رسائی کے لنکس

نئين کوجنا: بيڪٽيريا جو انفيڪشن دنيا ۾ موت جو ٻيو وڏو سبب


اليڪٽرونڪ مائڪروسڪوپ جي ذريعي بيڪٽيريا جي ورتل تصوير (فائيل فوٽو)
اليڪٽرونڪ مائڪروسڪوپ جي ذريعي بيڪٽيريا جي ورتل تصوير (فائيل فوٽو)

بيڪٽيريا جي انفيڪشنز جي ڪري موت واقع ٿيڻ جي باري ۾ ڪرايل پهرئين عالمي مطالعاتي جائزي مان پتو پوي ٿو ته موت جو ٻيو وڏو سبب جراثيم کان ٿيندڙ انفيڪشن آهي. سال 2019 ۾ هر اٺون موت بيڪٽيريا جي انفيڪشن جي ڪري ٿيو.

اڱاري ڏينهن ’دي لانسيٽ’ ميگزين ۾ ڇپيل هڪ تحقيقي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته دنيا جي 204 ملڪن ۽ خطن ۾ 33 عام بيڪٽيريا، پيٿوجينز ۽ 11 قسمن جي انفيڪشنز جي ڪري ٿيڻ وارين فوتگين جو جائزو ورتو ويو.

محققن کي معلوم ٿيو ته ڪووڊ 19 جي وبا جي آغاز کان هڪ سال اڳ 2019 ۾ ست اعشاريه ست ملين موت يعني دنيا جي مڙني موتن جي 13 اعشاريه 6 في صد جو سبب اهو انفيڪشن هيو جيڪو جراثيم جي ڪري پيدا ٿيو .

ماهرن جو چوڻ آهي ته انهن انگن اکرن مان بيڪٽيريا جي انفيڪشن جي ڪري ٿيڻ واري موت کي دنيا ۾ هلاڪتن جو ٻيو وڏو سبب قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته دنيا ۾ موت جو پهريون سڀ کان وڏو سبب دل جي شريانين جو سڪڙجڻ آهي جنهن ۾ دل جو دورو پوڻ به شامل آهي.

محققن جي مطابق جائزي منجهان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته انهن فوتگين منجهان اڌ جو سبب ٽيٽيهن منجهان رڳو پنج بيڪٽيريا هيا.

انهن پنجن بيڪٽيرياز جا نالا آهن اسٽيفي لوڪوڪس يورئس، اشريڪا اي ڪولائي، اسٽريپٽوڪوڪس نمونيا، ڪلسيلا نمونيا ۽ سوڊوموناس. Staphylococcus aureus، Escherichia coli ،Streptococcus pneumoniae، Klebsiella pneumoniae and Pseudomonas اسٽيفي لوڪوڪس يورئس بيڪٽيريا انساني کل ۽ ناسن جو عام بيڪٽيريا آهي، ليڪن هي ڪيترين ئي بيمارين جو سبب بڻبي آئي، جڏهن ته اي ڪولائي بيڪٽيريا عام طور تي فوڊ پوائزننگ جو ڪارڻ بڻبو آهي.

هي مطالعاتي جائزو جن ۾ دنيا جا هزارين محقق شامل هيا، هڪ گهڻ رخي تحقيقي پروگرام ’گلوبل برڊن آف ڊزيزز’ جي فريم ورڪ جي تحت ڪيو ويو، جنهن کي ’بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن’ مالي مدد فراهم ڪئي هئي.

مطالعي جي شريڪ مصنف ۽ آمريڪا ۾ قائم ’انسٽي ٽيوٽ فار هيلٿ ميٽرڪس اينڊ ايوليوئيشن’ جي ڊائريڪٽر، ڪرسٽوفر مري چيو ته اهي نوان انگ اکر پهريون ڀيرو بيڪٽيريل انفيڪشن سان پيدا ٿيڻ واري عالمي صحت جي چيلنج جي حد کي ظاهر ڪن ٿا.

هن چيو ته انهن نتيجن کي عالمي صحت جي اقدامات جي ريڊار تي رکڻ تمام گهڻي اهميت جو حامل آهي، ته جيئن بيمارين ڦهلائڻ واري ان هاڃيڪار بيڪٽيريا جو وڌيڪ تفصيلي جائزو ورتو وڃي ۽ فوتگين ۽ انفيڪشن جي تعداد ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ مناسب سيڙپ ڪئي وڃي.

هن کوجنا مان غريب ۽ امير خطن جي وچ ۾ واضح فرق جي نشاندهي به ٿئي ٿي.

سب صحارا آفريقا ۾ هر لک ماڻهن منجهان 230 ماڻهن جو موت بيڪٽيريل انفيڪشن جي ڪري ٿئي ٿو، جڏهن ته وڌيڪ آمدنيءَ وارن علائقن ۾ جن ۾ اولهه يورپ، اتر آمريڪا ۽ آسٽريا جا ملڪ شامل هيا، هر لک ماڻهن منجهان بيڪٽيريل انفيڪشن جي ڪري 52 ماڻهن جو موت واقع ٿيو.

کوجنا ڪرڻ وارن موت جي انگن اکرن کي گهٽائڻ لاءِ نئين ويڪسين جي تياريءَ سميت فنڊز ۾ واڌرو آڻڻ جي اپيل ڪئي ۽ غير ضروري اينٽي بائيوٽڪ دوائن جي استعمال جي خلاف به چتاءُ ڏنو.

انفيڪشن کان بچڻ لاءِ تجويز ڪيل اقدامات ۾ هٿ ڌوئڻ شامل آهي.

XS
SM
MD
LG