رسائی کے لنکس

هندو ديوتا جي مبينه بي حرمتي، سنڌ ۾ صحافيءَ جي خلاف مذهب جي توهين جو ڪيس


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

سنڌ پوليس ميرپورخاص شهر سان واسطورکندڙ مڪاني ٽي ويءَ سان لاڳاپيل هڪ صحافيءَ کي توهين مذهب ۽ ڏڦيڙ ڦهلائڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس بلوچي زبان جي خانگي نيوز چينل ’وش’ سان تعلق رکندڙ صحافيءَ اسلم بلوچ جي خلاف هندو ديوتا جي بي حرمتي ۽ ان جي ايڊٽ ٿيل تصوير تي هڪ سياسي اڳواڻ جي تصوير سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪرڻ ۽ ان کي واٽس ايپ گروپ تي شيئر ڪرڻ جي الزام ۾ مقدمو درج ڪيو آهي.

مقدمي ۾ پاڪستان پينل ڪوڊ جا قلم 295 اي ۽ 153 لڳايا ويا آهن.

درخواست ڪندڙ موقف اختيار ڪيو آهي ته هن موبائيل فون تي فيس بڪ پوسٽ ۽ هڪ واٽس ايپ گروپ ۾ اسلم بلوچ جي موڪليل هڪ تصوير ڏٺي آهي جنهن ۾ هندو مت جي وڏي اوتار شري هنومان جي تصوير کي ايڊٽ ڪري شيئر ڪيو ويو آهي.

ان ايڊٽ ٿيل تصوير کي شيئر ڪرڻ جي ڪري هندو مذهب جي مڃڻ وارن جي دل آزاري ٿي آهي ۽ سماج ۾ مذهبي هڪ جهڙائي جي جذبي کي نقصان پهتو آهي.

حالانڪه اسلم بلوچ واقعي کان ترت ئي پوءِ پنهنجي عمل تي معافي گهري هئي، پر مقدمي ۾ پوليس تڪڙي ڪاروائي ڪئي ۽ انهن الزامن جي ڏوهه ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو.

وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي، ’لوهاڻا هندو پنچائيت’ جي نائب صدر ۽ مقدمي جي شڪايت ڪندڙ رميش ڪمار چيو آهي ته سندس شڪايت جو مقصد اهو آهي ته هندو مت ئي نه بلڪه سڀني مذهبن جو احترام ڪرڻ کپي.

هن چيو ته هن تصوير شائع ٿيڻ جي ڪري هندو ڪميونٽيءَ جا جذبات مجروح ٿيا آهن. ليڪن هن ان واقعي ۾ انتظاميا جي ڪردار کي ساراهيو آهي ۽ چيو آهي ته پوليس شڪايت کي داخل ڪرڻ ۾ سهڪار ڪيو.

وڪيل، سول سوسائٽيءَ جا ڪارڪن ۽ پاڪستان هندو پنچائيت ڪائونسل جي جنرل سيڪريٽريءَ روي ڏاواڻيءَ به ان واقعي ۾ انتظاميا جي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ رهندڙ لکين هندن کي تحفظ جو احساس ٿيندو.

هن ان ڳالهه کي ورجايو ته هندو ديوتائن ۽ مندرن جي بي حرمتي ڪرڻ وارن جي خلاف ماضيءَ ۾ به مذهب جي توهين جي قانونن کي لاڳو ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته ڪجهه ورهه اڳ ڏهرڪيءَ ۾ به هڪ واقعي ۾ مندر کي نقصان پهچايو ويو هو. ليڪن ان وقت به ملزم کي ستت ئي پوءِ گرفتار ڪيو ويو هو.

روي ڏاواڻيءَ وڌيڪ چيو ته هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته پوليس ان ڪيس ۾ شهادتون ڪيئن ٿي ڪٺيون ڪري، ملزم جي خلاف ثبوت سان ڪيس عدالت ۾ ڪيئن ٿي پيش ڪري.

هوڏانهن صحافي اسلم بلوچ جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان صحافت سان لاڳاپيل آهي ۽ عام طور تي هو هندن جي پروگرامن ۾ ڀرپور شرڪت ڪندو رهيو آهي.

صحافيءَ جي پريس ڪلب جي رڪنيت خارج

ٻئي پاسي، ميرپورخان پريس ڪلب جي صدر نذير احمد پنهور ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته اسلم بلوچ جي پريس ڪلب جي رڪنيت خارج ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته ميرپور خاص پريس ڪلب جي گورننگ باڊيءَ جي اجلاس ۾ ان عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته اسلم بلوچ پاران ڄاڻي ٻجهي اهو ڪڌو ڪم ڪيو ويو ۽ مذهبي رواداري، ملڪي آئين ۽ قانون جي کلي ڀڃ ڪڙي ڪئي وئي.

(محمد ثاقب جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG