻ جي ڪري ڌيان لڳو رهيو آهي.
ڀارتي فضائيه جي هڪ ذريعي مطابق، ڀارت هينئر تائين ايف 35 تي غور نه ڪري رهيو آهي، ليڪن ايئرو انڊيا ۾ ٻن ايف 35 جهازن جي پهريون ڀيرو نمائش واشنگٽن پاران نئين دهليءَ جي لاءِ وڌندڙ حڪمت عمليءَ جي اهميت جي علامت خيال ڪئي پئي وڃي.
هڪ آزاد دفاعي تجزيه ڪار، انگد سنگهه چيو آهي ته اها ڪا ’سيلز پچ’ (يعني وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش نه هئي) بلڪه انڊيا بحر الڪاهل جي علائقي ۾ ٻه طرفي دفاعي ناتن جي اهميت ڏانهن اشارو آهي. هن وڌيڪ چيو ته تعلقات جو بنياد هٿيارن جي وڪري تي ناهي، ليڪن ڀارت ۽ آمريڪا جي وچ ۾ فوجي سطح تي تعاون موجود آهي.
ڀارت ۾ آمريڪي سفارت خاني جي دفاعي اتاشيءَ، ريئر ايڊمرل مائيڪل ايل بيڪر ان سوال جي جواب ۾ چيو آهي ته آمريڪا ڀارت کي انهن جهازن جي پيش ڪش ڪندو. هن چيو ته آمريڪا ان باري ۾ تمام گهڻي ويچار کان پوءِ ته ڪهڙن ملڪن کي ايف 35 وڪرو ڪيا وڃن ۽ نئين دهلي انهن جهازن جي خريد ڪرڻ جي منصوبه بنديءَ جي ابتدائي مرحلن ۾ آهي.
ڀارتي فضائي فوج جي ترجمان ايف 35 جهازن جي خريد ڪرڻ ۾ دلچسپيءَ جي باري ۾ پڇيل هڪ سوال جو ڪو جواب نه ڏنو.
هوڏانهن روسي سرڪاري خبرن جي ادارن ايئرو انڊيا شو کان اڳ رپورٽ ڪيو ته ماسڪو گزريل پنجن سالن ۾ نئين دهليءَ کي تقريبن 13 ارب ڊالر جو اسلحو فراهم ڪري چڪو آهي ۽ کيس 10 ارب ڊالر جا آرڊر ملي چڪا آهن.
ڀارت وڏن عالمي ادارن سان گڏجي وڌيڪ دفاعي ساز و سامان پاڻ به تيار ڪرڻ گهري ٿو، جيڪو پنهنجي ضرورتن کي پورو ڪرڻ کان پوءِ برآمد ڪيو ويندو آهي.
(هن رپورٽ جي ڪجهه معلومات خبرن جي اداري، رائيٽرز تان ورتي وئي آهي)