رسائی کے لنکس

عيد جي موقعي تي صدر جو بائيڊن ۽ خاتون اول جون مسلمان برادريءَ کي دلي مبارڪون


صدر بائيڊن ۽ خاتون اول جل بائيڊن (فائيل فوٽو)
صدر بائيڊن ۽ خاتون اول جل بائيڊن (فائيل فوٽو)

عيد الفطر جي موقعي تي صدر جو بائيڊن ۽ خاتون اول جل بائيڊن آمريڪا جي مسلمان برادريءَ ۽ دنيا جي مسلمانن کي عيد جون مبارڪون ڏنيون آهن.

پنهنجي بيان ۾ هنن چيو ته رمضان جي مقدس مهيني ۾ مسلمانن روزا رکيا ۽ عيد جو ڏڻ شاندار طرح ملهائي رهيا آهن، جنهن موقعي تي هو پنهنجي گهرن کي سجائيندا آهن، سٺا وڳا پائيندا آهن، سٺا طعام پچائيندا ۽ کائيندا آهن ۽ مٽن مائٽن، دوستن ۽ ساٿين سان ملاقاتون ڪندا آهن.

صدر ۽ جل بائيڊن چيو ته کيس مسلمان برادريءَ جي پاران فراخ دليءَ سان ضرورتمندن جي لاءِ زڪوات الفطر ڏيڻ، چندو ڪٺو ڪرڻ، ۽ سٺا کاڌا تيار ڪري ورهائڻ جي روايت تمام گهڻو وڻندي آهي.

جاري ڪيل ان بيان ۾ صدر ۽ خاتون اول ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان خوشيءَ جي موقعي تي انهن مسلمان ملڪن جي باشندن کي به ياد ڪيو ويندو جيڪي تنازعن جو شڪار آهن يا جتي غربت، بک ۽ بيماري آهي يا اهي جيڪي پنهنجي وطن مان بي دخل ٿيل آهن.

هنن چيو ته خوشيءَ جي هن وقت ضروي آهي ته اسان سڀئي امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششن ۾ هٿ ونڊايون ۽ سمورن انسانن جي حقن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ۽ وقار کي بلند ڪرڻ جي لاءِ جاکوڙ ڪيون.

صدر بائيڊن چيو ته سندس انتظاميا هر قسم جي نفرت جي روئيي خلاف جدوجهد جي لاءِ پرعزم آهي، جنهن ۾’اسلامو فوبيا’ به شامل آهي.سندس بقول، ’’اهو ئي سبب آهي جو ان سلسلي ۾سينئر سرڪاري عهديدارن تي مشتمل مختلف ادارن جي ’ٽاسڪ فورس’ قائم ڪئي وئي آهي، ته جيئن درپيش چيلينجن جو مقابلو ڪيو وڃي، ۽ جامع قومي سوچ کي پروان چڙهائي سگهجي ۽ ان سلسلي ۾ هر آمريڪيءَ جي حوصله افزائي ڪئي ويندي’’.

صدر بائيڊن چيو ته هن سال به وائيٽ هائوس ۾ عيد الفطر جي تقريب ٿيندي، جيڪا انهن مسلمان آمريڪين جي مان ۾ منعقد ٿيندي جيڪي قدر جي قابل ڪوششون اهي ملڪ جي واڌاري جي لاءِ ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته آمريڪي مسلمان زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. هو ليباريٽرين ۾، فيڪٽرين ۾، جديد ٽيڪنالاجيءَ وارن ادارن ۾ آمريڪا جي بهتر مستقبل جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته ’’اهي آرٽسٽ به آهن، سار سنڀال لهڻ وارن ڪمن سان جنبيل آهن، قوم جي تخليقي ۽ ڀلائيءَ وارن شعبن سان واسطو رکن ٿا. اهي استاد به آهن، فائر فائيٽرز به آهن، ڪميونٽيءَ جا ميمبر آهن، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ بهتر سوچ ۽ اتحاد جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن اهي رانديگر، صحافي، ڪميڊين، تعليمدان، اسان جي ملٽريءَ جا قابل فخر ميمبر آهن، ۽ ان کان علاوه اهي آمريڪي معاشري جي ڪيترن ئي شعبن سان لاڳاپيل آهن’’.

صدر بائيڊن چيو هو پاڻ ۽ جل بائيڊن عيد الفطر جي بابرڪت موقعي تي ’’توهان سڀني ۽ توهان جي پيارن کي ’عيد مبارڪ’ پيش ڪيون ٿا’’.

XS
SM
MD
LG