يوٽيوب ’شارٽس’ هاڻي صارفين جي لاءِ ڪمائيءَ جو ذريعو بڻجي ويا

يوٽيوب (فائيل فوٽو)

دنيا جي مقبول ترين وڊيو پليٽ فارم، ’يوٽيوب’ تي مختصر وڊيوز ٺاهڻ وارا صارفين هاڻي انهن وڊيوز جي ذريعي آمدني حاصل ڪري سگهندا.

يوٽيوب مختصر وڊيو، يعني’شارٽس’ تيار ڪرڻ وارن تخلق ڪارن جي لاءِ آمدنيءَ جو نئون طريقو پيش ڪيو آهي. اداري اڱاري ڏينهن اعلان ڪيو ته ’شارٽس’ تي اشتهارات متعارف ڪرايا ويندا ۽ ان جي آمدنيءَ جو 45 في صد ’’وڊيو ڪريئيٽرز’’ کي ڏنو ويندو.

ان کان اڳ يوٽيوب جي عام وڊيوز ٺاهڻ وارن تخلق ڪارن کي وڊيو جي آغاز يا وچ ۾ اشتهارن جي 55 في صد آمدني حاصل ٿيندي هئي.

خبرون جاري ڪرڻ واري اداري رائٽرز مطابق، هيئر اسٽائلسٽ منجهان يوٽيوب ڪريئيٽر بنجڻ واري، ڪرس ڪولينز يوٽيوب جي پاران شارٽس جي لاءِ آمدنيءَ جي پيش ڪش تي يوٽيوب جي تعريف ڪئي آهي.

هن چيو ته يوٽيوب مختلف سوچ کي اڳتي وڌائي رهي آهي. اها تخليق ڪارن کي مختلف فارميٽس ۾ مواد ٺاهڻ لاءِ مدد ڪري رهي آهي.

واضح رهي ته دنيا ۾ وڊيو جي هن مقبول ترين پليٽ فارم جو هن وقت پنهنجي حريف پليٽ فارم ’ٽڪ ٽاڪ’ سان مقابلو هلي رهيو آهي، جنهن جو آغاز ’لپ سنڪ’ ۽ ’ڊانس’ جي مختصر وڊيو سان ٿيو هو، اتي هاڻي 10 منٽن تائين وڊيو پوسٽ ڪري سگهجي ٿي. ان کان سواءِ هن پليٽ فارم جي صارفين جو تعداد ماهانه طور هڪ ارب تائين وڌي چڪو آهي.

ٽڪ ٽاڪ جي مقبوليت کي ڏسندي، يوٽيوب 2020جي پڄاڻيءَ تي ’شارٽس’ جي فيچر کي متعارف ڪرايو هو، جنهن ۾ صارفين هڪ منٽ جي مختصر وڊيو ٺاهي ڏيڍ ارب کان مٿي صارفين جو ڌيان پنهنجي طرف ڇڪائي سگهن ٿا.

اپريل ۾ يوٽيوب تخليق ڪارن جو توجه پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ لاءِ 10 ڪروڙ ڊالر جو فنڊ کڙو ڪيو هو ته جيئن ٽيلنٽ کي اڳتي وڌائيندي مختصر وڊيوز تيار ڪيون وڃن. ليڪن، ’نيو يارڪ ٽائمز’ جي طرفان سڀ کان اڳ ۾ هن باري ۾ رپورٽ ڏني وئي هئي ته هيءُ

آمدني شيئرنگ جو نئيون منصوبو فنڊ کان گهڻو وڏو ۽ پائيدار لڳي رهيو آهي.

يوٽيوب جي نائب صدر، واليرٽ ليوي چيو آهي ته يوٽيوب شارٽس جي تخليق ڪارن سان گڏ سيلز جي لاءِ ٿورڙو حصو شيئر ڪري رهيو آهي ته ان فيچر کي تيار ڪرڻ ۾ پنهنجي اهم سيڙپ کي پورو ڪري سگهجي.

ياد رهي ته گوگل هلندڙ سال جي پهرين ڇهن مهينن دوران يوٽيوب تي اشتهارات جي مد ۾ 14 ارب 20 ڪروڙ ڊالر ڪمايا هيا، جيڪو 2021 ۾ انهيءَ جي حصي جي ڀيٽ ۾ نون في صد وڌيڪ آهي. البته هن ڇهه ماهيءَ جا سيلز سڀ کان سست ترقي جي عڪاسي ڪن ٿا. حالانڪه ان ۾ عالمي معاشي صورت حال به هڪ عنصر آهي مگر معاشي تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته ٽڪ ٽاڪ به ان جو هڪ سبب آهي.

(هن خبر ۾ شامل مواد رائٽرز تان ورتو ويو آهي)