رسائی کے لنکس

صوبائي اسيمبلين جي چونڊن ۾ دير، اليڪشن ڪميشن کان جواب گهريو ويو


سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پنجاب ۾ اليڪشن آڪٽوبر تائين پوئتي ڪرڻ جي خلاف داخل درخواست تي لارجر بينچ ٺاهي وفاقي حڪومت، خيبرپختونخوا ۽ پنجاب جي گورنرن کي نوٽيس جاري ڪيا آهن، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن کان به جواب طلب ڪيو ويو آهي.

تحريڪ انصاف جي درخواست تي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي اڳواڻيءَ ۾ پنج رڪني لارجر بينچ ڪيس ٻڌڻ جي لاءِ قائم ڪيو ويو آهي. بينچ جي ٻين ججن ۾ جسٽس اعجاز الحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل شامل آهن.

سپريم ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف جي پاران داخل درخواست ۾ عدالت کي التجا ڪئي وئي آهي ته اليڪشن ڪميشن جي اٺين آڪٽوبر تي اليڪشن ڪرائڻ جي اعلان کي ناجائز قرار ڏنو آهي.

درخواست ۾ عدالت کي اپيل ڪئي وئي آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم جي مطابق، 30 اپريل تي ئي پنجاب ۾ چونڊون ڪرايون وڃن.

درخواست تي ٻڌڻي شروع ٿي ته پي ٽي آءِ جي وڪيل علي ظفر عدالت ۾ پيش ٿيو.

خيال رهي ته گورنر خيبرپختونخوا حاجي غلام عليءَ صوبي ۾ 28 مئي تي انتخابات ڪرائڻ جي تاريخ ڏني، ليڪن ان کان پوءِ پوئين هفتي هن چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکيو ته صوبي ۾ اٺين آڪٽوبر تي اليڪشن ڪرايا وڃن.

گورنر صوبي ۾ اليڪشن پوئتي ڪرڻ جو سبب امن امان جي صورت حال کي قرار ڏنو هو. ان حوالي سان هينئر تائين ڪا پيش رفت سامهون نه آئي آهي.

سومر جي عدالتي ڪاروائيءَ دوران سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اليڪشن جي تاريخ کي وڌايو ويو آهي. ان سان گڏ اهو به پڇيو ته ڇا آئين تاريخ وڌائڻ جي اجازت ڏئي ٿو؟

جسٽس جمال مندوخيل چيو ته صدر به اليڪشن جي تاريخ 90 ڏينهن کان اڳتي جي ڏني آهي.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته تمام افسوسناڪ صورت حال آهي جو ڌريون وکو وک آهن.

سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف ۽ حڪومت کان به يقين دهاني گهري آهي. چيف جسٽس چيو ته تحريڪ انصاف ۽ حڪومت يقين دهاني ڪرائن ته اهي شفاف چونڊون چاهن ٿيون يا نه؟

بعد ۾ سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي اڱاري ڏينهن صبح جو يارهين وڳي تائين ملتوي ڪئي.

سپريم ڪورٽ وفاق، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي حڪومتن کي چيف سيڪريٽرين جي ذريعي نوٽيس جاري ڪيا آهن.

ان سان گڏ اليڪشن ڪميشن کي به نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي ۽ ان کان جواب گهريو ويو آهي.

خيال رهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي اليڪشن ڪميشن هلندڙ مهيني ئي پنجاب ۾ چونڊن جي لاءِ 30 اپريل جي تاريخ جو شڊول جاري ڪيو هو.

پوئين هفتي اليڪشن ڪميشن صوبائي اسيمبلين جي ايندڙ مهيني واريون چونڊون هلندڙ سال آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيون هيون. ڪميشن انتخابي عمل ۽ امن امان کي يقيني بنائڻ جي لاءِ قانون نافذ ڪرڻ وارن عمل دارن جي دستياب نه ٿيڻ کي جواز پيش ڪيو آهي.

XS
SM
MD
LG