گوتابايا جي مستعفي ٿيڻ کان پوءِ وزيراعظم عبوري صدر بڻجي ويو

ملڪ کان فرار ٿيڻ واري گوتابايا راجا پڪسي جي صدارت تان مستعفي ٿيڻ کان پوءِ، چيف جسٽس وزير اعظم رانيل وڪرما سنگهي کان صدر جو حلف ورتو. 15 جولائي 2022.

سري لنڪا جو وزير اعظم رانيل وڪرما سنگهي جمعي ڏينهن ملڪ جي صدارت سنڀالي رهيو آهي، هو تنهن وقت تائين عبوري صدر طور خدمات انجام ڏيندو جيسيتائين پارليمان مستعفي صدر گوتابايا راجا پڪسي جي جاءِ تي نئين صدر جو انتخاب نه ٿي ڪري.

سري لنڪا جي معيشت جي ڏيوالي ٿيڻ تي ملڪ ۾ شروع ٿيل احتجاج کان پوءِ سابق صدر گوتابايا راجا پڪسي جمعي ڏينهن پنهنجي عهدي تان استعفي ڏئي ڇڏي .

صدر جي استعفي کان پوءِ مظاهرين گاديءَ واري هنڌ ڪولمبو ۾ ڪيترين ئي سرڪاري عمارتن جو قبضو خالي ڪيو آهي. حڪومت مخالف مظاهرين گزريل ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن ايوان صدر جي اندر داخل ٿي ويا هيا ۽ ملڪ جي اعلي عهدن تي فائز شخصيات کان استعفي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو هو.

راجا پڪسي پاران اربع ڏينهن ملڪ مان فرار ٿيڻ کان پوءِ وزير اعظم رانيل وڪرما سنگهي قائم مقام صدر طور خدمات انجام ڏئي رهيو آهي.

خبر رسان اداري، ايسو سي ايٽڊ پريس مطابق پارليامنٽ جي اسپيڪر مهندا بايا جو چوڻ آهي ته پارليمان جلد ئي نئين قائد ايوان جو انتخاب ڪري. سندس بقول، ممڪنه طور تي ايندڙ هڪ هفتي اندرملڪ جي نئين صدر جي چونڊ ٿي ويندي. ان کان اڳ جمعي ڏينهن ئي اسپيڪر اعلان ڪيو

هو ته سابق صدرگوتابايا راجا پڪسي صدارت تان استعفي ڏئي ڇڏي آهي.

سري لنڪا جي پارليمنٽ جي اجلاس جي ڪاروائي جو آغاز ممڪنه طور تي ڇنڇر ڏينهن ٿيندو جنهن ۾ نئين صدر جي چونڊ جو عمل شروع ڪيو ويندو.

واضح رهي ته سري لنڪا جي صدر وٽ اهو اختيار آهي ته هو ملڪ جو وزير اعظم مقرر ڪري. بعد ۾ ان تقرر جي منظوري پارليمنٽ کان به ورتي ويندي آهي.

مستعفي ٿيندڙ صدر گوتابايا راجا پڪسي اربع ڏينهن سري لنڪا کان فرار ٿي مالديپ پهتو هو، جڏهن ته خميص ڏينهن هومالديپ کان سنگاپور پهتو. اسپيڪر سندس استعفي به ساڳي ئي ڏينهن تي موثر قرار ڏني.

اي ايف پي مطابق، سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته مستعفي ٿيڻ واري صدر گوتابايا راجا پڪسي آمريڪا جي ويزا حاصل ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي هئي، پر سندس درخواست کي رد ڪيو ويو هو. رپورٽن مطابق هن 2019 ۾ صدارتي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ آمريڪا جي شهريت ترڪ ڪئي هئي.

سابق صدر تي الزام آهي ته سندس بدانتظاميءَ جي ڪري ملڪ جو معاشي ڏيوالو نڪري چڪو آهي.

(هن خبر ۾ شامل مواد ايسو سي ايٽڊ پريس، رائڙرز ۽ اي ايف پي تان ورتو ويو آهي)