رسائی کے لنکس

چين جي دفاعي بجيٽ ۾ واڌ، 225 ارب ڊالر منظور ڪرڻ جو اعلان


بيجنگ ۾ نيشنل پيپلز ڪانگريس جي افتتاحي اجلاس ۾ عهدو پورو ڪندڙ وزير اعظم لي ڪي چيانگ سالياني رپورٽ پيش ڪندي. 5 مارچ 2023.
بيجنگ ۾ نيشنل پيپلز ڪانگريس جي افتتاحي اجلاس ۾ عهدو پورو ڪندڙ وزير اعظم لي ڪي چيانگ سالياني رپورٽ پيش ڪندي. 5 مارچ 2023.

چين چيو آهي ته هن کي ٻاهران کان ڪجھ خطرا درپيش آھن جن کي نظر ۾ رکندي ھو سال جي دفاعي اخراجات لاءِ بجيٽ ۾ 225 ارب ڊالر (15 کرب 50 ارب يوان) منظور ڪندو .

چين گزريل سال پنهنجي دفاعي بجيٽ ۾ 7.1 سيڪڙو اضافو ڪيو ھو. جڏهن ته هن سال اهو واڌارو 7.2 سيڪڙو آهي. ٻڌايو ٿو وڃي ته چين جو ٽن سالن دوران دفاعي خرچ ۾ اھو سڀ کان وڏو اضافو آھي.

خبر ايجنسي، اي ايف پيءَ موجب چين جو دفاعي خرچ اڃا به آمريڪا جي مقابلي ۾ گهٽ آهي. آمريڪا هن سال بچاءُ لاءِ 800 ارب ڊالر کان وڌيڪ رقم تجويز ڪئي آهي.

چين ھڪ اهڙي وقت ۾ پنهنجو دفاعي بجيٽ وڌائي رهيو آهي جڏهن هن سال ھُن معاشي ترقيءَ جو هدف رڳو 5 سيڪڙو مقرر ڪيو آهي، جيڪو ڪيترن ئي ڏهاڪن ۾ سندس سڀ کان گهٽ هدف آهي.

ملڪ جي دفاعي بجيٽ ۾ واڌ جو اعلان اهڙي وقت آڏو آيو آهي جڏهن چيني پارليامينٽ جو ساليانو اجلاس ٿي رهيو آهي. ھڪ علامتي پارليمان طور اھو ايوان ملڪ جي طاقتور ترين شخصيت صدر شي جن پنگ جي صدارت جي ٽئين مدي جو به فيصلو ڪندو.

چين جي اڳوڻي وزيراعظم لي ڪي چيانگ نيشنل پيپلز ڪانگريس (اين پي سي) جي نمائندن کي ٻڌايو ته چين تي پرڏيھ کان دٻاءُ وجھڻ جي ڪوشش وڌي رهي آهي.

بيجنگ ۾ ’گريٽ هال آف دي پيپل’ ۾ هزارين وفدن آڏو حڪومت جي ڪارڪردگيءَ جي رپورٽ پيش ڪندي هن چيو ته فوجن جي تربيت کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي جڏهن ته مختلف فوجي شعبن ۾ تياري تي پڻ ڌيان ڏيڻو پوندو.

بيجنگ جي اعلان ڪيل دفاعي بجيٽ متعلق مبصرن جو چوڻ آهي ته چين فوجي شعبي ۾ سرڪاري طور اعلان ڪيل رقم کان به گهڻو خرچ ڪندو آهي.

چين جي دفاعي بجيٽ ۾ واڌ اهڙي وقت ۾ ٿي آهي جڏهن بيجنگ ۽ واشنگٽن جا لاڳاپا انتهائي ڇڪتاڻ جو شڪار آهن.

گزريل ڪجهه سالن دوران آمريڪا ۽ چين وچ ۾ واپار، انساني حقن ۽ ڪجهه ٻين معاملن تي ڳالهيون ٿيون آهن، پر ان ھوندي به ٻنهي جي لاڳاپن ۾ گزريل ڪجهه مهينن کان سانت ڇانيل آھي. اهڙي صورتحال ۾ آمريڪا تازو ئي چين جو مبينه طور جاسوسي لاءِ اڏامندڙ ڦوڪڻو به ماري ڪيرايو آھي.

XS
SM
MD
LG