آمريڪي پرڏيهي وزير اينٽني بلنڪن چيو آهي ته آمريڪا ۽ مرڪزي ايشيائي ملڪن سان ڊگهي عرصي کان ٻه طرفا ناتا آهن، جيڪي انهن ملڪن جي آزاديءَ کان پوءِ قائم ٿيا آهن ۽ انهن تعلقات جو بنياد انهن ملڪن جي آزاديءَ، خودمختياري ۽ انهن جي ٻه طرفي علائقائي يڪجهتيءَ جي لاءِ آمريڪا جي پرزور حمايت تي رکيو ويو.
بلنڪن انهن خيالن جو اظهار اربع جي ڏينهن تاشقند جي هڪ ويب پورٽل ’ڪن ڊاٽ اوز’ جي صحافي، ڊونيئر تخسينوف کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ڪيو.
افغانستان ۾ سيڪيورٽيءَ جي مسئلن ۽ طالبان جي موجوده حڪومت سان ڪنهن رابطي جي باري ۾ هڪ سوال جو جواب ڏيندي، هن چيو ته طالبان سان آمريڪا جو رابطو آهي ۽ اهو رابطو افغانستان تي طالبان جي قبضي کان پوءِ ٿيو ۽ ٻيا ملڪ به ان سان رابطي ۾ رهندا آهن.
ليڪن هن چيو ته افغانستان تي قبضي جي وقت ٻين ڳالهين کان سواءِ طالبان ڪجهه وعدا ڪيا هيا ته هو ڪهڙيءَ ريت ملڪ تي حڪومت ڪندا ۽ ٻين ملڪن سان ڪيئن رابطي ۾ رهندا.
بلنڪن چيو ته طالبان جي حڪومت جي آغاز کان ئي دنيا جي ملڪن گڏيل قومن جي اداري جي سلامتي ڪائونسل ۾ هڪ قرارداد ۾ واضح ڪيو ته اهي طالبان کان ڪهڙيون اميدون رکندا آهن، جن ۾ انساني حقن، خاص طور تي عورتن ۽ نينگرين جي حقن جو تحفظ، جامع طرز جي حڪمراني
جنهن ۾ رڳو طالبان شامل نه هجن، ماڻهن جي لاءِ هلڻ ڦرڻ جي آزادي ۽ کين افغانستان ۾ سندن مرضيءَ جي مطابق اچڻ وڃڻ جي اجازت ۽ دهشت گردي ۽ انتها پسنديءُ جي خلاف ڪاروائي شامل آهي، چاهي جتي به هجن ۽ جنهن جون جڙون افغانستان ۾ هجن.
ليڪن آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته ان کان پوءِ اسان جيڪو ڪجهه ڏٺو اهو هيءُ آهي ته طالبان ان جي بالڪل مخالف پاسي ڏانهن وڃي رهيا آهن. ڪو به وعدو پورو نه ٿا ڪن.
هن چيو ته آمريڪا افغانستان کي انساني همدرديءَ جي امداد فراهم ڪرڻ وارن مان پهرئين نمبر تي آهي، ڇو ته اسان نه ٿا چاهيون ته اهي ڏکيائي ڏسن، جڏهن ته اهي تڪليف ۾ آهن.
هن چيو ته اسان پوري ڪوشش ڪئي آهي ته افغانن کي خوراڪ، دوائون ۽ بنيادي ضرورت جون شيون فراهم ٿين.
ليڪن، هن چيو ته طالبان انساني ضرورت جي امداد پهچائڻ جي سلسلي ۾ عورتن جي شموليت تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، جنهن جي ڪري معاملو وڌيڪ مشڪل ٿي ويو آهي ۽ انهن سمورن معاملن ۾ حالتون خراب ٿيون آهن، بهتر نه ٿيون آهن.
(وي او اي نيوز)