رسائی کے لنکس

رياست جي رِٽ قائم ڪرڻ لاءِ پوليس کي اختيار ڏنو ويو آھي: محسن نقوي


زمان پارڪ، لاهور. 18 مارچ 2023 (فائيل فوٽو)
زمان پارڪ، لاهور. 18 مارچ 2023 (فائيل فوٽو)

پنجاب جي نگران حڪومت ”تشدد کي منهن ڏيڻ ۽ رياست جي رِٽ قائم ڪرڻ“ لاءِ پوليس کي مڪمل اختيار ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقويءَ سومر ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن دوران لاهور ۾ جيڪا "دهشتگرديءَ" ٿي ان بابت ھڪ گڏيل جاچ ٽيم جوڙي پئي وڃي، جنهن جو نوٽيفڪيشن شام تائين جاري ٿي ويندو، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن کي به سموري صورتحال کان آگاهه ڪري رھيا آهيون.

ھن تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي زمان پارڪ واري گھر ٻاهران پوليس ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي ٽڪراءُ جو ذڪر ڪندي چيو ته هِن وقت رياست جي حڪمراني ڏاڍي ضروري آهي، ۽ اهو ٻڌائڻ جي ضرورت آهي ته رياست موجود آهي.

نگران وڏي وزير چيو ته ايليٽ فورس جي گاڏيءَ کي روڪي واهه ۾ اڇلايو ويو، پوليس جي گاڏي واهه ۾ اڇلي وڃي ته پوءِ رياست جي رٽ باقي ڇا رهي، پر هاڻي حڪومت جي رٽ قائم ٿيندي، ۽ پوليس ڏانھن وڌندڙ ھٿ ڀڃي ڇڏيندا سين.

محسن نقويءَ چيو ته ’’زمان پارڪ ٻاهران جيڪو ڪجهه ٿيو اهو سياسي ڪارڪنن جو ڪم ناهي. سڀني کي خبر آهي ته عمران خان جي گهر ۾ ڪير ڪير آهي’’.


واضح رهي ته اسلام آباد پوليس گذريل هفتي توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ٿيڻ کان پوءِ عدالتي حڪم تي عمل ڪرڻ لاءِ زمان پارڪ پهتي هئي، جتي پوليس ۽ پي ٽي آئي ڪارڪنن وچ ۾ چڪريون ٿيون، ۽ اھو سلسلو لڳ ڀڳ پورو هفتو ھلندو رهيو.

پنجاب جي نگران وڏي وزير چيو ته هو پنهنجي پوليس فورس سان گڏ بيٺل آهي، ۽ ھن انسپيڪٽر جنرل (آئي جي) پنجاب پوليس کي مڪمل اختيار ڏئي ڇڏيا آهن.

سندس چوڻ هو ته ”هاڻي جيڪڏهن پوليس تي هٿ کنيو ويو ته اهڙو جواب ڏينداسين جو رياست نظر اچي ويندي‘‘.

محسن نقويءَ چيو ته ’’عمران خان پوليس کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. جيڪڏهن هو ڪارڪنن کي پوليس تي تشدد ڪرڻ لاءِ ھمٿائيندو ته اهو ڪم نه ھلندو، جيڪڏهن کيس پوليس تي اعتبار ناهي ته پنجاب پوليس جي سيڪيورٽي واپس ڪري ڇڏي’’.

پنجاب جي نگران وڏي وزير جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاريءَ چيو ته ’’اها سمورن شهرين لاءِ کليل ڌمڪي آهي’’. هن چيو ته محسن نقوي ان ڳالھ جو جواب ڏئي ته پوليس ڪهڙي قانون تحت ماڻهن جي گهرن ۾ بنا وارنٽ جي گِھڙي ماڻهن کي هيسائي رهي آهي.

هن چيو ته ’’اها رياست جي رِٽ نه پر جھنگ جو قانون آهي’’.

XS
SM
MD
LG