رسائی کے لنکس

گڏيل اعلان جاري ڪرڻ کان سواءِ، جي 20 پرڏيهي وزيرن جو اجلاس پڄاڻيءَ تي پهتو


اربع ڏينهن ’جي 20 ’ جي اجلاس ۾ ڀارت جو پرڏيهي وزير جي شنڪر تقرير ڪري رهيو آهي. 2 مارط 2023.
اربع ڏينهن ’جي 20 ’ جي اجلاس ۾ ڀارت جو پرڏيهي وزير جي شنڪر تقرير ڪري رهيو آهي. 2 مارط 2023.

يوڪرين جي جنگ تي اولهه وارن ملڪن ۽ روس جي وچ ۾ سخت اختلافن جي ڪري ٺوس معيشتن جي 20 ملڪن جي گروپ جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ اتفاق رائي پيدا نه ٿي سگهيو، ۽ اجلاس ڪنهن گڏيل اعلان کان سواءِ ئي ختم ٿي ويو، ڇو ته ٻنهين ڌرين هڪ ٻئي کي يوڪرين جنگ جي بحران جو ذمي دار قرار ڏنو.

خميص ڏينهن اجلاس پوري ٿيڻ تي ڀارت پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته ’’ڪيترن ئي ميمبرن يوڪرين ۾ جنگ جي شديد مذمت ڪئي’’ ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ’’هيءَ جنگ بي پناه انساني مسئلن جو ڪارڻ بڻجي رهي آهي ۽ عالمي معيشت ۾ موجود هيڻائين ۾ واڌاري جو سبب بڻجي رهي آهي’’.

ڀارت جي پرڏيهي وزيرسبرامنيم جي شنڪر چيو آهي ته نئين دهليءَ ۾ ٿيڻ واري اجلاس ۾ يوڪرين جي جنگ جي باري ۾ اختلافي نقطه نظر جي ڪري گڏيل بيان جاري نه ٿي سگهيو.

آمريڪي پرڏيهي وزير، اينٽني بلنڪن چيو ته جي 20 اجلاس روس جي يوڪرين جي خلاف بنا ڪنهن هشيءَ جي ۽ بي سبب جنگ ڇيڙڻ ۽ اهداف کي ڄاڻي ٻجهي تباه ڪرڻ جي مهم جاري رکي آهي. هن چيو ته اسان بين الاقوامي امن ۽ اقتصادي استحڪام جي خاطر روس کان جارحيت تي ٻڌل هن جنگ کي بند ڪرڻ جو مطالبو جاري رکڻ تي زور ڏيون ٿا.

روسي پرڏيهي وزير، سرگئي لاوروف چيو ته ’’اولهه جي ملڪن جا وفد جي 20 ايجنڊا تي ڪم کي تماشي ۾ بدلي ڇڏيو آهي. اهي معيشت ۾ پنهنجي ناڪامين جي ذمي داري روس تي وجهڻ گهرن ٿا’’.

هن اولهه جي ملڪن کي يوڪرين جي اناج جي برآمد جي اجازت ڏيڻ جي معاهدي کي ناڪام بنائڻ جو ذمي دار قرار ڏنو.

بلنڪن جي 20 اجلاس جي موقعي تي پنهنجي روسي هم منصب لاوروف سان به مختصر ملاقات ڪئي. هيءَ ملاقات ڏهن منٽن کان به گهٽ رهي. آمريڪي پرڏيهي محڪمي جي هڪ عمل دار جي مطابق، هن ملاقات ۾ هنن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جيترو به وقت لڳي واشنگٽن يوڪرين جي دفاع ۾ان جو ساٿ ڏيندو رهندو.

وزير اعظم نريندر موديءَ اجلاس جي آغاز تي شريڪ ملڪن سان وڊيو خطاب ڪيو. هن چيو ته ’’دنيا جي اهم معيشتن جي طور تي اسان تي انهن ماڻهن جي به ذمي داري آهي جيڪي هن ڪمري ۾ موجود ناهن’’.

ڀارتي وزير اعظم چيو ته دنيا ترقيءَ جي لاءِ اقتصادي ۽ قدرتي آفتن سان نبرڻ جي لاءِ، مالي استحڪام، بدعنواني، دهشت گردي، خوراڪ ۽ توانائيءَ جي تحفظ جهڙن معاملن سان نبرڻ جي لاءِ جي 20 ڏانهن واجهائي رهي آهي.

ڀارت يوڪرين جي تنازعي تي پنهنجي غير جانبدارانه موقف برقرار رکيو آهي ۽ صرف ايترو چيو آهي ته ’’هيءُ جنگ جو دور ناهي’’.

پابندين جي حوالي سان ڀارت اولهه وارن ملڪن سان شامل نه ٿيو آهي ۽ هن روس کان تيل جي خريداري واڌئي ڇڏي آهي.

ڀارت جو مقصد جي 20 گروپ جي پنهنجي صدارت کي عالمي سطح تي وڌيڪ ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪرڻ تي لڳل آهي، ۽ هو اهڙا معاهدا ڪرڻ گهري ٿو جيڪي ترقي ڪندڙ دنيا کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهن.

ان کان اڳ پوئين هفتي، جي 20 جي خزاني واري وزيرن جو اجلاس ٿيو جنهن جي ميزباني ڀارت ڪئي هئي. يوڪرين جنگ تي اختلافن جي ڪري اهو به گڏيل بيان جاري ڪرڻ کان سواءِ پورو ٿيو.

جي 20 جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس جي موقعي تي ڀارت ۽ چين جي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ به ملاقات ٿي، جنهن کي تجزيه ڪار ٻنهين ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وارن ناتن جي برف پگهرجڻ جي اشاري طور ڏسي رهيا آهن.

ڀارتي پرڏيهي وزير جي شنڪر چيو آهي ته ٻه طرفن ناتن کي درپيش چيلينج، خاص طور تي سرحدي علائقن ۾ امن قائم ڪرڻ تي لڳل آهن.

(انجنا پسريچا، وي او اي نيوز)

XS
SM
MD
LG