مٽيءَ مان ٿانون ۽ مجمسا ٺاهڻ واري سعودي فن ڪار، عواطف القينسبط ڳاٽو اوچو ڪري رياض جي هڪ گيلريءَ ۾ داخل ٿي رهي آهي، جتي سندس تيار ڪيل فن پارن جي نمائش جاري آهي.
عواطف ان نمائش جي لڳڻ تي ته خوش آهي، ليڪن پنهنجي فن جي ساراه کان علاوه سندس خوشيءَ جو هڪ ٻيو سبب به آهي، ڇو ته ان خواب جي پوري ڪرڻ ۾ هن کي ڪيترا ئي سال لڳي ويا.
ان کان اڳ سعودي عرب ۾ مذهبي پابنديءَ جي ڪري کيس مجسمن ۽ انساني نقش و نگار وارن فني نمونن جي نمائش جي اجازت نه ملندي هئي.
تازن ورهن دوران ولي عهد محمد بن سلمان جي ڪري ٿيندڙ اصلاحات کي ڏسندي هاڻي ان پابنديءَ ۾ نرمي آئي آهي، جنهن کان پوءِ ان نمائش کان سواءِ ڪيتريون ٻئي ثقافتي سرگرميون ممڪن ٿيون آهن.
سٺ ورهن جي عواطف القينسبط چيو آهي ته ڪو تصور نه پيو ڪري سگهي ته ’ته خانن’ ۾ ٿيڻ وارو فني ڪم هڪ ڏينهن نمائش جي صورت ۾ رياض جي آرٽ گيلريءَ تائين وڃي پهچندو.
هن چيو ته پهريان جڏهن هن پنهنجي فن جي نمائش جي خواهش جو اظهار ڪيو ته چيو ويو هو ته اسلام ۾ ان جي منع آهي. ليڪن هاڻي سعودي عرب جي گاديءَ واري هنڌ جي مرڪز ۾ نمائش هلي رهي آهي.
خبرن جي اداري، رائيٽرز مطابق اسلام جي روايتي تعبير ۽ خاص طور تي سعودي عرب ۾ وهابي نظريات جي بنياد تي مجسما سازي يا مٽيءَ تي انسانن جي شڪلين جا نقش ٺاهڻ اسلامي تعليمات جي نفي خيال ڪيا وڃن ٿا.
ڪي مذهبي عالم اسلام اچڻ کان اڳ جي عربستان ۾ بتن جي عبادت کي به مجسمي سازيءَ تي بندش جي سبب قرار ڏين ٿا.
بيسمينٽ مان گيليريءَ تائين جو سفر
محمد بن سلمان سعودي سماج تي وهابي نظريات جو اثر گهٽايو آهي. هن مذهبي پوليس جي اختيارن کي گهٽايو آهي ۽ عورتن تي لڳل ڊرائيونگ جي پابندي به ختم ڪري ڇڏي آهي.
انهن اصلاحات جي باوجود انساني حقن جي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن ۽ ماڻهن حڪومت جي ناقدين تي ڪريڪ ڊائون ۽ اظهار جي آزاديءَ تي لڳل پابندين جي ڪري سعودي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بنايو آهي.
عواطف آمريڪا کان سکيا ورتي آهي. هن 2009 ۾ پنهنجي فن پارن جي نمائش منعقد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ليڪن حڪومت جي طرفان کيس اجازت نه ڏني وئي هئي.
ان کان پوءِ، هن پنهنجي گهر جي ته خاني ۾ خانگي گيلري شروع ڪئي ۽ پنهنجي دوستن کي سڏائي محدود پيماني تي نمائش منعقد ڪئي هئي.
اڄ سندس تيار ڪيل مجسمن ۽ ٻين فن پارن کي رياض جي مشهور گيليريز ۾ پيش ڪيو پيو وڃي ۽ ان سان گڏ سعودي عرب جا ٻيا فن ڪار به ملڻ واري ان نئين جاڳرتا منجهان لطف وٺي رهيا آهن.
عواطف القينسبط ان نمائش ۾ فن پارا به رکيا آهن جيڪي هن بندش واري ماحول ۾ ٺاهيا هيا. انهن ۾ مٽيءَ مان ٺاهيل چهرن جا نقش به شامل آهن جن کي لوهي زنجيرن ۾ جڪڙيل ڏيکاريو ويو آهي.
هن چيو ته کيس هڪ کان پوءِ ٻي چوٽ لڳندي رهي آهي. سندس چواڻي، ’’منهنجو تعلق سعودي عرب جي اهڙي نسل سان آهي جنهن مڪمل پابندين کان پوءِ مڪمل آزادي ماڻي آهي’’.
هن چيو ته خدا چاهيو ته اسان فن جي ميدان ۾ ستت ئي توازن حاصل ڪري وٺنداسين.
(هن خبر جي لاءِ معلومات رائيٽرز تان ورتي وئي آهي)