رسائی کے لنکس

اشرف غني ڏه لک ڊالرن کان به گهٽ رقم پاڻ سان کڻي ويوهو، رپورٽ


سابق افغان صدر اشرف غني (فائيل فوٽو)
سابق افغان صدر اشرف غني (فائيل فوٽو)

امريڪي جانچ ڪندڙن جي رپورٽ مطابق بظاهر اها ڳالهه مبالغه آرائي ٿي لڳي ته جڏهن افغانستان جي سابق صدر ۽ ان جي سينئر صلاح ڪارن ملڪ مان ڀاڄ کاڌي ته سندن هيلي ڪاپٽرن ۾ ڪروڙين امريڪي ڊالر ڀريل هيا. صدر اشرف غني ۽ ان جا ويجها ساٿي اهڙي حال ۾ ملڪ مان ٻاهر نڪتا هيا جڏهن طالبان جنگجو ڪابل کي اچي ويجها ٿيا هيا.

ڪابل ۾ روس جي سفارت خاني سڀ کان اڳ ۾ 16 آگسٽ تي افغان صدر اشرف غني ۽ سندس سينئر معاونين طرفان ملڪ ڇڏي وڃڻ کان هڪ ڏينهن پوءِ افغان نقديءَ جي چوريءَ جا الزام لڳايا ۽ آر آئي نيوز ايجنسيءَ کي ٻڌايو ته سابق صدر نقديءَ سان ڀريل چار موٽر گاڏين ۽ هڪ هيلي ڪاپٽر ذريعي ملڪ مان فرار ٿيو، جنهن جي ماليت 169 ملين ڊالر هئي.

انهن الزامن کي تاجڪستان ۾ افغانستان جي سفير به دهرايو، ليڪن هڪ مهيني کان به گهٽ عرصي اندر هڪ بيان ذريعي اشرف غنيءَ ان الزامن جي ترديد ڪندي انهن کي مڪمل ۽ واضح طور تي غلط قرار ڏنو.

امريڪا جي اسپيشل انسپيڪٽر فار افغانستان ري ڪنسٽرڪشن (سيگار) جي تازي رپورٽ جي عبوري نتائج مطابق، الزام ۽ حقيقت وچ ۾ئي ڪٿي لڪل آهي.

وائس آف امريڪا جي سينئر نمائندي جيف سيلڊن جي رپورٽ مطابق سيگار جي ڊائريڪٽر جنرل جان سوپڪو امريڪا جي چوٽيءَ جي ڪانگريس جي اراڪين جي نالي لکيل خط ۾چيو آهي ته حالانڪه سيگار اهو نتيجو اخذ ڪيو آهي ته صدارتي محل مان ڪجه نقدي کڻي ان هيليڪاپٽر ۾ وڌي وئي. ليڪن شهادتن مان پتو پوي ٿو ته اها رقم هڪ ملين (ڏه لک) ڊالرن کان مٿي نه هئي. ٿي سگهي ٿو ته اها رقم پنج لک ڊالر جي لڳ ڀڳ هجي.

سوپڪو وڌيڪ ٻڌايو ته هن رقم جو زيادو تر حصو افغان حڪومت جي مختلف آپريٽنگ ايجنٽن کان موصول ٿيو جيڪي عام طور تي (صدارتي) محل جي زير انتظام هوندا هيا.

هن ٻڌايو ته وڌيڪ پنج ملين (پنجاه لک) ڊالر به غائب ٿي ويا جيڪي صدارتي محل ۾ رهجي ويا هيا.

بقول هن جي، ان رقم جا ماخذ ۽ مقصد متنازعه آهن. ليڪن هيءَ رقم، هڪ خيال مطابق، هيلي ڪاپٽرن جي رواني ٿيڻ کان پوءِ ليڪن طالبان پاران محل تي قبضي کان اڳ ۾ صدارتي حفاظتي سروس جي ارڪان پاڻ ۾ ورهائي ڇڏي هئي.

سيگار چيو آهي ته اها عبوري رپورٽ سابق افغان صدر اشرف غني جي پاران ڪنهن رد عمل يا وضاحت کان بغير مرتب ڪئي وئي هئي. سيگار پاران موڪليل سوالن جو اڃان تائين جواب نه مليو آهي.

سابق افغان عهديدارن جو موقف

ٽيهن ڪا وڌيڪ سابق افغان اهل ڪارن، جن مجهان ڪافي اهم عهدن تي فائز هيا، پنهنجو رد عمل ڏنو آهي ۽ امريڪي تفتيش ڪارن کي ٻڌايو آهي ته صدارتي محل مان فرار ٿيڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ تقريبا‘ ٽي هيلي ڪاپٽرن ۾سڀ کان وڌيڪ سامان رکرايو ويو هو.

هنن ٻڌايو ته صدارتي حفاظتي سروس جي سربراه جنرل قهار ڪوچائيءَ جي صرف هڪ سوٽ ڪيس ۽ قومي سلامتيءَ جي نائب صلاح ڪار رفيع فاضل جي ملڪيت واري هڪ بيگ ۾ سيگار جي اندازي موجب ٿيلهين ۾ تقريبا‘ چار لک 40 هزار ڊالر رقم رکي وئي هئي. باقي سموري نقدي محل ۾ موجود عهديدارن وٽ هئي.

هڪ سابق اهل ڪار سيگار کي ٻڌايو ته محل ۾ موجود عهديدارن مان هر هڪ پنجن هزارن کان وٺي ڏهن هزار ڊالرن تائين پنهنجي کيسن ۾ وجهي ڇڏيا هيا.

اهو اعتراف ڪجهه سينئر عهديدارن جي بيان کان مختلف ۽ متضاد آهي. قومي سلامتيءَ جي سابق مشير حمد الله محب کان جڏهن ڊسمبر 2021۾ سي اين اين نيوز ڪابل مان نقد رقم کڻي وڃڻ متعلق پڇيو هو ته هن ان سڄي بيان کي رد ڪندي چيو ته بالڪل نه. اسان صرف پنهنجو پاڻ کي اتان ڪڍي وياسين.

گزريل فبروريءَ ۾ محب الله وائس آف امريڪا کي ٻڌايو هو ته هو سيگار جي جانچ ۾ تعاون ڪري رهيو آهي. بقول ان جي، مون سيگار کي ڪيترن ئي بينڪ اڪائونٽس بابت بڌايو آهي ۽ پنهنجن اثاثن جا تفصيل به ٻڌايا آهن.

ان قسم جي ابتدائي تضادات جي باوجود سيگار جي تفتيش ڪارن کي اهڙيون شهادتون گهٽ ئي مليون آهن جيڪي روس جي دعوي کي درست ثابت ڪن ته فرار ٿيڻ وارا افغان حڪام 169 ملين ڊالر رقم پاڻ سان گڏ کڻي ويا هيا.

سيگار جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايڏي وڏي رقم کي لڪائڻ مشڪل آهي، ڇو ته ان رقم جو وزن ٻن ٽنن جي لڳ ڀڳ وڃي ٿيندو.

XS
SM
MD
LG