رسائی کے لنکس

سعودي يونيورسٽين ۾ ’يوگا’ کي روشناس ڪرائڻ جي لاءِ معاهدن جو اعلان


يوگا
يوگا

سعودي عرب ۾ يوگا کي روشناس ڪرائڻ جي لاءِ هڪ وڌيڪ اهم قدم جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ ملڪ جي يونيورسٽين ۾ به جسماني ۽ ذهني صحت جي لاءِ فائديمند خيال ڪيل هن سرگرميءَ ۾ واڌ ايندي.

گاديءَ واري هنڌ، رياض ۾ اربع تي ٿيڻ واري هڪ اجلاس دوران سعودي يوگا ڪاميٽيءَ جي صدر نوف المروعي اعلان ڪيو ته سموري ملڪ جي وڏن تعليمي ادارن ۾ يوگا کي روشناس ڪرائڻ لاءِ معاهدا ڪيا ويندا.

خبرن جي سعودي اداري، ’عرب نيوز’ مطابق، يوگا ڪاميٽيءَ جي صدر نوف المروعيءَ چيو آهي ته يوگا جا ڪلاس شروع ڪرڻ جو فيصلو ’ويزن 2030’ جي تحت يونيورسٽي اسپورٽس ۾ يوگا جي اهميت کي سامهون رکندي ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته يوگا جسماني ۽ ذهني صحت جي لاءِ فائديمند آهي.

راندين جي وزارت ۽ سعودي يوگا ڪاميٽيءَ گزريل ڪجهه عرصي کان سعودي عرب ۾ يوگا جي واڌاري لاءِ مختلف قدم کنيان آهن. راندين جي سعودي وزرات ۽ اولمپڪ ڪميونٽيءَ 16 مئي 2021 تي يوگا جي واڌاري جي لاءِ سعودي يوگا ڪاميٽيءَ جو پيڙهه جو پٿر رکيو هو.

سندس بانين ۾ سعودي عرب جي اولين سند يافتا يوگا انسٽرڪٽر، نوف المروعي به شامل آهي جيڪا ان ڪاميٽيءَ جي اڳواڻي ڪري رهي آهي. ڀارت جي حڪومت يوگا کي فروغ ڏيڻ جي خدمتن جي عوض 2018 ۾ نوف المروعي کي سول اعزاز ’پدما شري’ سان به نوازيو هو.

پوئين سال 29 جنوريءَ تي ڪنگ عبدالله اڪنامڪ سٽيءَ ۾ سعودي عرب جي راندين جي وزارت ۽ يوگا ڪاميٽيءَ ملڪ جو پهريون ’يوگا فيسٽيول’ منعقد ڪرايو هو. چئن ڏينهن تائين جاري رهڻ واري ان فيٽيول ۾ تقريبا 1000 ماڻهو شريڪ ٿيا هيا.

مارچ 2022 ۾ سعودي يوگا ڪاميٽيءَ اعلان ڪيو هو ته سموري ملڪ جي اسڪولن ۾ يوگا کي بطور راند متعارف ڪرايو ويندو. ان کان اڳ 2017 ۾ سعودي عرب جي واپار واريءَ وزارت يوگا کي راند جي طور تي سيکارڻ جي منظوري ڏني هئي.

ملڪ اندر يوگا کي تعليمي ادارن ۾ روشناس ڪرائڻ سان گڏ سعودي عرب ٻين عرب ملڪن ۾ به يوگا ۽ راندين جي ٻين سرگرمين کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي.

نوجوانن ۾ يوگا سميت راندين جي سرگرمين متعلق ’عرب يوٿ امپاورمينٽ پروگرام’ هيٺ هڪ اجلاس سڏايو ويو هو جنهن گزريل ڊسمبر ۾ سعودي يوگا ڪاميٽيءَ جي سهاري هيٺ 11 عرب ملڪن سان تعلق رکڻ وارن نوجوانن شرڪت ڪئي هئي، جن ۾ متحده عرب امارات، يمن، فلسطين، مصر، ليبيا، الجيريا، مراڪش، تيونس ۽ مورطانيا شامل آهن.

سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان ’ويزن 2030’ جي نالي تي اصلاحات شروع ڪيون آهن جن هيٺ سعودي عرب پاڻ کي ترقيءَ ۽ جدت جي راه تي هلائڻ گهري ٿو. سعودي عرب جي سياحت کي پرڪشش بنائڻ ۽ جديد شهر وسائڻ جو منصوبو به ’ويزن 2030’ ۾ شامل آهي.

انهن اصلاحات هيٺ عورتن کي ڊرائيونگ جي اجازت ڏيڻ ۽ عوامي هنڌن تي عبايا جي پابندي ختم ڪرڻ سميت راندين ۽ ثقافتي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ ڪيترا ئي قدم کنيان پيا وڃن. ليڪن، شهري ۽ انساني حقن جا مختلف گروپ سعودي عرب ۾ اظهار جي آزاديءَ سميت ڪيترن ٻين شهري آزادين جي صورت حال تي تنقيد ڪندا آهن.

XS
SM
MD
LG