آمريڪا پاڪستان جي سيلاب متاثرين جي لاءِ وڌيڪ ٻن ڪروڙ ڊالرن جي امداد جو اعلان ڪيو آهي، جنهن کان پوءِ آمريڪا جي طرفان مجموعي امداد جو انگ پنج ڪروڙ ڊالر ٿي چڪو آهي.
ان کان اڳ آمريڪا پاڪستان جي لاءِ ٽي ڪروڙ ڊالرن جي امداد جو اعلان ڪيو هو. يو ايس ايڊ جي منتظمه سمانٿا پاور ڇنڇر ڏينهن پاڪستان جي سيلاب کان متاثر علائقن جو دورو ڪيو .
پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾سمانٿا پاور ٻڌايو ته پاڪستان ۾ سيلاب جي ڪري وڏي پيماني تي تباهي ٿي آهي.
سمانٿا پاور چيو ته دادوءَ ۾ هن سيلاب جي ڪري بي گهر ٿيل خاندان جي هڪ فرد سان ڳالهايو جنهن کيس ٻڌايو ته 60 ورهن دوران هن ڪڏهن ايتري مينهوڳي ٿيندي نه ڏٺي آهي. هن چيو ته ننڍڙن ٻارن کيس ٻڌايو ته ڪهڙيءَ طرح سندن اسڪول مڪمل طور تي تباه ٿي ويا آهن ۽ کين اها خبر نه ٿي پوي ته هو ڪڏهن اسڪول واپس وڃي سگهندا.
هوڏانهن گڏيل قومن جي اداري جي سيڪريٽري جنرل، اينتونيو گوتيرس ڇنڃر ڏينهن بلوچستان ۽ سنڌ جي سيلاب زده علائقن جودورو ڪيو. هو خميص ڏينهن اسلام آباد پهتو ۽ هن وقت پاڪستان جي سيلاب کان متاثره علائقن جي دوري تي آهي.
سيڪريٽري جنرل اينتونيو گوتيرس هڪ ڀيرو وري عالمي برادريءَ کي اپيل ڪئي ته سيلاب جي ڪري متاثر پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي وڃي.
هن چيو ته پاڪستان جو گرين هائوس گيسز جي اخراج ۾ حصو نه هئڻ جي برابر آهي ليڪن ان جي باوجود پاڪستان سيلاب جي ڪري سڀني کان وڌيڪ متاٿر ٿيو آهي. هن چيو ته هو فوري طور تي ڪو ڪرشمو نه ٿو ڏيکاري سگهي، پر سيلاب زدگان کي يقين ڏياري ٿو ته سندن هر ممڪن مدد ڪئي ويندي.
گوتيرس چيو ته پاڪستان کي وڏي پيماني تي امداد جي ضرورت آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته دنيا ۾ ماڻهو ٻوڏ ۽ قحط جي ڪري مري رهيا آهن، تڏهن به گرين هائوس گيسن جي اخراج ۾ واڌ اچي رهي آهي. هن ان روش کي اجتماعي خودڪشي قرار ڏيندي عالمي برادريءَ کي اپيل ڪئي ته هو قدرت سان جار ي هن جنگ کي روڪن.
سيڪريٽري جنرل وزير خارجه بلاول ڀٽي زرداريءَ سان گڏ اخباري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته آفريقا کان وٺي پاڪستان تائين اهي ملڪ موسمياتي تبديليءَ جي وڏي قيمت ادا ڪري رهيا آهن جن جو نقصان ده گيسن جي اخراج ۾ ڪو ڪردار ڪونهي.
هن عالمي برادريءَ ۽ ترقي ڪيل ملڪن تي زور ڏنو ته گرين هائوس گيسن جي اخراج کي گهٽائڻ لاءِ قابل تجديد توانائيءَ ۾ سيڙپ ڪن.
ان موقعي تي پرڏيهي معاملن جي وزير، بلاول ڀٽي چيو ته سيلاب جي ڪري پاڪستان جي ڪيترين ئي شهرن جو عوام هن آفت جي ڪري پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي ويٺو آهي، جنهن آفت ۾ سندن ڪو حصو ڪونهي.
هن چيو ته سيلاب کان متاثر ٿيڻ وارن لڳ ڀڳ ٽي ڪروڙ 30 لک ماڻهن کي ڇت فراهم ڪرڻ ۽ سندن زندگيءَ کي ٻيهر بحال ڪرڻ لاءِ پاڪستان وٽ وسائل ڪونهن ۽ سيلاب کان متاثر علائقن ۾ وبائي مرض ڦهلجڻ جو خطرو آهي.