عالمي بينڪ جو نئون اڳواڻ اجي بنگا ڀارت ۾ پيدا ٿيو هو. هن ڀارتي تعليمي ادارن مان تعليم ورتي ۽ ڀارت ۾ ئي پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. ان ڪري، تجزيه ڪارن چيو آهي ته ان پس منظر جي ڪري هو ترقي ڪندڙ ملڪن کي آڏو ايندڙ چيلينجن کي سولائيءَ سان پرکي سگهي ٿو جنهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي بينڪ مدد ڪندي آهي.
بنگا عالمي بينڪ جي موجوده صدر ڊيوڊ مالياس جي جاءِ وٺندو جنهن کي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مقرر ڪيو هو. مالياس ٻڌايو ته پنهنجي عهدي جو مدو پورو ٿيڻ کان هڪ سال اڳ هو استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو.
عالمي بينڪ دنيا جي سڀني کان وڏي ۽ جهوني ترقياتي بينڪ آهي جنهن جا 189 ملڪ ميمبر آهن. ان عالمي مالياتي اداري جو مشن ’غربت ۾ ڪمي آڻڻ’ ۽ ’ترقي ڪندڙ دنيا ۾ خوش حالي عام ڪرڻ’ آهي.
موسمياتي تبديليءَ جو خطرو ان بينڪ جي ڌيان جو مرڪز رهيو آهي ۽ عالمي بينڪ ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ آب و هوا جي تبديليءَ جو مقابلو ڪرڻ جي پروگرامن جي لاءِ سڀ کان وڏي فائنانسر جي طور تي به ڪم ڪندي رهي آهي.
اجي بنگا هن وقت هڪ خانگي اڪوئٽي ڪمپني، ‘جنرل ايٽلانٽڪ’ جو نائب چيئرمين آهي ۽ هو ڪاروباري ناتن ۾ 30 سالن کان وڌيڪ تجربو رکي ٿو. ان کان علاوه هو ماسٽر ڪارڊ جو ’سي اي او’ ۽ آمريڪي ريڊ ڪراس، ڪرافٽ فوڊز ۽ ڊائو ڪارپوريشن جي بورڊ تي به رهي چڪو آهي.
خزاني واري آمريڪي وزير جينيٽ ييلن بنگا جي صلاحيتن جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته عالمي بينڪ جي تاريخ جي هن نازڪ موڙ تي هن ۾ گهربل انتظامي صلاحيتون، پس منظر ۽ مالياتي مهارتون موجود آهن.
بنگا جو پيءُ ڀارتي فوج ۾ اهل ڪار هيو. اجي بنگا 1959 ۾ پيدا ٿيو ۽ ڀارت جي مکيه تعليمي اداري مان تعليم ورتائين. 1990 جي ڏهاڪي ۾ جڏهن ڀارت پنهنجي معيشت جا دروازا ’ملٽي نيشنل ڪارپوريشنز’ جي لاءِ کوليا ته بنگا کي انهن ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو.
سنه 2000 جي ڏهاڪي جي شروع ۾ آمريڪا اچڻ کان پوءِ بنگا کي ڪارپوريٽ دنيا ۾ اعليٰ عهدن تي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو جن ۾ ماسٽر ڪارڊ، ايڪسيس، ٽيماسڪ ۽ وڏيون هولڊنگ ۽ آٽو موبائل ڪمپنيون شامل آهن.
ڀارت جي معاشي ترقيءَ تي ڌيان ڏيندڙ هڪ ٿنڪ ٽينڪ، ’آبزرور رسرچ فائونڊيشن’ آمريڪا جي هڪ سينئر فيلو، انيت مڪرجي عالمي بينڪ ۾ اجي بنگا کي مقرر ڪرڻ کي ڀارت جي لاءِ قابل فخر قرار ڏنو آهي.
هن چيو ته ڀارت ۾ وڌڻ ويجهڻ وارو بنگا ممڪن طور تي ترقي ڪندڙ ملڪن کي درپيش مسئلن کي سمجهي ٿو ۽ اهو به واضح آهي ته هو سموري دنيا جي مارڪيٽن کي به ڄاڻي ٿو. هن کي گهڻ رخي ترقياتي بينڪن ۾ سڌارن جي لاءِ ڪم ڪرڻ جو تجربو آهي.
عالمي بينڪ ۽ بين الاقوامي مالياتي فنڊ جي نگراني ڪرڻ واري ’بريٽن ووڊس پراجيڪٽ’ جي رابطي ڪار، لوئي ويريا ان روايت کي غير منصفاڻو قرار ڏنو آهي، جنهن هيٺ عام طور تي عالمي بينڪ جي اڳواڻ کي مقرر ڪرڻ جو فيصلو آمريڪا، آئي ايم ايف جو اڳواڻ ۽ يورپ ڪندو آهي. هن چيو ته بنگا انهن بنيادي شرطن تي پورو لهي ٿو، جيڪي عالمي بينڪ جي سربراه جي طور تي طئي ڪيل آهن.
(هن خبر جا تفصيل ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتل آهن)