ارشد شريف ڪيس ۽ عمران خان تي حملو، جڊيشل ڪميشن جي لاءِ چيف جسٽس کي خط

وزير اعظم شهباز شريف (فائيل فوٽو)

ارشد شريف ۽ عمران خان تي فائرنگ جي معاملي تي وزير اعظم شهباز شريف جڊيشل ڪميشن ٺاهڻ جي لاءِ چيف جسٽس آف پاڪستان کي الڳ الڳ خط لکيا آهن.

سينئر صحافي ۽ اينڪر ارشد شريف جي هلاڪ ٿيڻ جا حقائق ڄاڻڻ لاءِ جڊيشل ڪميشن ٺاهڻ جي التجا ڪندي، هن چيو آهي ته سپريم ڪورٽ سمورن دستياب ججن تي مشتمل ڪميشن ٺاهي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪميشن انهن سوالن تي خاص طور تي غور ڪري سگهي ٿي.

ارشد شريف آگسٽ 2022 ۾ ٻاهرئين ملڪ وڃڻ لاءِ ڪهڙو طريقه ڪار اپنايو؟ ارشد شريف جي ٻاهرئين ملڪ روانگيءَ ۾ ڪنهن سهولت ڪاري ڪئي هئي؟ ڪا وفاقي يا صوبائي ايجنسي، ادارو يا انتظاميه ارشد شريف کي ملڻ واري جان کي خطري يا ڪنهن ڌمڪيءَ کان آگاه ڪيو ويو هو؟ اگر ارشد شريف جي جان کي خطري جو اطلاع هو ته ان کان بچاءَ جي لاءِ ڇا قدم کنيان ويا؟

وزير اعظم شهباز شريف جو چيف جسٽس عمر عطا بنديال کي ٻيو خط

اڳوڻي وزير اعظم عمران خان تي فائرنگ جي واقعي جا حقائق ڄاڻڻ لاءِ جڊيشل ڪميشن ٺاهڻ جي التجا ڪندي، وزير اعظم شهباز شريف چيف جسٽس آف پاڪستان کي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي سمورن موجود ه جج صاحبن تي مشتمل ڪميشن انهن سوالن تي خاص طور تي غور ڪري سگهي ٿي.

ڪاروان جي حفاظت جي ذمي داري ڪهڙي قانون نافذ ڪرڻ واري اداري جي هئي؟ ڪاروان جي حفاظت جي لاءِ مروجه حفاظتي اقدامات ۽ ’اسٽينڊرڊ آپريٽنگ پروسيجرز’ لاڳو ڪيا ويا؟ انهن تي عمل ٿيو؟ حادثي جا حقائق ڇا آهن؟ هڪ کان وڌيڪ شوٽرز جي موجودگيءَ جو اطلاع، جوابي فائرنگ، مجموعي طور تي نشانو بنجڻ وارن جو تعداد، انهن جي زخمن جي نوعيت جي متعلق حقائق ڇا آهن؟

قانون نافذ ڪرڻ واري ادارن ۽ انتظامي حڪام مروجه تفتيشي طريقه ڪار اختيار ڪيا؟ واردات کان پوءِ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن ۽ انتظامي حڪام شهادتون ڪٺيون ڪرڻ ۽ صورت حال سان نبرڻ جا مروجه طريقه ڪار اختيار ڪيا؟ جيڪڏهن اهو نه ڪيو ويو ته ضابطي جون ڪهڙيون خاميون ۽ ڪمزوريون سامهون آيون؟ ضابطي جي انهن ڪوتاهين جو ذمي دار ڪهڙن انتظامي عمل دارن، قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن ۽ صوبائي حڪومت جي عهديدارن کي قرار ڏنو ويو؟

ڇا واردات متعلق تحقيقات جي عمل ۾ ڄاڻي واڻي رڪاوٽون وڌيون پيون وڃن؟ جيڪڏهن رڪاوٽون وڌيون پيون وڃن ته اهي عناصر ڪهڙا آهن؟ ۽ ائين ڇو پيون ڪن؟ ڇا هي قاتلانه سازش هئي، جنهن جو مقصد واقعي پي ٽي آئي چيئرمين کي قتل ڪرڻ هو يا اهو ڇڙو هڪ فرد جو عمل هو؟ انهن ٻنهين صورتن ۾ ڪنهن هڪ جا به ذمي دار عناصر ڪير آهن؟

قانون جي حڪمراني جي مفاد ۾ ان درخواست تي عمل تي وفاقي حڪومت مشڪور ٿيندي. ان مقصد حاصل ڪرڻ ۾ وفاقي حڪومت ڪميشن کي مڪمل مدد فراهم ڪندي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته ارشد شريف جو فوت ٿيڻ ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان تي فائرنگ کان پوءِ وفاقي حڪومت ۽ رياستي ادارن تي شڪ ۽ شبهات ظاهر ڪيا پيا وڃن. ان ڪري، عوام جي اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ان جي تحقيقات ٿئي.

عمران خان جو وزيرآباد واقعي جي ايف آئي آر چيلنج ڪرڻ جو فيصلو

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان وزيرآباد ۾ پي ٽي آئي جي لانگ مارچ تي فائرنگ جي واقعي ۾ پوليس جي مدعيت ۾ داخل ٿيڻ واري ايف آئي آر کي عدالت ۾ چيلنج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

اڱاري ڏينهن لاهور ۾صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي عمران خان چيو ته واقعي کان پوءِ گرفتار ٿيڻ واري ملزم نويد جو بيان ڪوڙ تي مبني آهي.

هن چيو ته جن ماڻهن کي هن ايف آئي آر ۾ نامزد ڪيو آهي، جيڪڏهن اهي بي قصور هجن ته تفتيش مان نڪري وڃن.

خيال رهي ته عمران خان مطالبو ڪيو ته ايف آئي آر ۾ وزير اعظم شهباز شريف، رانا ثناالله ۽ آئي ايس آئي جي ميجر جنرل فيصل نصير جو نالو شامل ڪيو وڃي.

عمران خان جو چوڻ آهي ته کيس معلوم هيو ته اهي هن کي قتل ڪرائيندا ان ڪري پهريان ئي هڪ وڊيو رڪارڊ ڪرائي، جڏهن اسان مضبوط ٿيڻ لڳاسين ته هنن ٻيو منصوبو ٺاهيو ته واقعي کي مذهبي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

عمران خان چيو ته جيڪڏهن ملڪ جو نظام هلائڻو آهي ته وزير اعظم کي اختيارات ڏيڻا پوندا. اڳوڻي وزير اعظم چيو ته ڪڏهن اتحادي حڪومت نه بنجڻ کپي نه ته بليڪ ميل ٿيندا رهنداسين.

صوبائي حڪومتون پنهنجون آئيني ذمي داريون پوريون ڪن، رانا ثناالله

وفاقي وزير داخله، رانا ثنا الله چيو آهي ته پنجاب ۾ ڪوڙي ايف آئي آر درج ڪرائڻ ڪو مسئلو ناهي. پنجاب جي وزير قانون جي حيثيت سان کيس سموري صورت حال جو علم آهي. ليڪن عمران خان پنهنجي مرضيءَ جي ايف آئي آر درج نه ڪرائي سگهيو. هن ۾ ايتري همت ڪانهي ته مقدمو درج ڪرائي سگهي.

اسلام آباد ۾ اخباري ڪانفرنس ڪندي رانا ثنا الله مختلف شهرن ۾ پي ٽي آئي جي احتجاج جي حوالي سان چيو ته سڙڪن جي بندش کي گهڻي دير تائين هلڻ نه ڏينداسين. صوبائي حڪومتون پنهنجي آئيني ڪردار مطابق قدم کڻن.